Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.پطرس 3:15 - Sindhi Bible

15 ۽ اسان جي خداوند جي گهڻي تحمل کي نجات سمجهو؛ جهڙيءَ طرح ڪ اسان جي پياري ڀاءُ پولس اوهان ڏانهن انهيءَ دانائيءَ موجب لکيو آهي جا کيس عطا ٿيل آهي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

15 ياد رکو تہ اسان جي پرڀوءَ جو ڌيرج ماڻهن کي مڪتي حاصل ڪرڻ جو موقعو ٿو ڏئي. اسان جي پياري ڀاءُ پولس بہ ايشور جي بخشيل ڏاهپ موجب اوهان ڏانهن اهڙيءَ طرح ئي لکيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 ياد رکو تہ اسان جي خداوند جو صبر ماڻهن کي ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جو موقعو ٿو ڏئي. اسان جي پياري ڀاءُ پولس بہ خدا جي عطا ڪيل ڏاهپ موجب اوهان ڏانهن اهڙيءَ طرح ئي لکيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

15 اسان جي خداوند جي صبر کي ڇوٽڪارو ڪري سمجھو، جھڙيءَ طرح اسان جي پياري ڀاءُ پولس بہ انھيءَ ڏاھپ سان اوھان ڏانھن لکيو آھي، جيڪا کيس عطا ٿيل آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.پطرس 3:15
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري ڏس، جيئن تو چيو آهي تيئن مون ڪيو آهي: ڏس مون توکي عقل ۽ سمجهہ واري دل ڏني آهي؛ جنهنڪري تو جهڙو ٻيو ڪوبہ ماڻهو توکان اڳي نہ ٿيو، ۽ نہ توکان پوءِ ڪو ٻيو تو جهڙو پيدا ٿيندو.


۽ اها جيڪا عدالت بادشاهہ ڪئي سا سڄي اسرائيل قوم ٻڌي؛ ۽ هو بادشاهہ کان ڊڄڻ لڳا: ڇالاءِ جو هنن ڏٺو تہ عدالت ڪرڻ لاءِ هن ۾ خدا جي ڏاهپ آهي.


۽ خدا سليمان کي سياڻپ ۽ سمجهہ تمام گهڻي ڏني، ۽ سندس دل جي ڪشادگي اهڙي هئي جهڙي واري، جا سمنڊ جي ڪناري تي هوندي آهي.


۽ اي عزرا، تنهنجي خدا جي حڪمت جا تنهنجي هٿ ۾ آهي، تنهن موجب تون حاڪم ۽ قاضي مقرر ڪر، تہ اُهي نديءَ جي هن ڀر جيڪي ماڻهو آهن، تن جي عدالت ڪن، اُهي سڀ اهڙا هجن جي تنهنجي خدا جي شريعت ڄاڻندا هجن، ۽ جيڪو نہ ڄاڻندو هجي، تنهن کي اوهين سيکاريو.


۽ مون هن کي دانائيءَ، سمجهہ، علم ۽ هر ڪنهن قسم جي ڪاريگريءَ ۾ خدا جي روح سان ڀرپور ڪيو آهي،


۽ ڏس مون دان جي قبيلي واري، اخيسمڪ جي پٽ اهلياب کي، هن سان گڏ مقرر ڪيو آهي؛ ۽ سڀني هوشيار ماڻهن جي دلين ۾ هنر وڌو اٿم، انهي لاءِ تہ جنهن جو مون توکي حڪم ڏنو آهي، سو سڀ جوڙي تيار ڪن.


۽ انهي کي دانائي، سمجهہ، علم ۽ هر ڪنهن قسم جي ڪاريگريءَ ۾ خدا جي روح سان ڀرپور ڪيو اٿس.


۽ هن کين دل جي دانائيءَ سان ڀرپور ڪيو آهي، انهي لاءِ تہ هو هر ڪنهن قسم جي ڪاريگري جو ڪم ڪن، يعني اُڪرڻ واري جو، استاد ڪاريگر جو، زردوز جو، آسماني، واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ، ۽ سنهي سڻيءَ جي ڪپڙي ۾ ڀرت ڀرڻ واري جو، اُڻڻ واري جو، بلڪ انهن سڀني جو جيڪي ڪو ٻيو ڪاريگريءَ يا هوشياريءَ جو ڪم ٿا ڪن.


ڇالاءِ جو جنهن ماڻهوءَ مان خدا راضي آهي، تنهن کي هو ڏاهپ، ۽ علم، ۽ خوشي ٿو ڏئي: پر گنهگار کي هو تڪليف ٿو ڏئي تہ هو ميڙي ۽ گڏ ڪري، انهي لاءِ تہ جنهن مان خدا راضي هجي تنهن کي ڏياري. اها بہ بيهودگي آهي ۽ واءُ جي پٺيان ڊوڙڻ آهي.


تڏهن بہ خداوند اوهان تي مهرباني ڪرڻ لاءِ ترسندو؛ ۽ اوهان تي رحم ڪرڻ لاءِ سرفراز ٿيندو: ڇالاءِ جو خداوند عادل خدا آهي؛ جيڪي هنجا منتظر آهن سي سڀ مبارڪ آهن.


ڇالاءِ تہ آئون اوهان کي اهڙي زبان ۽ اهڙي سمجهہ ڏيندس، جو اوهان جي ڪنهن بہ دشمن کي طاقت نہ ٿيندي تہ اوهان جي سامهون ٿئي، يا اوهان کي رد قد ڏيئي سگهي.


سو اسان پاڻ ۾ هم صلاح ٿي مناسب ڄاتو تہ ڪي ماڻهو چونڊي، پنهنجن پيارن برناباس ۽ پولس سان گڏ اوهان ڏانهن موڪليون؛


۽ کيس سڀني مصيبتن کان ڇڏايائين، ۽ دانائي بخشيائينس، سو هو فرعون وٽ قبول پيو، جنهن هن کي مصر ۽ پنهنجي سڄي گهر تي حاڪم ڪيو.


پوءِ حنانياہ اُٿي هليو، ۽ انهي گهر ۾ ويو ۽ مٿس پنهنجا هٿ رکي چوڻ لڳو، تہ ادا شائول، جنهن خداوند يسوع توکي واٽ تي ڏيکاري ڏني هئي، تنهن مون کي موڪليو آهي تہ توکي ڏسڻ جي طاقت ملي، ۽ تون پاڪ روح سان ڀرجي وڃين.


يا تون سندس ڀلائي ۽ تحمل، ۽ صبر جي نعمتن کي حقير ٿو ليکين ڇا، ۽ ايترو نٿو سمجهين تہ خدا جي ڀلائي توکي توبهہ ڏانهن مائل ٿي ڪري؟


ڇالاءِ جو هڪڙي کي روح جي وسيلي سياڻپ جو ڪلام ٿو ملي، ٻئي کي ساڳئي روح موجب علميت جو ڪلام،


انهن ڳالهين جو اسين اهڙن لفظن ۾ بيان نٿا ڪريون، جي ماڻهوءَ جي ڏاهپ ٿي سيکاري، پر اهڙن ۾ جي روح ٿو سيکاري، ۽ روحاني ڳالهين جو روحاني ڳالهين سان مقابلو ٿا ڪريون.


جيڪو خدا جو فضل مون کي عطا ٿيو هو، تنهن موجب مون هڪڙي اُستاد رازي وانگر بنياد وڌو، ۽ ٻيو انهي تي اڏاوت ٿو ڪري. پر هرهڪ ماڻهوءَ کي خبردار رهڻ کپي تہ اهو مٿس ڪيئن ٿو اڏاوت ڪري.


تہ ڪهڙيءَ طرح الهام جي رستي اهو راز مون کي معلوم ٿيو، جيئن مون اڳي مختصر طور لکيو آهي،


تڏهن بہ انهي سبب ڪري مون تي رحم ٿيو، انهي لاءِ تہ يسوع مسيح مون وڏي گنهگار ۾ پنهنجو وڏو فضل ظاهر ڪري، ۽ جيڪي هميشہ جي زندگيءَ جي لاءِ مٿس ايمان آڻيندا، تن جي لاءِ آئون هڪڙو نمونو ٿيان.


پر جي اوهان مان ڪنهن ۾ دانائيءَ جي ڪمي آهي، تہ اُهو خدا کان گهُري، جو سڀني کي بي انداز ٿو ڏئي، ۽ طعنا نٿو هڻي؛ ۽ اُها هن کي ڏني ويندي.


پر جيڪا ڏاهپ مٿان ٿي اچي، سا پهرين تہ پاڪ آهي، پوءِ صلح پسند، حليم، نرم مزاج، رحيم ۽ چڱن ڦلن سان ڀريل، بي ريا ۽ بنا مڪر آهي.


جي اڳي نافرمان هئا، جڏهن نوح جي زماني ۾ خدا تحمل ڪري انتظار ۾ هو، ۽ ڪَشتي تيار پئي ٿي، جنهن ۾ ٿورا ماڻهو، يعني اٺ ڄڻا پاڻيءَ ۾ ٻُڏڻ کان بچي پيا.


تہ جيڪي ڳالهيون پاڪ نبي اڳي ڪري ويا آهن، ۽ خداوند ۽ نجات ڏيندڙ جو حڪم، جو اوهان کي رسولن جي معرفت ڏنو ويو، تن کي ياد رکو.


خداوند پنهنجي واعدي ۾ دير ڪين ڪندو آهي، جيئن ڪي ماڻهو دير جو مطلب ٿا سمجهن؛ پر هو اوهان جي نسبت ۾ گهڻو تحمل ٿو ڪري، جو سندس مرضي نہ آهي تہ ڪوبہ برباد ٿئي، پر چاهي ٿو تہ سڀيئي توبهہ ڪن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ