Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.پطرس 3:14 - Sindhi Bible

14 تنهنڪري، جڏهن انهن ڳالهين جا منتظر آهيو، تڏهن ڪوشش ڪريو تہ هو اوهان کي اطمينان جي حالت ۾ بي عيب ۽ بي داغ ڏسي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 سو اي پريميؤ! جيئن تہ اوهين انهيءَ انتظار ۾ آهيو، تڏهن پوريءَ دل سان ڪوشش ڪندا رهو تہ ايشور سان ميل ميلاپ جي حالت ۾ اوهين سندس آڏو بي‌داغ ۽ بي‌عيب قرار ڏنا وڃو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 سو اي عزيزؤ! جيئن تہ اوهين انهيءَ انتظار ۾ آهيو، تڏهن پوريءَ دل سان ڪوشش ڪندا رهو تہ خدا سان ميل ميلاپ جي حالت ۾ اوهين سندس آڏو بي‌داغ ۽ بي‌عيب قرار ڏنا وڃو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 تنھنڪري اي عزيزو! جڏھن تہ اوھين انھن ڳالھين جو انتظار پيا ڪريو، تڏھن ڪوشش ڪريو تہ خدا اوھان کي صلح جي حالت ۾ بي⁠داغ ۽ بي⁠عيب ڏسي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.پطرس 3:14
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري جي هو اوهان کي چون، تہ ڏسو، هو رڻ پٽ ۾ آهي، تہ متان ٻاهر نڪتا آهيو. جي چون تہ ڏسو، هو اندرين ڪوٺين ۾ آهي، تہ متان اعتبار ڪريو.


تنهن تي اُهي سڀ ڪنواريون اُٿيون ۽ پنهنجون ڏياٽيون تيار ڪيائون.


مبارڪ آهي اُهو نوڪر، جنهن کي سندس ڌڻي اچڻ مهل ائين ڪندو ڏسي.


”اي مالڪ هاڻي تون پنهنجي ٻانهي کي پنهنجي قول پٽاندر سلامتيءَ سان موڪل ٿو ڏين:


جو اوهان کي پڇاڙيءَ تائين قائم بہ رکندو، انهي لاءِ تہ اوهين اسان جي خداوند يسوع مسيح جي ڏينهن بي عيب هجو.


تنهنڪري اي منهنجا پيارا ڀائرو، اوهين ثابت قدم ۽ قائم رهو، ۽ خداوند جي ڪم ۾ هميشہ وڌندا وڃو، ڇالاءِ جو اوهان کي خبر آهي تہ اوهان جي محنت خداوند ۾ اجائي نٿي ٿئي.


تہ جيڪي تمام عمديون ڳالهيون آهن، سي اوهين سمجهي پسند ڪريو؛ تہ مسيح جي ڏينهن تائين صاف دل ۽ بيڏوهي رهو،


تہ اوهين بي قصور ۽ بي ضرر ٿيو، ۽ انهن ڏنگن ۽ نرڄن جي زماني ۾، اوهين خدا جا بي عيب ٻار ٿي رهو، جنهن جي وچ ۾ اوهين اهڙا ٿا ڏسجو جهڙا دنيا ۾ چراغ؛


ڇالاءِ جو اسان جو وطن آسمان ۾ آهي؛ جتان اسين هڪڙي نجات ڏيندڙ، يعني خداوند يسوع مسيح جي انتظار ۾ آهيون:


انهي لاءِ تہ اُهو اوهان جي دلين کي اهڙو مضبوط ڪري جو جڏهن اسان جو خداوند يسوع پنهنجن سڀني پاڪ ٿيلن سان اچي، تڏهن اسان جي خدا پيءُ جي اڳيان اوهين پاڪيزگيءَ ۾ بي عيب هجو.


شل خدا، جو اطمينان بخشيندڙ آهي، اوهان کي پوريءَ طرح پاڪ ڪري؛ ۽ شل اوهان جو روح ۽ جان ۽ بدن، اسان جي خداوند يسوع مسيح جي اچڻ تائين بي عيب ۽ سلامت رهي.


تہ تون اسان جي خداوند يسوع مسيح جي ظاهر ٿيڻ تائين حڪم تي عمل ڪرڻ ۾ بي عيب، ۽ بي قصور رهہ،


تهڙيءَ طرح مسيح بہ هڪڙي ئي ڀيري گهڻن جي گناهن کڻڻ لاءِ قربان ٿي، ٻيو ڀيرو نہ گناهہ جي فيصلي لاءِ پر نجات جي لاءِ، انهن کي ڏيکاري ڏيندو، جي سندس انتظار ۾ آهن.


اسان جي خدا ۽ پيءُ جي حضور ۾ خالص ۽ بي عيب دينداري اها آهي، تہ يتيمن ۽ بيوهہ زالن جي سندن مصيبت جي وقت سنڀال ڪجي ۽ پاڻ کي دنيا کان بي داغ رکجي.


انهي لاءِ تہ اوهان جو ايمان، جو باهہ سان پرکيل فاني سون کان زيادہ قيمتي آهي، سو مسيح جي ظاهر ٿيڻ وقت، تعريف ۽ جلال ۽ عزت جي لائق ٿئي.


اي پيارو، هاڻي آئون اوهان کي هي ٻيو خط ٿو لکان، ۽ انهن ٻنهي ۾ اوهان کي يادگيري ڏياري، اوهان جي سچيءَ دل کي هوشيار ٿو ڪريان؛


۽ جهڙيءَ طرح هن پنهنجي سڀني خطن ۾ بہ هنن ڳالهين بابت ذڪر ڪيو آهي، انهن مان ڪي ڳالهيون اهڙيون آهن جن جو سمجهڻ مشڪل آهي، ۽ جنهن جي معنيٰ جاهل ۽ غير مستقل ماڻهو ڦيرائي اُبتي پيا ڪن، جيئن ڪ ٻين پاڪ لکيتن جي بہ ڪندا آهن، ۽ اهڙيءَ طرح پاڻ کي برباد ٿا ڪن.


۽ جنهن مٿس اها اُميد رکي آهي، سو پاڻ کي اهڙو پاڪ ڪري جهڙو هو پاڪ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ