Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.پطرس 3:13 - Sindhi Bible

13 پر سندس واعدي موجب اسين نوَن آسمانن ۽ نئين زمين جي انتظار ۾ آهيون، جن ۾ راستبازي ٿي رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 جڏهن تہ اسين ايشور جي وچن ڪيل انهيءَ نئين آڪاش ۽ نئين ڌرتيءَ جي انتظار ۾ آهيون جتي سچائي رهي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 جڏهن تہ اسين خدا جي واعدي ڪيل انهيءَ نئين آسمان ۽ نئين زمين جي انتظار ۾ آهيون جتي سچائي رهي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

13 پر خدا جي ڪيل واعدي موجب اسين نئين آسمان ۽ نئين زمين جي انتظار ۾ آھيون، جن ۾ سچائي رھي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.پطرس 3:13
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنجي سڄي اُمت راستباز ٿيندي، ۽ اُهي هميشہ لاءِ زمين جا وارث ٿيندا؛ اُهي منهنجي پوکيل وڻ جي ٽاري، ۽ منهنجي هٿن جو ڪم ٿيندا، انهي لاءِ تہ منهنجو جلال ظاهر ٿئي.


ڇالاءِ جو ڏسو، آءٌ نوان آسمان ۽ نئين زمين پيدا ٿو ڪريان: ۽ اڳوڻيون شيون ياد نہ ڪيون وينديون، ۽ نہ دل تي اينديون.


خداوند فرمائي ٿو، تہ بگهڙ ۽ گهيٽو گڏ چرندا، ۽ شينهن ڍڳي وانگي گاهہ کائيندو: ۽ مٽي نانگ جو کاڌو ٿيندي. منهنجي سڄي پاڪ جبل ۾ اهي نہ ڪنهن کي ايذاءُ رسائيندا نہ برباد ڪندا.


خداوند فرمائي ٿو، تہ جيئن نوان آسمان ۽ نئين زمين جي آءٌ جوڙيندس، سي منهنجي حضور ۾ قائم رهندا، تيئن اوهان جو نسل ۽ اوهان جو نالو بہ قائم رهندو.


ڇالاءِ جو مخلوقات بہ فنا جي غلاميءَ کان ڇُٽي، خدا جي فرزندن جي جلال جي آزاديءَ ۾ داخل ٿيندي.


۽ اسان سان پنهنجا قيمتي ۽ نهايت وڏا واعدا ڪيا، تہ انهن جي وسيلي اوهين نفساني خواهش جي ڪري دنيا ۾ جيڪا خرابي آهي، تنهن کان ڇُٽو، ۽ خدائي طبيعت ۾ شريڪ ٿيو.


پوءِ مون هڪڙو نئون آسمان ۽ هڪڙي نئين زمين ڏٺي: ڇالاءِ جو پهريون آسمان ۽ پهرين زمين ڪانہ رهي؛ ۽ سمنڊ بہ ڪونہ هو.


۽ انهي ۾ ڪابہ ناپاڪ شيءِ يا ڪوبہ نفرت ۽ ڪوڙ جهڙو ڪم ڪندڙ هرگز داخل نہ ٿيندو؛ پر رڳو اُهي داخل ٿيندا، جن جا نالا گهيٽي جي ڪتابِ حيات ۾ لکيل آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ