Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.پطرس 2:7 - Sindhi Bible

7 ۽ راستباز لوط کي بچائي ورتائين، جو بدڪارن جي شهوت پرستيءَ جي هلت چلت جي ڪري ڏاڍو پريشان هو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 وري لوط جو مثال ڏسو، جنهن کي ايشور بچائي ورتو. اهو سچار شخص هو ۽ بدڪارن جي گندي هلت چلت کان تنگ ٿيو هو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 وري لوط جو مثال ڏسو، جنهن کي خدا بچائي ورتو. اهو سچار شخص هو ۽ بدڪارن جي گندي هلت چلت کان تنگ ٿيو هو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

7 خدا لوط کي بچائي ورتو، جيڪو سچار شخص ھو ۽ بدڪارن جي گندي ھلت چلت کان تنگ ٿيو ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.پطرس 2:7
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي سدوم جا ماڻهو خداوند جي نظر ۾ تمام بدڪار ۽ گنهگار هئا.


تنهن هوندي بہ هن اڃا پئي ڍرائي ڪئي؛ پر جيئن تہ خداوند مٿس مهربان هو، سو اهي ماڻهو کيس، ۽ سندس زال، ۽ سندس ڌيئرن کي هٿ کان وٺي، کين شهر کان ٻاهر ڪڍي آيا.


تون جلدي ڪري اوڏانهن ڀڄي وڃ؛ ڇالاءِ تہ جيسين تون اتي نہ پهچندين، تيسين آءٌ ڪي بہ ڪين ڪري سگهندس. تنهنڪري انهيءَ شهر جو نالو ضغر پئجي ويو.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن خدا انهيءَ ميدان جي شهرن کي برباد ڪيو، تڏهن خدا ابرهام جي يادگيري ڪئي ۽ جن شهرن ۾ لوط رهندو هو، تن کي برباد ڪرڻ وقت لوط کي انهيءَ آفت کان بچائي ورتائين.


۽ لوط کي سڏي چيائون تہ جيڪي ماڻهو اڄ رات تو وٽ آيا هئا، سي ڪٿي آهن؟ انهن کي اسان وٽ وٺي اچ تہ ساڻن صحبت ڪريون.


مون تي افسوس جو آءٌ مسڪ ۾ ٿو گذاريان، ۽ قيدار جي تنبن ۾ ٿو رهان.


نبين جي بابت منهنجي دل منهنجي اندر ۾ سست ٿي پيئي آهي ۽ منهنجا سڀ هڏا پيا ڏڪن؛ آءٌ نشئي ماڻهوءَ جهڙو آهيان ۽ اُنهيءَ ماڻهو جهڙو، جنهن تي شراب غالب ٿيو هجي؛ اهو سڀ خداوند ۽ سندس پاڪ ڪلام جي ڪري.


اوهان تي ڪا اهڙي آزمائش ڪانہ اچي پيئي آهي جا انسان سهي نہ سگهي: پر خدا سچو آهي، ۽ جيترو اوهين سهي ٿا سگهو تنهن کان وڌيڪ آزمائش ۾ اوهان کي پوڻ ڪين ڏيندو، پر آزمائش سان گڏ بچي نڪرڻ جو رستو بہ ٺاهي ڏيندو، تہ اُها اوهين برداشت ڪري سگهو.


ڇالاءِ جو اُهي مغروريءَ جون نهايت بيهوديون ڳالهيون ڪري شهوت پرستيءَ جي وسيلي انهن ماڻهن کي جسماني خواهشن ۾ ڦاسائين ٿا، جي گمراهہ ٿيل ماڻهن کان ڌار ٿيڻ تي آهن.


۽ گهڻا ئي سندن شهوت پرستيءَ جي پيروي ڪندا، جن جي ڪري حق جي راهہ جي بدنامي ٿيندي.


تنهنڪري اي پيارو، جڏهن اوهان کي انهن ڳالهين جي اڳيئي خبر آهي، تڏهن سنڀال ڪريو، متان بدڪارن جي گمراهيءَ ڏانهن ڇڪجي وڃو، ۽ پنهنجي پائيداريءَ کان ڪِري پئو.


ڇالاءِ جو ڪي ماڻهو آهن جي لڪي ڇپي گهڙي آيا آهن، يعني اُهي جي قديم زماني کان هن سزا جي لاءِ مقرر ڪيا ويا هئا، ۽ اُهي بي دين ماڻهو آهن، جي اسان جي خدا جو فضل ڦيرائي شهوت پرستي ٿا ڪن، ۽ اسان جي هڪڙي ئي مالڪ ۽ خداوند يسوع مسيح جو انڪار ٿا ڪن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ