Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.پطرس 2:2 - Sindhi Bible

2 ۽ گهڻا ئي سندن شهوت پرستيءَ جي پيروي ڪندا، جن جي ڪري حق جي راهہ جي بدنامي ٿيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 ڪيترائي ماڻهو انهن جي شهوت‌پرستيءَ جي پٺيان لڳندا، جن جي ڪري حق جي راهہ جي بدنامي ٿيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 ڪيترائي ماڻهو انهن جي شهوت‌پرستيءَ جي پٺيان لڳندا، جن جي ڪري حق جي راهہ جي بدنامي ٿيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 ڪيترا ئي ماڻھو انھن جي شھوت⁠پرستيءَ جي پيروي ڪندا، جن جي ڪري حق جي راھہ جي بدنامي ٿيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.پطرس 2:2
36 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ لوط کي سڏي چيائون تہ جيڪي ماڻهو اڄ رات تو وٽ آيا هئا، سي ڪٿي آهن؟ انهن کي اسان وٽ وٺي اچ تہ ساڻن صحبت ڪريون.


ڇالاءِ جو آءٌ خداوند جي واٽ تي هليو آهيان، ۽ بڇڙو ٿي پنهنجي خدا کان ڦريو نہ آهيان.


اُتي هڪڙو شاهي رستو جاري ٿيندو، هڪڙو رستو جو پاڪيزگيءَ جو رستو سڏجڻ ۾ ايندو؛ ڪوبہ ناپاڪ انهيءَ تان نہ لنگهندو؛ پر اهو انهن مسافرن جي لاءِ ٿيندو، هائو، بي عقل بہ انهي تي نہ ڀلبا.


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين رستن تي بيهي ڏسو، ۽ جهونين واٽن ۾ پڇا ڪريو، تہ چڱو رستو ڪٿي آهي، پوءِ انهي تي هلو تہ اوهان جا روح آرام پائيندا: پر هنن چيو تہ اسين انهي تي نہ هلنداسين.


۽ انهن پنهنجن شاگردن کي هيرودين سان گڏي ڏانهنس موڪليو، جن وڃي چيس تہ اي اُستاد، اسان کي خبر آهي تہ تون سچو آهين، ۽ خدا جو رستو سچائيءَ سان ٿو سيکارين، ۽ ڪنهن جي بہ پرواهہ ڪانہ ٿو رکين، ڇالاءِ جو تون ماڻهن جو لحاظ نٿو ڪرين.


ڇالاءِ جو ڪوڙا مسيح، ۽ ڪوڙا نبي اُٿندا، ۽ وڏيون نشانيون ۽ عجب ڪم ڏيکاريندا؛ انهي لاءِ تہ جي ٿي سگهي تہ اُنهن چونڊيلن کي گمراهہ ڪن.


پر اهو در سوڙهو آهي، ۽ اُهو رستو تنگ آهي، جو زندگيءَ ڏانهن ٿو وڃي، ۽ جن کان اهو لڀي ٿو سي ٿورا آهن.


۽ جڏهن اُهي آيا، تڏهن هن کي چوڻ لڳا، تہ اي اُستاد، اسان کي خبر آهي تہ تون سچو آهين، ۽ ڪنهن جي بہ پرواهہ ڪانہ ٿو رکين، ڇالاءِ جو تون ماڻهن جو لحاظ نٿو ڪرين، پر سچائيءَ سان خدا جو رستو ٿو سيکارين: قيصر کي ڍل ڏيڻ واجب آهي يا نہ؟


ڇالاءِ جو ڪوڙا مسيح ۽ ڪوڙا نبي اُٿندا، ۽ نشانيون ۽ حيرت جهڙا ڪم ڏيکاريندا، انهي لاءِ تہ جي ٿي سگهي تہ اُنهن چونڊيلن کي بہ گمراهہ ڪن.


يسوع چيس تہ واٽ ۽ سچ ۽ زندگي آئون آهيان: منهنجي وسيلي ڌاران ڪوبہ پيءُ وٽ نٿو اچي.


۽ چوڻ لڳو تہ ”اي شيطان زادا، تون جو هر قسم جي ٺڳيءَ ۽ بدڪاريءَ سان ڀريل، ۽ هر طرح جي نيڪيءَ جو دشمن آهين، تون خداوند جي سنئين واٽن کي ڦيرائڻ کان بس ڪين ڪندين؟


پر جيڪي يهودي نافرمان هئا، تن غير قومن جي دلين کي چوري، ڀائرن جي برخلاف بدگمان ڪيو.


۽ اُها پولس ۽ اسان جي پٺيان اچي واڪا ڪري چوڻ لڳي، تہ هي ماڻهو خدا تعاليٰ جا بندا آهن، جي اوهان کي نجات جي واٽ ٿا ڏيکارين.


هو همت جهلي عبادتخاني ۾ ڳالهائڻ لڳو؛ پر جڏهن پرسڪلہ ۽ اڪولہ هن جي تقرير ٻُڌي، تڏهن هن کي پاڻ وٽ وٺي آيا، ۽ خدا جي واٽ جي وڌيڪ چڱيءَ طرح سمجهاڻي ڏنائونس.


پر جڏهن ڪن سخت دل ٿي نہ مڃيو، ۽ ماڻهن جي اڳيان انهي طريقي جي گلا ڪرڻ لڳا، تڏهن هن کانئن پاسو ڪيو، ۽ شاگردن کي بہ ڌار ڪيائين، ۽ هر روز ترونس جي مدرسي ۾ بحث ڪندو رهيو.


۽ مون هن طريقي وارن، مردن توڙي زالن، کي ٻڌرائي ۽ قيد خانن ۾ وجهرائي ايتري قدر ستايو جو موت تائين بہ نہ ڇڏيومان.


پر هيترو آئون تنهنجي اڳيان قبول ٿو ڪريان تہ جنهن طريقي کي هي بدعتي ٿا سڏين، اُنهي ۾ آئون پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي عبادت ٿو ڪريان؛ ۽ جيڪي ڳالهيون شريعت موجب آهن، ۽ جي نبين جي ڪتابن ۾ لکيل آهن، سي سڀيئي مڃان ٿو.


جيئن لکيل بہ آهي، تہ ”اوهان جي ئي ڪري غير قومن وارا خدا جي نالي ڪفر ٿا بڪن.“


تنهنڪري منهنجي مرضي آهي تہ جوان بيوهہ زالون ڀلي تہ شادي ڪن، ۽ ٻار ڄڻين، ۽ گهر گهاٽ هلائين، ۽ دشمن کي گلا ڪرڻ جو وجهہ نہ ڏين:


سالم دل، پاڪ دامن، گهر جو ڪم ڪار ڪندڙ ۽ مهربان، ۽ پنهنجن مڙسن جون تابعدار هجن، تہ خدا جو ڪلام بدنام نہ ٿئي.


۽ اهڙي صحيح تعليم ڏي، جا ملامت جوڳي نہ هجي؛ تان تہ مخالف ڌر شرمندي ٿئي، ۽ اسان جي برخلاف ڪابہ ڳالهہ ڪري نہ سگهي.


۽ غير قومن ۾ پنهنجي هلت چلت چڱي رکو، تہ جن ڳالهين ڪري هو اوهان کي بدڪار ڄاڻي اوهان جي گلا ٿا ڪن، تن ۾ اوهان جا چڱا ڪم ڏسي عدالت جي ڏينهن خدا جي وڏائي ظاهر ڪن.


پر اهي ماڻهو بي عقل جانورن وانگر آهن، جي رڳو پڪڙجڻ ۽ برباد ٿيڻ جي لاءِ حيوانن جهڙا پيدا ٿيا آهن، ۽ جن ڳالهين کان ناواقف آهن، تن جي نسبت ۾ اجايو سجايو پيا ڳالهائين. هو پنهنجي خرابيءَ ۾ پاڻ چٽ ٿي ويندا،


اهي سنئون رستو ڇڏي گمراهہ ٿي پيا آهن، ۽ بعور جي پٽ بلعام جي پيروي ٿا ڪن، جنهن کي گناهہ جو اُجورو پسند هو؛


ڇالاءِ جو اُهي مغروريءَ جون نهايت بيهوديون ڳالهيون ڪري شهوت پرستيءَ جي وسيلي انهن ماڻهن کي جسماني خواهشن ۾ ڦاسائين ٿا، جي گمراهہ ٿيل ماڻهن کان ڌار ٿيڻ تي آهن.


ڇالاءِ جو هڪ ڀيرو راستبازيءَ جي واٽ معلوم ڪري پوءِ انهي پاڪ حڪم کان، جو کين مليو هو، ڦري وڃڻ، تنهن کان چڱو ائين هو جو انهيءَ واٽ کان واقف ئي نہ ٿين ها.


۽ راستباز لوط کي بچائي ورتائين، جو بدڪارن جي شهوت پرستيءَ جي هلت چلت جي ڪري ڏاڍو پريشان هو،


پر هي ماڻهو تہ انهن سڀني ڳالهين تي ڦٽڪار ٿا هڻن، جن جي کين ڪابہ خبر ڪانهي؛ ۽ جن ڳالهين کي هو بي عقل جانورن وانگر طبعي ٿا سمجهن، تن ۾ هو پاڻ کي خراب ٿا ڪن.


انهي لاءِ تہ سڀني جو انصاف ڪري ۽ سڀني بي دينن کي، سندن انهن سڀني بي دينيءَ جي ڪمن لاءِ، جي هنن بي دينيءَ سان ڪيا آهن، ۽ انهن سڀني سخت ڳالهين لاءِ، جي بي دين گنهگارن سندس برخلاف ڪيون آهن، ڏوهاري ٺهرائي.“


ڇالاءِ جو ڪي ماڻهو آهن جي لڪي ڇپي گهڙي آيا آهن، يعني اُهي جي قديم زماني کان هن سزا جي لاءِ مقرر ڪيا ويا هئا، ۽ اُهي بي دين ماڻهو آهن، جي اسان جي خدا جو فضل ڦيرائي شهوت پرستي ٿا ڪن، ۽ اسان جي هڪڙي ئي مالڪ ۽ خداوند يسوع مسيح جو انڪار ٿا ڪن.


جهڙيءَ طرح ڪ سدوم ۽ عموراہ ۽ اُنهن جي آس پاس وارا شهر، جي انهن وانگر زناڪاريءَ ۽ لونڊي بازيءَ جي پٺيان پيا، سي هميشہ جي باهہ جي سزا پيا سهن، تہ ٻين جي عبرت لاءِ هڪڙو مثال ٿين.


۽ اهو وڏو ازدها يعني اهو قديم نانگ، جو ابليس ۽ شيطان سڏبو آهي، ۽ ساري جهان کي گمراهہ ڪندو آهي، سو زمين تي اُڇلايو ويو، ۽ سندس ملائڪ بہ ساڻس گڏ هيٺ اُڇلايا ويا.


۽ انهي حيوان جي اڳيان جن نشانن ڪرڻ جو اختيار هن کي ڏنو ويو هو، تن جي ڪري هن زمين جي رهاڪن کي گمراهہ پئي ڪيو، ۽ انهن کي پئي چيائين تہ جنهن حيوان کي ترار جو زخم هو ۽ وري جيئرو ٿي پيو، تنهن جو بُت جوڙيو.


۽ سڀني زمين جي رهاڪن انهن جي بندگي ٿي ڪئي، سواءِ اُنهن جي، جن جا نالا دنيا جي پيدائش کان وٺي ذبح ڪيل گهيٽي جي زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ