Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.پطرس 2:19 - Sindhi Bible

19 هو کين آزادگيءَ جو واعدو ڏين ٿا، ۽ پاڻ خرابيءَ جا غلام ٿيا وتن: ڇالاءِ جو جيڪو ماڻهو ڪنهن کان مغلوب ٿو ٿئي، سو انهيءَ جي غلاميءَ ۾ ٿو اچي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

19 هو انهن کي آزاديءَ جو وچن ڏين ٿا، جڏهن تہ پاڻ تباهيءَ واري بڇڙائيءَ جا غلام بڻيا وتن. ياد رکو، جيڪا شيءِ انسان تي حاوي ٿئي ٿي تنهن جو انسان غلام بڻجي وڃي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 هو انهن کي آزاديءَ جو واعدو ڏين ٿا، جڏهن تہ پاڻ تباهيءَ واري بڇڙائيءَ جا غلام بڻيا وتن. ياد رکو، جيڪا شيءِ انسان تي غالب اچي ٿي تنهن جو انسان غلام بڻجي وڃي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

19 ھو انھن کي آزاديءَ جو واعدو تہ ڏين ٿا، پر پاڻ بڇڙائيءَ جا غلام بڻيا وتن. ڇالاءِ⁠جو جيڪا شيءِ انسان تي غالب اچي ٿي تہ انسان انھيءَ جو غلام ٿي وڃي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.پطرس 2:19
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

افسوس آهي افرائيم جي نشئين جي مغروريءَ جي تاج تي، ۽ سندس شاندار سونهن جي ڪومائجندڙ گل تي، جو انهن جي آباد ماٿريءَ جي مٿان آهي، جن تي شراب غالب پيو آهي!


نبين جي بابت منهنجي دل منهنجي اندر ۾ سست ٿي پيئي آهي ۽ منهنجا سڀ هڏا پيا ڏڪن؛ آءٌ نشئي ماڻهوءَ جهڙو آهيان ۽ اُنهيءَ ماڻهو جهڙو، جنهن تي شراب غالب ٿيو هجي؛ اهو سڀ خداوند ۽ سندس پاڪ ڪلام جي ڪري.


۽ ڪاهن انهي کي چڪاسي، ۽ ڏسو، جي ڏڍ کل تي پکڙجي ويئي هجي، تہ پوءِ ڪاهن هن کي ناپاڪ ٺهرائي: اهو ڪوڙهہ آهي.


يسوع کين جواب ڏنو تہ آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان تہ جيڪو گناهہ ٿو ڪري، سو گناهہ جو غلام آهي.


۽ جنهن شخص ۾ ڀوت هو، سو ٽپو ڏيئي وڃي مٿن پيو، ۽ ٻنهي کي قابو ڪري مٿن اهڙو غالب پيو جو هو اُگهاڙا ٿي ڦٽجي نڪري اُٿي ڀڳا.


مسيح اسان کي آزاديءَ لاءِ آزاد ڪيو؛ تنهنڪري قائم رهو ۽ وري ٻانهپ جي پاڃاريءَ ۾ جوٽجي نہ وڃو.


ڇالاءِ جو، اي ڀائرو، اوهين آزاد ٿيڻ لاءِ سڏيا ويا هئا، پر ائين نہ ٿئي جو آزاديءَ کي جسماني ڳالهين جي لاءِ ڪم ۾ آڻيو؛ پر محبت جي رستي هڪ ٻئي جي خدمت ڪريو.


۽ جن کي شيطان پنهنجي مرضي پوري ڪرڻ لاءِ ڦندي ۾ ڦاسايو آهي، تن کي سمجهہ اچي ۽ پاڻ کي انهي ڦندي مان ڇڏائين.


ڇالاءِ جو اسين بہ اڳي بي عقل، نافرمان، گمراهہ، قسم قسم جي نفساني خواهشن ۽ عشرتن جا غلام هئاسين، ۽ بدخواهي ۽ حسد ۾ گذاريندا هئاسين. ۽ نفرت جا لائق هئاسين، ۽ هڪ ٻئي سان بہ نفرت ٿي ڪئي سين.


۽ پاڻ کي آزاد ڄاڻو، پر ائين نہ ٿئي جو اها آزادي اوهان جي بدي ڪرڻ جو بهانو ٿي پوي، پر پاڻ کي خدا جا غلام سمجهو.


۽ اسان سان پنهنجا قيمتي ۽ نهايت وڏا واعدا ڪيا، تہ انهن جي وسيلي اوهين نفساني خواهش جي ڪري دنيا ۾ جيڪا خرابي آهي، تنهن کان ڇُٽو، ۽ خدائي طبيعت ۾ شريڪ ٿيو.


ڇالاءِ تہ جيڪڏهن اُهي خداوند ۽ نجات ڏيندڙ يسوع مسيح جي سڃاڻپ جي ڪري دنيا جي ناپاڪائيءَ کان ڇُٽن ٿا، پر وري بہ انهيءَ ۾ ڦاسي مغلوب ٿا ٿين، تہ انهن جي پوئين حالت پهرينءَ کان خراب ٿي ٿئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ