Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.پطرس 2:17 - Sindhi Bible

17 اهي اهڙن چشمن وانگر آهن جن جو پاڻي سُڪي ويو آهي، ۽ ڪوهيڙي وانگر آهن جنهن کي طوفان اُڏايو ڇڏي، جن جي لاءِ ڀڀ اونداهہ مقرر ٿيل آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

17 اهي ماڻهو اهڙا چشما آهن، جن جو پاڻي سڪي ويو آهي ۽ اهي اهڙو ڪوهيڙو آهن، جنهن کي طوفان اڏائي ڇڏيو آهي. انهن جي لاءِ گھُگھُہ اونداهي رکي ويئي آهي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 اهي ماڻهو اهڙا چشما آهن، جن جو پاڻي سڪي ويو آهي ۽ اهي اهڙو ڪوهيڙو آهن، جنهن کي طوفان اڏائي ڇڏيو آهي. انهن جي لاءِ گھُگھُہ اونداهي رکي ويئي آهي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

17 اھي ماڻھو اھڙا چشما آھن، جن جو پاڻي سڪي ويو آھي ۽ اھي اھڙو ڪوھيڙو آھن، جنھن کي طوفان اڏائي ڇڏيو آھي. انھن جي لاءِ گھُگھُہ اونداھي رکي ويئي آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.پطرس 2:17
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهن جا امير پنهنجا ملازم پاڻيءَ تي موڪلين ٿا: اهي کوهن تي اچن ٿا، پر پاڻي ڪونہ ٿا ڏسن: ۽ پنهنجا ٿانوَ خالي موٽايو ٿا وڃن: اُهي شرمندا ۽ لڄي آهن، ۽ پنهنجا مٿا ڍڪي ٿا ڇڏين.


اي افرائيم، آءٌ تو سان ڇا ڪريان؟ اي يهوداہ، آءٌ تو سان ڇا ڪريان؟ ڇالاءِ جو تنهنجي چڱائي صبح جي ڪڪر جهڙي آهي، ۽ انهي ماڪ وانگر جا سويل ئي گم ٿي وڃي ٿي.


تڏهن بادشاهہ نوڪرن کي چيو تہ هن جا هٿ پير ٻَڌي ٻاهر اونداهيءَ ۾ ڪڍي ڇڏيوس، اتي روئڻ ۽ ڏند ڪرٽڻ ٿيندو.


۽ اوهين هن نڪمي نوڪر کي ٻاهر اونداهيءَ ۾ ڪڍي ڇڏيو: اُتي روئڻ ۽ ڏند ڪرٽڻ ٿيندو.


پر جيڪي بادشاهت جا ٻار آهن، تن کي ٻاهرينءَ اونداهيءَ ۾ ڪڍي ڇڏبو. اُتي روئڻ ۽ ڏند ڪرٽڻ ٿيندو.


تہ اڳتي اسين ٻار نہ رهون، ۽ ماڻهن جي ٺڳيءَ ۽ مڪاريءَ جي ڪري سندن گمراهہ ڪندڙ منصوبن ۾ ڦاسي، هر ڪنهن قسم جي تعليم جي جهُوٽن ۾ هيڏانهن هوڏانهن نہ اُڇلجون، ۽ گهلجي نہ وڃون؛


ڇالاءِ جو اوهين اُنهي جبل وٽ ڪونہ آيا آهيو، جنهن کي ڇهڻ ممڪن نہ هو، ۽ جو باهہ سان پئي ٻريو، ۽ جنهن تي ڪاراڻ ۽ اونداهي ۽ طوفان،


ڇالاءِ تہ جڏهن گناهہ ڪندڙ ملائڪن کي بہ خدا نہ ڇڏيو، پر دوزخ ۾ اُڇلائي وڌائين ۽ اونداهين کڏن ۾ بند ڪيائين، انهي لاءِ تہ عدالت ٿيڻ تائين اتي نظربند رهن:


۽ جن ملائڪن پنهنجو درجو قائم نہ رکيو، پر پنهنجي خاص جاءِ ڇڏي ڏني، تن کي هن هميشہ جي قيد ۾ عظيم ڏينهن واري عدالت تائين اوندهہ منجهہ رکيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ