Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.پطرس 2:15 - Sindhi Bible

15 اهي سنئون رستو ڇڏي گمراهہ ٿي پيا آهن، ۽ بعور جي پٽ بلعام جي پيروي ٿا ڪن، جنهن کي گناهہ جو اُجورو پسند هو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

15 اهي سچائيءَ واري رستي تان ڀَٽڪي بعور جي پٽ بلعام جي پيروي ٿا ڪن، جنهن کي پئسن جي لالچ ۾ بڇڙائي ڪرڻ پسند هوندي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 اهي سچائيءَ واري رستي تان ڀٽڪي بعور جي پٽ بلعام جي پيروي ٿا ڪن، جنهن کي پئسن جي لالچ ۾ بڇڙائي ڪرڻ پسند هوندي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

15 اھي سنئون رستو ڇڏي گمراھہ ٿي ويا آھن ۽ بعور جي پٽ بلعام جي پيروي ٿا ڪن، جنھن کي بڇڙائيءَ جي مزوري پسند ھوندي ھئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.پطرس 2:15
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن ورندي ڏني تہ مون اسرائيل کي تڪليف ڪانہ ڏني آهي؛ بلڪ تو ۽ تنهنجي پيءُ جي گهراڻي ڏني آهي، جو اوهان خداوند جا حڪم ڇڏي ڏنا آهن ۽ تون بعليم جي پٺيان لڳو آهين.


۽ هن چيو تہ آءٌ خداوند، لشڪرن جي خدا لاءِ ڏاڍو سرگرم رهيو آهيان؛ ڇالاءِ جو بني اسرائيل تنهنجو عهد اقرار ڇڏي ڏنو آهي، ۽ تنهنجون قربانگاهون ڊاهي ڇڏيون آهن، ۽ تنهنجن نبين کي ترار سان ڪُهي ڇڏيو اٿن: ۽ آءٌ، فقط آءٌ، وڃي بچيو آهيان؛ ۽ هو منهنجي بہ ساهہ پٺيان آهن.


ڇالاءِ جو هو مانيءَ ۽ پاڻيءَ سان بني اسرائيل جي استقبال لاءِ نہ آيا، پر اُٽلندو هنن کي لعنت وجهڻ لاءِ بلعام کي ڀاڙي ڪيائون؛ انهيءَ هوندي بہ خداوند انهيءَ لعنت کي ڦيرائي برڪت ڪيو.


جيڪي شريعت کي ترڪ ٿا ڪن سي شريرن جي تعريف ٿا ڪن، پر جيڪي شريعت تي هلن ٿا سي انهن سان وڙهن ٿا.


۽ منهنجي بہ اک گذر نہ ڪندي، نڪي آءٌ رحم ڪندس، پر آءٌ هنن جي واٽ سندن مٿي تي آڻيندس.


افرائيم چوندو تہ اڳتي وري بُتن سان منهنجو ڪهڙو واسطو آهي؟ مون خداوند هن کي جواب ڏنو آهي، ۽ آءٌ مٿس نگاهہ ڪندس: آءٌ صنوبر جي سائي وڻ جهڙو آهيان؛ مون کان توکي پنهنجو ميوو حاصل ٿيندو.


اي منهنجي قوم، هاڻي ياد ڪر تہ موآب جي بادشاهہ ڪهڙي صلاح پڇي، ۽ بلعام بن بعور هن کي ڪهڙو جواب ڏنو؛ شتيم کان وٺي جلجال تائين ياد ڪريو، تہ اوهان کي خداوند جي سچن ڪمن جي خبر پوي.


۽ گڏهہ خداوند جي فرشتي کي هٿ ۾ ترار کڻي رستي تي بيٺل ڏٺو: تڏهن گڏهہ رستي کان مُڙي ٻنيءَ ۾ وڃڻ لڳي، پر بلعام گڏهہ کي ڦيرائي رستي تي آڻڻ لاءِ مارڻ لڳو.


تڏهن خداوند گڏهہ جو وات کوليو، ۽ هن بلعام کي چيو، تہ مون تنهنجو ڪهڙو ڏوهہ ڪيو آهي، جو تو ٽي ڀيرا مون کي ماريو آهي؟


۽ خداوند جي فرشتي هن کي چيو، تہ ڇو تو پنهنجيءَ گڏهہ کي ٽي ڀيرا ماريو؟ ڏس، آءٌ تنهنجي مخالفت لاءِ آيو آهيان، ڇالاءِ جو تنهنجي هلت منهنجيءَ نظر ۾ ڏنگي آهي:


ڏسو، انهن ئي بلعام جي چوڻ تي، فغور واريءَ ڳالهہ ۾، خداوند جي برخلاف، بني اسرائيل کي گنهگار ڪيو، جنهن ڪري خداوند جي جماعت ۾ طاعون پيو.


بلڪ هي عطر ڳچ پئسن تي وڪڻي غريبن کي ڏجي ها.


(هاڻي اِنهي ماڻهوءَ، پنهنجي گناهہ جي اُجوري مان وڃي هڪڙي ٻني خريد ڪئي؛ ۽ اونڌو ٿي ڪِري پيو، ۽ پيٽ ڦاٽي پيس ۽ سڀ آنڊا نڪري آيس،


۽ چوڻ لڳو تہ ”اي شيطان زادا، تون جو هر قسم جي ٺڳيءَ ۽ بدڪاريءَ سان ڀريل، ۽ هر طرح جي نيڪيءَ جو دشمن آهين، تون خداوند جي سنئين واٽن کي ڦيرائڻ کان بس ڪين ڪندين؟


۽ بدڪاريءَ ڪري پاڻ بدڪاريءَ جو بدلو پائيندا؛ ۽ هو اهڙا ماڻهو آهن جو ڏينهن ڏٺي عيش عشرت ڪري خوش ٿا ٿين؛ هو داغ ۽ عيب آهن: جي اوهان سان گڏ کائيندي پيئندي پنهنجي محبت جي محفلن ۾ عيش عشرت پيا ڪن؛


افسوس آهي انهن تي، ڇالاءِ جو هو قائن جي واٽ تي هليا، ۽ لالچ جي ڪري بلعام جهڙيءَ گمراهيءَ ۾ ڪاهي پيا، ۽ قوراہ وانگر مخالفت ڪري برباد ٿيا.


پر مون کي تنهنجي برخلاف ڪي ٿوريون ڳالهيون چوڻيون آهن، ڇالاءِ جو تو وٽ ڪي اهڙا ماڻهو آهن جي بلعام جي تعليم تي ٿا هلن، جنهن بلق کي سيکاريو تہ بني اسرائيل جي واٽ ۾ ٿاٻي کائڻ جهڙي شيءِ رکي، تہ هو بُتن جي قربانيءَ جون شيون کائين ۽ زنا ڪن.


تنهن کان سواءِ، شل خدا ائين نہ ڪري تہ اوهان جي حق ۾ دعا گهرڻ کان آءٌ بس ڪري خداوند جو گناهہ ڪريان: پر آءٌ اوهان کي چڱي، ۽ سنئين رستي جي تعليم ڏيندو رهندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ