Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.پطرس 2:13 - Sindhi Bible

13 ۽ بدڪاريءَ ڪري پاڻ بدڪاريءَ جو بدلو پائيندا؛ ۽ هو اهڙا ماڻهو آهن جو ڏينهن ڏٺي عيش عشرت ڪري خوش ٿا ٿين؛ هو داغ ۽ عيب آهن: جي اوهان سان گڏ کائيندي پيئندي پنهنجي محبت جي محفلن ۾ عيش عشرت پيا ڪن؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 مطلب تہ جيڪو نقصان هو ٻين کي رسائين ٿا، تنهن جي بدلي ۾ کين نقصان رسايو ويندو. اهي کلي عام عياشي ڪندي خوش ٿا ٿين. اهي اوهان سان گڏ کائيندي پيئندي پنهنجين دغابازين سان عيش عشرت پيا ڪن. ائين اهي ماڻهو اوهان ۾ داغ ۽ عيب آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 مطلب تہ جيڪو نقصان هو ٻين کي رسائين ٿا، تنهن جي بدلي ۾ کين نقصان رسايو ويندو. اهي کلي عام عياشي ڪندي خوش ٿا ٿين. اهي اوهان سان گڏ کائيندي پيئندي پنهنجين دغابازين سان عيش عشرت پيا ڪن. ائين اهي ماڻهو اوهان ۾ داغ ۽ عيب آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

13 جيڪا برائي ھنن ڪئي آھي، تنھن جو بدلو کين برائيءَ سان ڏنو ويندو. اھي ڏينھن ڏٺي جو عيش عشرت ڪندي خوش ٿا ٿين. اھي ماڻھو اوھان ۾ داغ ۽ عيب آھن، جيڪي اوھان سان گڏ کائيندي پيئندي پنھنجي دغابازين سان وڃي موجون پيا ماڻين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.پطرس 2:13
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي منهنجي پياري، تون بلڪل خوبصورت آهين، ۽ تو ۾ ڪوبہ عيب ڪونهي.


ٻرحال شرير جا! هن سان برائي ٿيندي: ڇالاءِ جو هن جي ڪمن جو بدلو هن کي ڏنو ويندو.


۽ اهڙيءَ طرح شائستگيءَ سان هلون جيئن ڏينهن جو هلبو آهي، نہ ناچ رنگ ۽ نشي ۾، نہ زناڪاريءَ ۽ شهوت پرستيءَ ۾، نہ جهيڙي ۽ حسد ۾:


۽ هڪڙي اهڙي جلال واري ڪليسيا پنهنجي اڳيان پيش ڪري، جنهن تي ڪوبہ داغ يا گهنج يا ڪا ٻي اهڙي شيءِ نہ هجي؛ پر اُها پاڪ ۽ بي عيب هجي.


جن جي پڇاڙي فنا آهي، ۽ جي پيٽ جا پوڄاري آهن، ۽ شرم جي ڳالهين ۾ فخر ٿا ڪن، ۽ جن کي رڳو دنيا جي شين جو فڪر ٿو رهي.


سڪندر ٺاٺاري مون سان ڏاڍي بڇڙائي ڪئي: خدا هن کي بدلو ڏيندو؛


اوهين زمين تي عيش عشرت ۾ رهيا آهيو، ۽ موجون ماڻيون اٿوَ؛ قتلام جي ڏينهن لاءِ اوهان پنهنجين دلين کي تازو توانو ڪيو آهي.


هاڻي هنن کي عجب ٿو لڳي تہ اوهين سندن بدچاليءَ ۾ ساڻن شامل نٿا ٿيو، تنهنڪري هو اوهان جي بدگوئي ٿا ڪن.


اهي سنئون رستو ڇڏي گمراهہ ٿي پيا آهن، ۽ بعور جي پٽ بلعام جي پيروي ٿا ڪن، جنهن کي گناهہ جو اُجورو پسند هو؛


جيئن هن ڪيو، تيئن اوهين بہ ساڻس ڪيو. ۽ سندس ڪمن جو ٻيڻو بدلو ڏيوس. جيڪو پيالو هن ڀريو، تنهن ۾ سندس لاءِ ٻيڻو ڀريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ