Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.پطرس 1:9 - Sindhi Bible

9 ڇالاءِ جو جنهن ۾ اهي ڳالهيون نہ آهن، سو انڌو ۽ گهٽ نظر آهي، ۽ پنهنجن اڳوڻن گناهن جي ڌوپي صاف ٿيڻ جي ڳالهہ وساري ڇڏي اٿس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

9 پر جنهن ماڻهوءَ ۾ اهي خوبيون نہ آهن، سو گھٽ نظر وارو بلڪ انڌو آهي. هو پنهنجي اڳوڻن پاپن کان ڌوپجي صاف ٿيڻ واري ڳالهہ کي وساري ويٺو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 پر جنهن ماڻهوءَ ۾ اهي خوبيون نہ آهن، سو گھٽ نظر وارو بلڪ انڌو آهي. هو پنهنجي اڳوڻن گناهن کان ڌوپجي صاف ٿيڻ واري ڳالهہ کي وساري ويٺو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

9 پر جنھن ماڻھوءَ ۾ اھي خوبيون نہ آھن، سو ڪوتاھہ نظر بلڪ انڌو آھي. ھو پنھنجن اڳوڻن گناھن جي ڌوپي صاف ٿيڻ واري ڳالھہ کي وساري ويٺو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.پطرس 1:9
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ڌوئڻ کان پوءِ ڪاهن انهي مرض کي چڪاسي: ۽ ڏسو، جي مرض پنهنجو رنگ مٽايو نہ هجي، ۽ پکڙيو نہ هجي، تہ اهو ناپاڪ آهي؛ تون انهي کي باهہ ۾ ساڙي ڇڏ: انهي جو داغ اندر هجي توڙي ٻاهر هجي، پر اهو خراب قسم جو ڪوڙهہ آهي.


يسوع هن ڏانهن نظر ڪري کيس پيار ڪيو، ۽ چيائينس تہ اڃا تو ۾ هڪڙي گهٽتائي آهي: وڃ جيڪي اٿيئي سو وڪڻي غريبن کي ڏي، ۽ توکي آسمان ۾ خزانو ملندو: ۽ اچي منهنجو پوئلڳ ٿيءُ.


۽ جڏهن يسوع هي ٻُڌو، تڏهن چيائينس تہ اڃا تو ۾ هڪڙي گهٽتائي آهي، جيڪي اٿيئي سو سڀ وڪڻي غريبن کي ورهائي ڏي، تہ توکي آسمان ۾ خزانو ملندو: پوءِ اچي منهنجي پٺيان هل.


ساڳيو انهيءَ طرح اوهين بہ پاڻ کي گناهہ جي نسبت مُئل سمجهو، پر خدا جي نسبت مسيح يسوع ۾ جيئرا سمجهو.


ڇالاءِ جو، اي ڀائرو، اوهين آزاد ٿيڻ لاءِ سڏيا ويا هئا، پر ائين نہ ٿئي جو آزاديءَ کي جسماني ڳالهين جي لاءِ ڪم ۾ آڻيو؛ پر محبت جي رستي هڪ ٻئي جي خدمت ڪريو.


ڇالاءِ جو مسيح يسوع ۾ نڪي مختوني ڪنهن ڪم جي آهي، نڪي نامختوني؛ پر ايمان، جو محبت جي وسيلي اثر ٿو ڪري.


انهي لاءِ تہ هو ڪلام سان پاڻيءَ جي غسل ڪري انهي کي ڌوئي صاف ڪري پاڪ بنائي،


جنهن پاڻ کي اسان جي واسطي قربان ڪيو تہ اسان کي هر قسم جي بي دينيءَ کان ڇڏائي ۽ پاڪ ڪري پنهنجي خاص ملڪيت لاءِ هڪڙي اهڙي اُمت بنائي، جا نيڪ ڪمن ۾ سرگرم هجي.


تہ مسيح، جنهن ابدي روح جي وسيلي پاڻ کي خدا جي اڳيان بي عيب قرباني ڪري ڏنو، تنهن جو رت ڪيترو نہ وڌيڪ مُردار ڪمن کان اوهان جي دلين کي پاڪ ڪندو تہ زندہ خدا جي عبادت ڪريو.


انهي جو سچو نمونو، يعني بپتسما، جنهن جي مراد اها نہ آهي تہ بدن جو مير صاف ڪري پر خالص نيت سان خدا جو طالب ٿئي، سا هاڻي بہ يسوع مسيح جي جيئري ٿيڻ جي وسيلي اوهان کي بچائي ٿي.


پر جي اسين روشنيءَ ۾ هلون، جيئن ڪ پاڻ روشنيءَ ۾ آهي، تہ اسان جي پاڻ ۾ شراڪت آهي، ۽ سندس فرزند يسوع جو رت اسان کي سموري گناهہ کان صاف ٿو ڪري.


ڇالاءِ جو تون چوين ٿو تہ آئون دولتمند آهيان، ۽ گهڻي دولت گڏ ڪئي اٿم، ۽ ڪنهن بہ شيءِ جي گهُرج ڪانہ اٿم؛ پر توکي اها خبر ڪانهي تہ تون ڪمبخت، ڏکيو، ۽ ڪنگال، انڌو ۽ اُگهاڙو آهين؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ