Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 8:9 - Sindhi Bible

9 تڏهن حزائيل هن جي استقبال لاءِ نڪري ويو، ۽ پاڻ سان دمشق جون سڀ عمديون شيون، چاليهن اُٺن جي بار جيتريون، تحفو ڪري کڻائي ويو، ۽ وڃي هن جي اڳيان بيٺو، ۽ چوڻ لڳو تہ تنهنجي پٽ ارام جي بادشاهہ بن هدد مون کي تو ڏانهن موڪليو آهي، ۽ پڇيو اٿس تہ آءٌ هن بيماريءَ کان ڇُٽندس يا نہ؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 تڏهن حزائيل هن جي استقبال لاءِ نڪري آيو ۽ پاڻ سان دمشق جي سڀني عمدين شين جا چاليهہ اٺ ڀري تحفي طور کڻي آيو. جڏهن هو اليشع سان مليو تڏهن کيس چيائين تہ ”تنهنجي خادم ارام جي بادشاهہ بن‌هدد مون کي تو ڏانهن موڪليو آهي ۽ پڇيو اٿس تہ ’آءٌ هن بيماريءَ کان ڇٽندس يا نہ؟‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 8:9
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ پاڻ سان ڏهہ مانيون، ۽ ڪوڪيون، ۽ هڪڙو ماکيءَ جو ڪوزو کڻي وٽس وڃ: هو توکي ٻڌائيندو تہ هن ٻار جو ڪهڙو حال ٿيندو.


تنهن کان پوءِ خداوند جي گهر جي خزاني ۾ جيڪو روپو ۽ سون بچيو هو سو، ۽ بادشاهہ جي گهر جا خزانا، آسا کڻي پنهنجن نوڪرن جي هٿ ۾ ڏنا: ۽ بادشاهہ آسا اُهي بن هدد، بن طبرمون، بن حزيون، ارام جي بادشاهہ کي ڏيئي ڇڏيا، جو دمشق ۾ رهندو هو ۽ چوائي موڪليائينس تہ


۽ خداوند هن کي چيو تہ وڃ، پنهنجو رستو وٺي دمشق جي بيابان ڏي موٽ: ۽ جڏهن اُتي پهچين تڏهن حزائيل کي مسح ڪر تہ ارام جو بادشاهہ ٿئي:


۽ اخزياہ سامريہ ۾ پنهنجي ماڙيءَ جي جعفريءَ مان هيٺ ڪري پيو، ۽ بيمار ٿي پيو: ۽ هن قاصد سڏائي انهن کي چيو تہ وڃو، عقرون جي معبود بعل زبوب کان پڇا ڪريو تہ آءٌ هن بيماريءَ کان ڇُٽندس يا نہ.


هاڻي اليشع اُنهيءَ بيماريءَ ۾ گرفتار هو، جنهنڪري هو مئو: ۽ اسرائيل جو بادشاهہ يوآس وٽس آيو ۽ پاسي کان بيهي روئي چيائين تہ اي منهنجا ابا، منهنجا ابا، اسرائيل جا رٿ ۽ انهن جا گهوڙي سوار!


پوءِ آخز اسور جي بادشاهہ تگلت پلاسر ڏانهن قاصدن جي هٿان چوائي موڪليو تہ آءٌ تنهنجو ٻانهو ۽ تنهنجو پٽ آهيان: اچي مون کي ارام جي بادشاهہ، ۽ اسرائيل جي بادشاهہ جي هٿن مان بچاءِ، جو اُهي مون سان وڙهڻ لاءِ ڪاهي ٿا اچن.


۽ هن جا نوڪر ويجهو آيا، ۽ هن کي چوڻ لڳا تہ اي منهنجا جا ابا، جيڪڏهن نبي توکي ڪنهن وڏي ڪم ڪرڻ لاءِ چوي ها تہ تون اُهو نہ ڪرين ها ڇا؟ تڏهن ڇو نہ تون ائين ڪرين جڏهن هو توکي چوي ٿو تہ غسل ڪري پاڪ ٿيءُ.


۽ ارام جي بادشاهہ چيو تہ هل، اچ، آءٌ پاڻ اسرائيل جي بادشاهہ ڏي خط موڪليندس. ۽ هو هليو ويو، ۽ پاڻ سان ڏهہ قنطار چانديءَ ۽ ڇهہ هزار ٽڪر سون ۽ ڏهہ وڳا ڪپڙن جا کڻي ويو.


۽ اسرائيل جي بادشاهہ اُنهن کي ڏسي اليشع کي چيو تہ اي منهنجا ابا، هنن کي ماري وٺان؟ هنن کي ماري وٺان؟


ڳولڻ لاءِ وقت، ۽ وڃائڻ لاءِ وقت؛ سانڍي رکڻ لاءِ وقت، ۽ اُڇلائي ڇڏڻ لاءِ وقت؛


پر تنهنجي مرضيءَ کانسواءِ مون ڪي بہ ڪرڻ ڪين گهُريو؛ انهي لاءِ تہ تنهنجي نيڪي ڪنهن بہ صورت ۾ لاچاريءَ سان نہ ٿئي، پر خوشيءَ سان ٿئي.


جي تون پنهنجن جوان ماڻهن کان پڇندين تہ اُهي توکي ٻڌائيندا: تنهنڪري ڀلي تہ اُهي جوان ماڻهو تنهنجي نظر ۾ مان لهن؛ ڇالاءِ جو اسين چڱي ڏينهن آيا آهيون: آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ جيڪي تنهنجي هٿ ۾ اچي سو پنهنجن ٻانهن کي، ۽ پنهنجي پٽ دائود کي ڏيئي ڇڏ.


تڏهن سائول پنهنجي نوڪر کي چيو تہ چڱو، پر ڏس، جيڪڏهن اسين هلون تہ انهي ماڻهو جي لاءِ ڇا کڻي هلون؟ ڇالاءِ جو اسانجن ٿانوَن ۾ ماني سڀ کپي ويئي آهي، ۽ انهي خدا جي ٻانهي جي لاءِ ڪابہ سوکڙي ڏيڻ جهڙي شيءِ ڪانهي: اسان وٽ ڇا آهي؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ