Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 8:4 - Sindhi Bible

4 هاڻي بادشاهہ خدا جي مرد جي نوڪر جيحازيءَ سان پئي ڳالهايو، ۽ چيائينس تہ آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ جيڪي وڏا ڪم اليشع ڪيا آهن سي مون کي ٻڌاءِ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 انهيءَ وقت بادشاهہ خدا جي بندي جي خدمتگار جيحازيءَ سان پئي ڳالهايو تہ ”مهرباني ڪري اليشع جيڪي وڏا ڪم ڪيا آهن سي مون کي ٻڌاءِ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 8:4
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ هن اُها چادر جا ايلياہ تان ڪِري پيئي هئي سا کڻي پاڻيءَ تي هنئي، ۽ چيائين تہ خداوند، ايلياہ جو خدا ڪٿي آهي؟ ۽ جڏهن هن بہ پاڻيءَ کي ڌڪ هنيو، تڏهن پاڻي چيرجي هِن پاسي ۽ هُن پاسي ٿي پيو: ۽ اليشع پار هليو ويو.


۽ هن پٺتي منهن ورائي اُنهن کي ڏٺو، ۽ خداوند جي نالي سان پٽيائين. ۽ اوچتو ٻيلي مان ٻہ رڇڻيون نڪري آيون ۽ اُنهن مان ٻائيتاليهن ٻارن کي ڦاڙي ڇڏيائون.


۽ هن پنهنجي نوڪر جيحازيءَ کي چيو تہ انهيءَ شونيميءَ کي سڏي اچ. ۽ جڏهن هو اُنهيءَ زال کي سڏي آيو، تڏهن هوءَ اچي سندس اڳيان بيٺي.


پوءِ هوءَ رواني ٿي، ۽ ڪرمل جبل تي اُنهيءَ خدا جي مرد وٽ آئي، ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اُنهيءَ خدا جي مرد هن کي پري کان ايندو ڏٺو، تڏهن پنهنجي نوڪر جيحازيءَ کي چيائين تہ ڏس، هوءَ شونيمي پيئي اچي:


تڏهن هو هيٺ لهي ويو ۽ يردن ۾ ست ٽُٻيون ڏنائين، جيئن ڪ خدا جي مرد چيو هو: ۽ ننڍي ٻار جي ماس وانگر هن جو ماس موٽي هن وٽ آيو، ۽ هو پاڪ ٿيو.


پر اليشع پنهنجي گهر ويٺو هو ۽ ساڻس گڏ بزرگ ويٺا هئا؛ ۽ بادشاهہ هڪڙو ماڻهو پنهنجي اڳيان موڪليو: پر انهيءَ کان پهرين قاصد وٽس آيو، هن انهن بزرگن کي چيو تہ ڏسو، ڪيئن نہ هن خونيءَ جي پٽ منهنجي سسي لاهڻ لاءِ ماڻهو موڪليو آهي؟ ڏسو جڏهن اهو قاصد اچي تڏهن در پوري ڇڏجو، ۽ در تان ڌڪي ڪڍجوس: هن جي ڌڻيءَ جي پيرن جو دٻڪو هن جي پٺيان نٿو اچي ڇا؟


۽ خدا جي مرد چيو تہ اهو ڪٿي ڪِريو؟ ۽ هن اُها جاءِ ڏيکاريس. تڏهن هن هڪڙي ڪاٺي وڍي انهيءَ هنڌ اُڇلائي تہ لوهہ نڪري ترڻ لڳو.


۽ اليشع چيو تہ اوهين خداوند جو ڪلام ٻڌو: خداوند هيئن ٿو فرمائي: تہ سڀاڻي هن وقت ڌاري سامريہ جي در تي ميدي جو هڪڙو ماڻ هڪڙي شيڪل تي وڪامندو، ۽ جَوَن جا ٻہ ماڻ هڪڙي شيڪل تي.


تڏهن هنن اچي شهر جي دربان کي سڏ ڪيو: ۽ چيائونس تہ اسين ارامين جي لشڪرگاهہ ۾ وياسين، ۽ ڏس، اُتي ڪوبہ ماڻهو ڪونہ هو، نہ ڪو ڪنهن ماڻهوءَ جو آواز هو، پر گهوڙا ۽ گڏهہ ٻڌا بيٺا هئا، ۽ تنبو بہ جيئن هئا تيئن بيٺا هئا.


هاڻي دروازي جي لنگهہ واري هنڌ چار ڪوڙهيا ماڻهو هئا: ۽ اُنهن هڪ ٻئي کي چيو تہ هتي اسين هيستائين ڇو ويٺا هجون جيستائين مري وڃون؟


۽ ستن ورهين کان پوءِ هيئن ٿيو تہ اُها زال فلستين جي ملڪ مان موٽي آئي: ۽ هوءَ پنهنجي گهر ۽ پنهنجي زمين لاءِ بادشاهہ وٽ فرياد ڪرڻ ويئي.


۽ انهن کي بيت الحم ڏي روانو ڪيائين، ۽ چيائين تہ وڃي انهي ننڍي ٻار جو احوال چڱيءَ طرح دريافت ڪريو؛ ۽ جڏهن اوهين انهي کي لهو، تڏهن مون کي اطلاع ڏجو، تہ آئون بہ اچي کيس سجدو ڪريان.


هاڻي جڏهن هيروديس يسوع کي ڏٺو، تڏهن ڏاڍو خوش ٿيو، ڇالاءِ جو ڳچ وقت کان مرضي هيس تہ هن کي ڏسان، جو هن بابت گهڻيون ڳالهيون ٻُڌيون هئائين، ۽ اها اُميد هيس تہ هن کي ڪو معجزو ڪندو ڏسان.


تنهن تي هيروديس چيو، تہ يوحنا جي تہ مون سسي لهرائي، پر هيءُ ڪير آهي جنهن جون ههڙيون ڳالهيون ٿيون ٻُڌجن، ۽ هن کيس ڏسڻ جي پئي ڪئي.


هن کين جواب ڏنو، تہ اڃا هينئر ٻڌايومانوَ، تہ بہ اوهان ڪين ٻُڌو: وري ڇو ٿا ٻُڌڻ چاهيو؟ اوهين بہ سندس شاگرد ٿيڻ ٿا گهرو ڇا؟


پوءِ ڪن ڏينهن کانپوءِ فيلڪس پنهنجي زال دروسلہ سان گڏجي آيو، جا يهودڻ هئي؛ ۽ پولس کي سڏائي سندس واتان مسيح جي دين بابت بيان ويهي ٻُڌائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ