Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 7:9 - Sindhi Bible

9 پوءِ هڪ ٻئي کي چوڻ لڳا تہ اسين چڱو ڪم نٿا ڪريون: اڄ خوشخبريءَ جو ڏينهن آهي، ۽ اسين ماٺ ڪري ويٺا آهيون: جيڪڏهن صبح جي سوجهري تائين ترسنداسين تہ اسان کي سزا ملندي: تنهنڪري هاڻي اچو تہ هلي بادشاهہ جي گهر وارن کي ٻڌايون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 پوءِ هو هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”اسين اهو چڱو ڪم نہ ٿا ڪريون. اڄ خوشخبريءَ جو ڏينهن آهي پر اسين ڪنهن کي بہ ڪونہ ٿا ٻڌايون. جيڪڏهن ڏينهن ٿيڻ تائين هتي ترسنداسين تہ اسان کي سزا ملندي. تنهنڪري هاڻي هلي اها خبر شاهي محل ۾ ٻڌايون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 7:9
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هڪڙو اندر لنگهي ويو، ۽ اُنهيءَ پنهنجي ڌڻيءَ کي چيو تہ اسرائيل جي ملڪ جي جيڪا ڇوڪري آهي سا هيئن ڪ هيئن ٿي چوي.


تڏهن هنن اچي شهر جي دربان کي سڏ ڪيو: ۽ چيائونس تہ اسين ارامين جي لشڪرگاهہ ۾ وياسين، ۽ ڏس، اُتي ڪوبہ ماڻهو ڪونہ هو، نہ ڪو ڪنهن ماڻهوءَ جو آواز هو، پر گهوڙا ۽ گڏهہ ٻڌا بيٺا هئا، ۽ تنبو بہ جيئن هئا تيئن بيٺا هئا.


هاڻي دروازي جي لنگهہ واري هنڌ چار ڪوڙهيا ماڻهو هئا: ۽ اُنهن هڪ ٻئي کي چيو تہ هتي اسين هيستائين ڇو ويٺا هجون جيستائين مري وڃون؟


ڇالاءِ جو خداوند جي قدرت سان ارامين جي لشڪر رٿن جو آواز، ۽ گهوڙن جو آواز، مطلب تہ هڪڙي وڏي لشڪر جو آواز ٻڌو هو: ۽ هنن هڪ ٻئي کي چيو تہ ڏسو، اسرائيل جي بادشاهہ حتين جي بادشاهن، ۽ مصرين جي بادشاهن کي ڀاڙي ڪيو آهي، تہ اسان سان وڙهن.


۽ جڏهن اهي ڪوڙهيا لشڪرگاهہ جي ٻاهرئين حصي وٽ آيا، تڏهن هڪڙي تنبوءَ ۾ گهڙي ويا ۽ اُتي وڃي کاڌائون پيتائون، ۽ اُتان چاندي، ۽ سون، ۽ ڪپڙا کڻي وڃي لڪايائون؛ پوءِ وري آيا ۽ ٻئي تنبوءَ ۾ گهڙيا، ۽ اُتان بہ اهي شيون کڻي وڃي لڪايائون.


ڇالاءِ جو سچو ماڻهو ست ڀيرا ڪري ٿو ۽ وري اُٿي ٿو: پر شريرن کي آفت اونڌو ڪري ڪيرايو وجهي.


مون ئي پهرين صيون کي چيو تہ ڏس، هن کي ڏس: آءٌ ئي يروشلم کي هڪڙو خوشخبري ڏيندڙ موڪليندس.


انهيءَ جا قدم جبل تي ڪهڙا نہ مبارڪ آهن، جيڪو خوشخبري ٿو آڻي، ۽ جيڪو سلامتيءَ جي پڌرائي ٿو ڪري؛ جيڪو ڀلائيءَ جي خوشخبري ۽ نجات جي پڌرائي ٿو ڪري؛ جيڪو صيون کي چوي ٿو تہ تنهنجو خدا بادشاهي ٿو ڪري.


ڏس، جبلن تي انهيجا پير آهن جو خوشخبري آڻي ٿو، ۽ سلامتيءَ جو اشتهار ٿو ڪري! اي يهوداهہ، تون پنهنجون عيدون ۽ پنهنجا مڃتائون پوريون ڪر. ڇالاءِ جو شرير وري تو منجهان لنگهي نہ ويندو؛ هو بلڪل چٽ ٿي ويو آهي.


پر جيڪڏهن اوهين ائين نہ ڪندا، تہ ڏسو، اوهين خداوند جا گنهگار ٿيندا: ۽ يقين ڄاڻجو، تہ اوهان جو گناهہ اوهان کي جهليندو.


پر ملائڪ انهن کي چيو تہ ڊڄو نہ، ڇالاءِ جو ڏسو، مون اوهان لاءِ وڏي خوشخبري آندي آهي، جا سڄيءَ اُمت لاءِ ٿيندي:


اوهان مان ڪوبہ رڳو پنهنجيءَ حالت تي نظر نہ ڪري، پر ٻين جي تي بہ ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ