Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 7:8 - Sindhi Bible

8 ۽ جڏهن اهي ڪوڙهيا لشڪرگاهہ جي ٻاهرئين حصي وٽ آيا، تڏهن هڪڙي تنبوءَ ۾ گهڙي ويا ۽ اُتي وڃي کاڌائون پيتائون، ۽ اُتان چاندي، ۽ سون، ۽ ڪپڙا کڻي وڃي لڪايائون؛ پوءِ وري آيا ۽ ٻئي تنبوءَ ۾ گهڙيا، ۽ اُتان بہ اهي شيون کڻي وڃي لڪايائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 جڏهن اهي ڪوڙهہ جهڙي بيماريءَ وارا ماڻهو خيمي‌گاهہ ۾ پهتا تڏهن هڪڙي تنبوءَ ۾ گھڙي ويا. هنن اتي کاڌو پيتو ۽ سون، چاندي ۽ ڪپڙا کڻي وڃي لڪايائون. هو اتان نڪري ٻئي تنبوءَ ۾ گھڙيا ۽ اتان بہ ڪجھہ شيون کڻي وڃي لڪايائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 7:8
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جڏهن هو ٽڪريءَ وٽ آيو، تڏهن هن اُهي هنن جي هٿان ورتا ۽ گهر ۾ رکي ڇڏيائين: پوءِ هن اُنهن کي موڪل ڏني ۽ هو هليا ويا.


پوءِ هڪ ٻئي کي چوڻ لڳا تہ اسين چڱو ڪم نٿا ڪريون: اڄ خوشخبريءَ جو ڏينهن آهي، ۽ اسين ماٺ ڪري ويٺا آهيون: جيڪڏهن صبح جي سوجهري تائين ترسنداسين تہ اسان کي سزا ملندي: تنهنڪري هاڻي اچو تہ هلي بادشاهہ جي گهر وارن کي ٻڌايون.


تنهنجون رسيون ڍريون ٿي ويون آهن؛ اهي پنهنجي کوهي جي پاڙ مضبوط ڪري نہ سگهيا، اهي پنهنجو سڙهہ چاڙهي نہ سگهيا: تڏهن وڏيءَ لٽ جو مال ورهايو ويو؛ منڊن کي لٽ جو مال مليو.


پر انهن ۾ ڏهہ ماڻهو هئا جن اسماعيل کي چيو تہ اسان کي نہ مار: ڇالاءِ جو اسان وٽ ٻنيءَ ۾ ڪڻڪ جا، ۽ جوَن جا، ۽ تيل جا، ۽ ماکيءَ جا وڏا انداز لڪل آهن، تنهن ڪري هو باز آيو ۽ هنن کي سندن ڀائرن سان گڏ قتل نہ ڪيائين.


آسمان جي بادشاهت ٻنيءَ ۾ لڪل خزاني مثل آهي، جو ڪنهن ماڻهوءَ لڌو، ۽ لڪائي رکيائين؛ ۽ خوشيءَ وچان وڃي جيڪي وٽس هو، سو وڪڻي اُها ٻني خريد ڪيائين.


پر جنهن کي هڪڙو مليو هو، تنهن وڃي زمين ۾ کڏ کوٽي، پنهنجي ڌڻيءَ وارا پئسا لڪائي ڇڏيا.


جڏهن لٽ جي مال ۾ مون هڪڙي سهڻي بابل جي پوشاڪ، ۽ ٻہ سؤ چانديءَ جا شيڪل، ۽ پنجاهن شيڪلن جي تور جي هڪڙي سوني ڇپر ڏٺي، ۽ انهن جي مون کي لالچ ٿي، تڏهن اُهي شيون مون کنيون؛ ۽ ڏس، اُهي منهنجي تنبوءَ ۾ زمين جي هيٺان لڪل آهن، ۽ چاندي انهن جي هيٺان آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ