Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 7:7 - Sindhi Bible

7 تنهنڪري هو اُٿيا، ۽ نما شام جو ئي پنهنجا تنبو، ۽ پنهنجا گهوڙا، ۽ پنهنجا گڏهہ، مطلب تہ لشڪرگاهہ جيئن هو تيئن ڇڏي ساهہ بچائي اُٿي ڀڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 تنهنڪري هو شام جو ئي پنهنجا تنبو، گھوڙا ۽ گڏهہ، مطلب تہ هر شيءِ جيئن جو تيئن خيمي‌گاهہ ۾ ڇڏي جان بچائي اُٿي ڀڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 7:7
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هڪ رٿ مصر مان چانديءَ جي ڇهہ سؤ شيڪلن ڏيڻ تي ايندو هو، ۽ هڪڙو گهوڙو ڏيڍ سؤ شيڪلن تي: ۽ انهيءَ طرح سڀني حتين جي بادشاهن، ۽ ارام جي بادشاهن لاءِ بہ، اُنهن جي ئي هٿان اُهي ايندا هئا.


۽ انهن مان هر ڪنهن پنهنجي مقابلي ڪندڙ کي ماريو؛ ۽ ارامي اُٿي ڀڳا ۽ اسرائيلي انهن جي پٺيان پيا: ۽ ارام جو بادشاهہ بن هدد گهوڙي تي چڙهي هڪڙي گهوڙي سوار سان گڏ جند ڇڏائي ڀڳو.


سڀ ڪنهن پاسي کان خوف هن کي ڊيڄاريندا، ۽ هن جي پٺيان پئي کيس ڀڄائيندا.


گهوڙو بچاءُ جي لاءِ اجائي شيءِ آهي: هو پنهنجي گهڻي زور جي ڪري ڪنهن کي ڪونہ بچائيندو.


لشڪرن جا بادشاهہ ڀڄي ويا، اهي جلد ڀڳا: ۽ جا زال گهر ۾ ويٺي هئي تنهن لٽ جو مال ورهايو.


بادشاهہ جي دل خداوند جي هٿ ۾ پاڻيءَ جي نهرن وانگي آهي: هو انهيءَ کي جيڏانهن وڻيس ٿو تيڏانهن ڦيرائي ٿو.


شرير ڀڄندا آهن، جڏهن ڪوبہ سندن پٺيان نٿو پوي، پر سچا شينهن وانگي بهادر آهن.


پاڻ کي ائين ڇڏاءِ جيئن ڪا هرڻي پاڻ کي شڪاريءَ جي هٿان ڇڏائي، ۽ جيئن ڪو پکي ماريءَ جي هٿان.


انهي ڏينهن انسان پنهنجا چانديءَ جا بت، جي پوڄڻ واسطي پنهنجي لاءِ جوڙيا هئائين، سي ڇڇوندر ۽ چمڙن جي اڳيان اُڇلائي ڇڏيندو؛


تان تہ (واعدو ۽ قسم) ٻہ بي تبديل ڳالهيون، جن جي نسبت ۾ خدا جو ڪوڙو ٿيڻ ناممڪن آهي، تن جي وسيلي اسان کي پڪيءَ طرح خاطري ٿئي، تہ جيڪا اُميد اسان جي اڳيان رکيل آهي، تنهن کي هٿ ڪرڻ لاءِ پناهہ وٺڻ واسطي ڊوڙي آيا آهيون.


۽ هرڪو ماڻهو منزلگاهہ جي چوڌاري پنهنجي پنهنجي جاءِ تي بيهي رهيو: ۽ سڄو لشڪر ڊوڙڻ لڳو؛ ۽ هنن واڪا ڪري هنن کي ڀڄائي ڪڍيو.


۽ لشڪرگاهہ ۾، ميدان ۾، ۽ سڀني ماڻهن ۾، اچي ڏڪڻي پيئي؛ فوجي ۽ ڦرلٽ ڪرڻ وارا بہ پئي ڏڪيا: ۽ زمين بہ پئي ڌٻي؛ مطلب تہ نهايت وڏي ڏڪڻي پئجي ويئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ