Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 7:5 - Sindhi Bible

5 پوءِ هو نما شام جي مهل ارامين جي لشڪرگاهہ ڏانهن وڃڻ لاءِ اُٿيا: ۽ جڏهن اُهي ارامين جي لشڪرگاهہ جي ٻاهرين پاسي تائين آيا، تڏهن ڏسن تہ ڪوبہ ماڻهو اُتي ڪونهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 هو شام جو منهن انڌاري مهل ارامين جي خيمي‌گاهہ ڏانهن وڃڻ لاءِ اٿيا. جڏهن هو خيمي‌گاهہ وٽ پهتا تہ ڇا ڏسن تہ ڪوبہ ماڻهو اتي ڪونهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 7:5
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪڏهن اسين چونداسين تہ شهر ۾ ٿا گهڙون، تہ ڏڪار اڳيئي شهر ۾ آهي، ۽ اسين اُتي مري وينداسين: ۽ جي هتي ماٺ ڪيو ويٺا هونداسين، تہ بہ مري وينداسين. تنهنڪري هاڻي هلو تہ هلي ارامين جي لشڪر جي وچ ۾ پئون: جي هنن اسان کي جيئرو بچايو تہ جيئرا رهنداسين؛ ۽ جي اسان کي ماريائون تہ بہ نيٺ مرنداسين.


ڇالاءِ جو خداوند جي قدرت سان ارامين جي لشڪر رٿن جو آواز، ۽ گهوڙن جو آواز، مطلب تہ هڪڙي وڏي لشڪر جو آواز ٻڌو هو: ۽ هنن هڪ ٻئي کي چيو تہ ڏسو، اسرائيل جي بادشاهہ حتين جي بادشاهن، ۽ مصرين جي بادشاهن کي ڀاڙي ڪيو آهي، تہ اسان سان وڙهن.


۽ هنن ۾ جو سردار اونداهيءَ ۾ ڪلهي تي سامان کڻي هليو ويندو: هو ڀت کوٽي ٽُنگ ڪري اُنهي مان اُهو کڻي ويندو: هو پنهنجو منهن ڍڪيندو، ڇالاءِ جو پنهنجين اکين سان زمين نہ ڏسندو.


جانورن مان فقط پهريون ڄاول ٻچو، جو خداوند جي لاءِ پهريون ڦل آهي، تنهن کي ڪوبہ ماڻهو مخصوص نہ ڪري: پوءِ اهو ڍڳو هجي يا رڍ، اهو خداوند جو آهي.


پر جيڪڏهن انهي جي وسعت تنهنجي ٺهرايل انداز کان گهٽ هجي تہ انهي کي ڪاهن جي اڳيان حاضر ڪيو وڃي، ۽ ڪاهن انهي مڃت مڃڻ واري جي وسعت آهر انهي جي قيمت مقرر ڪري.


جيڪي تنهنجا دشمن تو تي ڪاهي ايندا، تن کي خداوند تنهنجي اڳيان مارائي ڀڄائيندو: اهي هڪڙي رستي کان توتي ڪاهي ايندا، ۽ ستن رستن کان تنهنجي اڳيان ڀڄي ويندا.


اهي ٻاهر ترار سان، ۽ اندر ڪوٺين ۾ ڊپ جي ڪري مرندا؛ جوان ماڻهو، ڪنواريون ڇوڪريون، کير پياڪ ٻار ۽ پير مرد، سڀ ائين برباد ٿيندا.


جيڪڏهن انهن جو ٽڪر کين وڪڻي نہ ڇڏي ها، ۽ خداوند انهن کي حوالي نہ ڪرائي ها، تہ ڪيئن هڪڙو ڄڻو هزار جي پٺيان پوي ها، ۽ ٻہ ڄڻا ڏهن هزارن کي ڀڄائي ڪڍن ها؟


۽ دائود پرهہ ڦٽيءَ کان وٺي ٻئي ڏينهن جي شام تائين انهن کي پئي ماريو: ۽ چئن سوَن جوان ماڻهن کان سواءِ جي اُٺن تي چڙهي اُٿي ڀڳا، انهن مان هڪڙو بہ ماڻهو نہ بچيو؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ