Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 7:4 - Sindhi Bible

4 جيڪڏهن اسين چونداسين تہ شهر ۾ ٿا گهڙون، تہ ڏڪار اڳيئي شهر ۾ آهي، ۽ اسين اُتي مري وينداسين: ۽ جي هتي ماٺ ڪيو ويٺا هونداسين، تہ بہ مري وينداسين. تنهنڪري هاڻي هلو تہ هلي ارامين جي لشڪر جي وچ ۾ پئون: جي هنن اسان کي جيئرو بچايو تہ جيئرا رهنداسين؛ ۽ جي اسان کي ماريائون تہ بہ نيٺ مرنداسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 جيڪڏهن شهر ۾ ٿا هلون تہ اتي تہ اڳ ۾ ئي ڏڪار آهي، سو اسين بک سبب مري وينداسين، پر جي هتي ماٺ ڪيو ويٺا هونداسين تہ بہ مري وينداسين. تنهنڪري هاڻي هلي ٿا ارامين جي خيمي‌گاهہ ۾ گھڙون. جيڪڏهن هنن اسان کي جيئرو ڇڏيو تہ ٺيڪ آهي، نہ تہ بہ ماري ڇڏيندا ٻيو ڇا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 7:4
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو اسان کي ضرور مرڻو آهي، ۽ اسين انهيءَ پاڻيءَ جهڙا آهيون جو زمين تي هاريو ويو هجي، ۽ وري گڏ ٿي نہ سگهي؛ خدا ماري نہ ٿو، پر اهڙا اُپاءَ ٿو ڪري تہ جنهن کي شهر نيڪالي ملي آهي سو هميشہ لاءِ کانئس رد ڪيل نہ رهي.


۽ انهيءَ کان پوءِ هيئن ٿيو تہ ارام جي بادشاهہ بن هدد پنهنجو سارو لشڪر گڏ ڪيو ۽ چڙهي وڃي سامريہ تي گهيرو ڪيائين.


پوءِ هو نما شام جي مهل ارامين جي لشڪرگاهہ ڏانهن وڃڻ لاءِ اُٿيا: ۽ جڏهن اُهي ارامين جي لشڪرگاهہ جي ٻاهرين پاسي تائين آيا، تڏهن ڏسن تہ ڪوبہ ماڻهو اُتي ڪونهي.


منسيءَ مان بہ ڪي، جڏهن دائود فلستين سان گڏجي سائول سان جنگ ڪرڻ آيو، تڏهن وٽس آيا، پر هنن انهن کي مدد ڪانہ ڏني: ڇالاءِ جو فلستين جي اميرن صلاح مشورت کانپوءِ هن کي موڪلي ڏنو، ۽ چيائون تہ هو پنهنجي ڌڻيءَ سائول سان وڃي شامل ٿيندو، ۽ منجهانئس اسان جي سرن کي جوکو آهي.


جيڪي يهودي هن وقت سوسن ۾ آهن سي سڀ گڏ ٿيو، ۽ منهنجي لاءِ روزو رکو، ۽ ٽن ڏينهن تائين، رات جو توڙي ڏينهن جو، نڪي کائو نڪي پيئو: آءٌ ۽ منهنجون سهيليون بہ ساڳيءَ طرح روزو رکنديونسين؛ پوءِ اُنهيءَ حال ۾ آءٌ بادشاهہ وٽ وينديس، جيتوڻيڪ ائين ڪرڻ قاعدي موجب نہ آهي: پوءِ جي آءٌ مُيس، تہ ڀلي مران.


جيڪڏهن آءٌ ميدان تي نڪري ويندس، تہ پوءِ ترار جا ڪُٺل ڏسج! ۽ جيڪڏهن آءٌ شهر ۾ ويندس، تہ پوءِ ڏڪار جا ڏتڙيل ڏسج! نبي توڙي ڪاهن ٻئي ملڪ ۾ پيا گهمن، پر ڪابہ خبر ڪانہ ٿي پوين.


اسين ڇو ماٺ ڪري ويٺا آهيون؟ اوهين اُٿي گڏ ٿيو، هلو تہ ڪوٽن وارن شهرن ۾ هلي ويهون ۽ اُتي ماٺ ڪري ويهو: ڇالاءِ جو خداوند اسان جي خدا اسان کي ماٺ ڪرائي آهي، ۽ اسان کي ڪَڙو پاڻي پيئڻ لاءِ ڏنو اٿس، ڇو جو اسان خداوند جو گناهہ ڪيو آهي.


ڪنهن کي خبر تہ خدا پنهنجي سخت ڪاوڙ کان ڪين مڙندو ۽ ڦرندو، تہ اسين ناس ٿي نہ وڃون.


۽ جهڙيءَ طرح ماڻهن لاءِ هڪڙي ئي ڀيري مرڻ ۽ انهي کانپوءِ عدالت جو هئڻ مقرر ڪيل آهي؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ