Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 7:2 - Sindhi Bible

2 تڏهن جنهن سردار جي هٿ تي بادشاهہ ٽيڪ ڏيو بيٺو هو، تنهن ورندي ڏيئي اُنهيءَ خدا جي مرد کي چيو تہ ڏس، جيڪڏهن خداوند آسمان ۾ دريون جوڙيندو تہ بہ اها ڳالهہ ٿي سگهندي ڇا؟ ۽ هن چيو تہ ڏس، تون اهو پنهنجين اکين سان ڏسندين، مگر اُنهيءَ مان کائيندين ڪين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 تنهن تي بادشاهہ جي ماڻهوءَ خدا جي بندي کي چيو تہ ”جيڪڏهن خداوند آسمان جون دريون کولي ڇڏي تہ بہ ائين ٿي نہ سگھندو.“ تنهن تي اليشع کيس وراڻيو تہ ”تون اهو پنهنجين اکين سان ڏسندين پر انهيءَ مان کائيندين ڪين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 7:2
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن نوح جي عمر ڇهہ سؤ ورهين جي هئي، تڏهن انهيءَ سال جي ٻئي مهيني جي سترهين تاريخ وڏي سمنڊ جا سڀئي چشما ڦاٽي پيا، ۽ آسمان جون دريون پٽجي پيون،


انهيءَ ڳالهہ ۾ شل خداوند تنهنجي ٻانهي کي معاف ڪري؛ جڏهن منهنجو ڌڻي رمون جي گهر ۾ عبادت ڪرڻ لاءِ وڃي ۽ منهنجي هٿ تي ٽيڪ ڏئي، ۽ آءٌ رمون جي گهر ۾ سجدو ڏيان، جڏهن آءٌ پاڻ رمون جي گهر ۾ سجدو ڏيان تڏهن شل خداوند تنهنجي ٻانهي کي انهيءَ ڳالهہ ۾ معافي ڏئي.


۽ هو صبح جو سوير اُٿي تقوع جي بيابان ڏي ويا: ۽ جيئن هو نڪري پئي ويا تيئن يهوسفط بيهي چيو تہ اي يهوداہ ۽ اي يروشلم جا رهاڪو، منهنجي ٻڌو؛ خداوند پنهنجي خدا تي ايمان آڻيو تہ اوهين قائم ٿيو؛ هن جي نبين جي ڳالهہ مڃو تہ اوهين اقبالمند ٿيو.


پوءِ بہ انهن موٽي خدا کي آزمايو، ۽ اسرائيل جي قدوس کي ناراض ڪيائون.


۽ افرائيم جي گاديءَ جو هنڌ سامريہ آهي، ۽ سامريہ جو سردار رملياہ جو پٽ آهي. جيڪڏهن اوهين ايمان نہ آڻيندا تہ ضرور اوهين بہ قائم نہ ٿيندا.


تنهن ڪري خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ڏسو، آءٌ سمعياہ نخلاميءَ ۽ سندس اولاد کي سزا ڏيندس، هن وٽ هن قوم ۾ رهڻ جي لاءِ ڪوبہ ماڻهو ڪونہ رهندو، ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ نڪي هو اُها چڱائي ڏسندو جا آءٌ پنهنجي قوم سان ڪندس: ڇالاءِ جو هن خداوند جي برخلاف بغاوت ڪئي آهي.


لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ پوري ڏهاڪي انبارخاني ۾ آڻيو، تہ منهنجي گهر ۾ کاڌو هجي، ۽ انهيءَ سان مون کي آزمايو، تہ آءٌ اوهان جي لاءِ آسمان جون دريون کولي برڪت ٿو وسايان يا نہ، يعني اهڙي برڪت جو انهيءَ کي گڏ ڪرڻ لاءِ جاءِ ڪونہ بچندي.


هو مون کي روئي روئي چون ٿا تہ اسان کي گوشت ڏي تہ اسين کائون، پر آءٌ هيترن ماڻهن کي گوشت ڪٿان آڻي ڏيان؟


خدا ماڻهو ناهي، جو ڪوڙ ڳالهائي؛ نہ آدمزاد آهي، جو پڇتائي: جيڪي هن چيو آهي، سو پورو نہ ڪندو ڇا؟ يا جيڪي هن فرمايو آهي، سو پورو نہ ڪندو ڇا؟


۽ جيڪڏهن ڪن ايمان نہ آندو تہ ڇا ٿيو؟ هنن جي ايمان نہ آڻڻ ڪري خدا جي وفاداري نڪمي ٿي پوندي ڇا؟


تون پسگاهہ جي چوٽيءَ تي چڙهي وڃ، ۽ الهندي ڏانهن، اُتر ڏانهن، ڏکڻ ڏانهن، ۽ اُڀرندي ڏانهن نهاري پنهنجين اکين سان ڏس: ڇالاءِ جو تون هن يردن جي پرئين ڀر نہ ويندين.


جيڪڏهن اسين بي وفا ٿينداسين، تہ بہ هو وفادار رهندو، ڇالاءِ جو هو ڪڏهن بدلجڻ وارو ناهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ