Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 7:1 - Sindhi Bible

1 ۽ اليشع چيو تہ اوهين خداوند جو ڪلام ٻڌو: خداوند هيئن ٿو فرمائي: تہ سڀاڻي هن وقت ڌاري سامريہ جي در تي ميدي جو هڪڙو ماڻ هڪڙي شيڪل تي وڪامندو، ۽ جَوَن جا ٻہ ماڻ هڪڙي شيڪل تي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 تڏهن اليشع وراڻيو تہ ”خدا جيڪي فرمائي ٿو سو ٻڌ. هو چوي ٿو تہ ’سڀاڻي هن ئي وقت ڌاري سامريہ شهر جي دروازي تي ميدي جا ٽي ڪلوگرام ۽ جَوَن جا ڇهہ ڪلوگرام چانديءَ جي هڪ هڪ سڪي تي وڪامندا.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 7:1
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن چيو تہ انهيءَ ڪري تون خداوند جو ڪلام ٻڌ: مون خداوند کي پنهنجي تخت تي ويٺل ڏٺو، ۽ آسمان جو سارو لشڪر سندس سڄي هٿ پاسي ۽ کٻي هٿ پاسي سندس نزديڪ بيٺو هو.


۽ يسعياہ حزقياہ کي چيو تہ خدا جو ڪلام ٻڌ.


۽ بعل سليسہ مان هڪڙو ماڻهو اُتي آيو، ۽ اُنهيءَ خدا جي مرد لاءِ پهرئين فصل جي ماني آندي، يعني جَوَن جون ويهہ مانيون، ۽ تازا اَن جا سنگ، پنهنجي ڳوٿريءَ ۾ آندائين. ۽ هن چيو تہ اهي بہ هنن ماڻهن کي ڏي تہ کائين.


۽ سامريہ ۾ ڏاڍو ڏڪار اچي پيو: ۽ ڏس، هنن شهر کي ايستائين گهيرو ڪيو جيستائين ڪ هڪڙي گڏهہ جي سسي چانديءَ جي اسي شيڪلن تي وڪامڻ لڳي، ۽ ڪبوترن جون وٺيون، هڪڙي ماڻ جي چوٿينءَ پتيءَ جيتريون، چانديءَ جي پنجن شيڪلن تي وڪاڻيون.


۽ اڃا هن اُنهن سان پئي ڳالهايو تہ اُهو قاصد وٽس آيو: ۽ اچي چيائينس تہ ڏس، هيءَ خرابي خداوند جي طرفان آيل آهي: ڇالاءِ آءٌ هن کان وڌيڪ خداوند جو منتظر رهان؟


۽ ماڻهو نڪري ويا ۽ ارامين جي لشڪرگاهہ کي لٽيائون. انهيءَ طرح ميدي جو هڪڙو ماڻ هڪڙي شيڪل تي وڪاڻو، ۽ جَوَن جا ٻہ ماڻ هڪڙي شيڪل تي وڪاڻا، جيئن ڪ خداوند فرمايو هو.


خدا انهي جي وچ ۾ آهي؛ ان کي لوڏو ئي ڪين ايندو؛ صبح جو سوير خدا انهي جي مدد ڪندو.


تڏهن موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ ڊڄو نہ، صبر ڪريو خداوند جو ڇوٽڪارو ڏسو جو اڄ هو ظاهر ڪندو: ڇالاءِ تہ جن مصرين کي اوهين اڄ ڏسو ٿا، تن کي وري ڪڏهن بہ ڪين ڏسندا.


مون بني اسرائيل جي شڪايت ٻڌي آهي؛ هنن کي چئُہ تہ اوهين شام جي وقت گوشت کائيندا، ۽ صبح جو اوهان کي ڍؤ تي ماني ملندي؛ ۽ اوهان کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


۽ آءٌ پنهنجي اُمت ۽ تنهنجي اُمت جي وچ ۾ تفاوت رکندس: سڀاڻي اُها نشاني ظاهر ٿيندي.


اي سدوم جا حاڪم، خداوند جو ڪلام ٻڌو؛ اي عموراہ جي قوم، اوهين اسان جي خدا جي شريعت ڏي ڪن ڏيو.


وري هن مون کي چيو تہ تون هنن هڏين تي نبوت ڪري چئُہ، تہ اي سُڪل هڏيون، اوهين خداوند جو ڪلام ٻڌو.


هتي هڪڙو ڇوڪرو آهي، جنهن وٽ جَوَن جون پنج مانيون ۽ ٻہ ڪُرڙيون آهن، پر اهي ايترن ماڻهن ۾ ڇا ٿينديون؟


۽ يشوع ماڻهن کي چيو تہ پاڻ کي اوهين پاڪ ڪريو؛ ڇالاءِ جو سڀاڻي خداوند اوهان منجهہ ڪي عجائب ظاهر ڪندو.


۽ مون ڄڻ تہ هنن چئن جاندارن جي وچ مان هڪڙي آواز کي هيئن چوندو ٻُڌو، تہ هڪ دينار لاءِ ڪڻڪ جو سير ۽ هڪ دينار لاءِ جَوَن جا ٽي سير، پر تيل ۽ مئي کي نقصان نہ رساءِ.


۽ جيڪي قاصد آيا هئا تن کي هنن چيو تہ اوهين يبيس جلعاد جي ماڻهن کي هيئن چئجو، تہ سڀاڻي جڏهن سج تپندو تڏهن اوهان جو ڇوٽڪارو ٿيندو، ۽ قاصدن اچي يبيس جي ماڻهن کي ائين ئي چيو؛ ۽ هو خوش ٿيا.


۽ سموئيل سائول کي چيو، تہ مون کي خداوند موڪليو تہ توکي مسح ڪري سندس قوم تي، يعني اسرائيل تي بادشاهہ ڪريان: تنهنڪري هاڻي تون خداوند جو ڪلام ٻڌ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ