Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 5:1 - Sindhi Bible

1 هاڻي ارام جي بادشاهہ جو سپهہ سالار نعمان وڏو ماڻهو هو، ۽ پنهنجي ڌڻيءَ جي اڳيان عزت وارو هو، ڇالاءِ جو انهيءَ جي وسيلي خداوند ارام کي فتح ڏني هئي: هو همت وارو بهادر مرد بہ هو، مگر هو ڪوڙهيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 ارام جي بادشاهہ جو هڪڙو سپهہ‌سالار هو جنهن جو نالو نعمان هو. پنهنجي مالڪ جي نظر ۾ هو وڏو ڳُڻن ڀريو ماڻهو هو ۽ سندس وڏي عزت هئي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ جي وسيلي خداوند ارام ملڪ کي فتح ڏني هئي. هو هڪ بهادر سپاهي هو، پر کيس ڪوڙهہ جهڙي چمڙيءَ جي بيماري هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 5:1
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اليشع نبيءَ جي ڏينهن ۾ اسرائيل ۾ گهڻيئي ڪوڙهيا هئا، پر منجهانئن سوريہ جي ويٺل نعمان کانسواءِ ڪنهن بہ شفا ڪانہ پاتي.


ڇالاءِ جو مون کي اهڙي همت ڪانهي تہ جيڪي ڳالهيون غير قومن جي تابع ڪرڻ لاءِ، قول توڙي فعل سان مسيح منهنجي معرفت ڪيون، تن کانسواءِ ڪنهن ٻي ڳالهہ جو ذڪر ڪريان،


گهوڙو جنگ جي ڏينهن لاءِ تيار ڪجي ٿو، پر فتح خداوند جي وس آهي.


ڇالاءِ جو مردڪئي بادشاهہ جي گهر ۾ وڏو هو، ۽ هن جي ناموس سڀني پرڳڻن ۾ پکڙجي ويئي هئي: انهي لاءِ جو اهو شخص مردڪئي وڌندو ويو.


رڳو بني عمون جو ملڪ، ۽ يبوق نديءَ جو اهو پاسو ۽ جابلو ملڪ جا شهر، ۽ ٻيو بہ جتي جتي خداوند اسان جي خدا اسان کي منع ڪئي هئي، انهي هنڌ جي ويجهو تون نہ وئين.


ڇالاءِ جو مردڪئي يهودي، بادشاهہ اخسويرس کانپوءِ، ٻئي درجي جو هو، ۽ يهودين ۾ وڏو هو، ۽ پنهنجن سڀني ڀائرن وٽ قبول پيو هو؛ ۽ پنهنجي قوم جو ڀلو گهرندڙ هو، ۽ پنهنجي سڄي نسل سان سلامتيءَ جون ڳالهيون ڪندو هو.


۽ هڪڙي ڏينهن هيئن ٿيو تہ اليشع لنگهي شونيم ڏي ويو، جتي هڪڙي امير زال رهندي هئي؛ ۽ هن زور ڪيس تہ ماني کاءُ. ۽ ائين ئي ٿيو، تہ جڏهن ڪڏهن هو اُتان لنگهندو هو تڏهن ڦري اچي اُتي ماني کائيندو هو.


۽ خداوند انهن ماڻهن کي مصرين جي نظر ۾ عزت بخشي، ۽ فرعون جا نوڪر ۽ سندس ماڻهو، موسيٰ کي وڏو بزرگ سمجهڻ لڳا.


۽ ظهورن جي نهايت گهڻائيءَ ڪري متان آئون مغرور ٿي پوان، تنهنڪري منهنجي جسم ۾ هڪڙو ڪنڊو هنيو ويو، تہ شيطان جو قاصد ٿي اهو مون کي تنگ ڪري تہ آئون مغرور نہ ٿيان.


يسوع جواب ڏنس تہ جيڪڏهن توکي اُها مٿان نہ ملي ها، تہ تنهنجي مون تي ڪابہ اختياري ڪانہ هلي ها، تنهنڪري جنهن مون کي تنهنجي حوالي ڪيو آهي، تنهن تي زيادہ گناهہ آهي.


هاڻي دروازي جي لنگهہ واري هنڌ چار ڪوڙهيا ماڻهو هئا: ۽ اُنهن هڪ ٻئي کي چيو تہ هتي اسين هيستائين ڇو ويٺا هجون جيستائين مري وڃون؟


ڀلي تہ اهو يوآب ۽ سندس اباڻي گهراڻي تي پوي؛ ڀلي تہ يوآب جي گهراڻي مان ڪونہ ڪو اهڙو ٿئي جنهن کي ڳوڙهي نڪري يا ڪوڙهيو هجي، يا جو لٺ تي هلي، يا جو ترار سان قتل ٿئي، يا جو مانيءَ لاءِ محتاج هجي.


تنهنڪري نعمان جو ڪوڙهہ توکي ۽ تنهنجي اولاد کي هميشہ لاءِ چُهٽندو؛ ۽ هو هن وٽان ڪوڙهيو ٿي نڪتو، اهڙو اڇو جهڙي برف.


۽ ارامي ٽوليون ڪري نڪري ويا هئا؛ ۽ اسرائيل جي ملڪ مان هڪڙي ننڍڙي ڇوڪري قيد ڪري وٺي آيا هئا؛ ۽ اُها نعمان جي زال جي خدمتگار هئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ