Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 4:8 - Sindhi Bible

8 ۽ هڪڙي ڏينهن هيئن ٿيو تہ اليشع لنگهي شونيم ڏي ويو، جتي هڪڙي امير زال رهندي هئي؛ ۽ هن زور ڪيس تہ ماني کاءُ. ۽ ائين ئي ٿيو، تہ جڏهن ڪڏهن هو اُتان لنگهندو هو تڏهن ڦري اچي اُتي ماني کائيندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 هڪڙي ڏينهن اليشع شونيم ڳوٺ ڏانهن ويو. اتي هڪڙي شاهوڪار عورت رهندي هئي جنهن اليشع تي زور ڀريو تہ ”اسان جي دعوت کاءُ.“ انهيءَ کان پوءِ جڏهن بہ اليشع شونيم ڳوٺ ڏانهن ويندو هو تہ انهيءَ عورت وٽ ماني کائيندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 4:8
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر هن گهڻو زور ڪين، تڏهن هو ڏانهنس وريا، ۽ سندس گهر آيا؛ ۽ هن سندن مهماني ڪئي، ۽ فطيري ماني پچايائين ۽ هنن کاڌو.


هاڻي برزلي هڪڙو تمام ٻڍو ماڻهو هو، ۽ اسي ورهين جي عمر جو هو: ۽ جڏهن بادشاهہ محنايم ۾ هو تڏهن هن کي سرسات موجود ڪري ڏني هئائين: ڇالاءِ جو هو تمام وڏو ماڻهو هو.


تڏهن هنن اسرائيل جي سڀني سرحدن ۾ هڪڙي خوبصورت ڇوڪري ڳولي، ۽ شونميت ابي شاگ لڌائون، جا وٺي بادشاهہ وٽ آندائون.


۽ جڏهن اُهو ٻار وڏو ٿيو تڏهن هڪڙي ڏينهن هيئن ٿيو تہ هو پنهنجي پيءُ ڏانهن ٻني لڻڻ وارن وٽ ويو.


هن جو مال ملڪيت ست هزار رڍون، ۽ ٽي هزار اُٺ، ۽ پنج سؤ ڏاندن جا جوڙا، ۽ پنج سؤ گڏهيون، ۽ تمام وڏو ڪٽنب هو؛ انهي ڪري اهو ماڻهو اُڀرندي جي سڀني رهندڙن مان سڀ کان وڏو هو.


وڏي مرتبي وارا ضرور نہ آهي تہ ڏاها هجن، نڪي وڏي عمر وارا انصاف جي سمجهہ رکندا آهن.


ڏاڍيءَ مٺيءَ ٻوليءَ سان هوءَ هن کي قبول ڪرائي ٿي، ۽ پنهنجن چپن جي چاپلوسيءَ سان هن کي زور ڪري وٺي وڃي ٿي.


ساڳيءَ طرح جنهن کي ٻہ قنطار مليا هئا، تنهن بہ ٻيا ٻہ ڪمايا.


ڇوتہ هو خداوند جي نظر ۾ بزرگ ٿيندو، ۽ نڪو شراب ۽ نڪا نشي جي شيءِ پيئندو؛ ۽ ماءُ جي پيٽان ئي پاڪ روح سان ڀرپور ٿيندو.


تڏهن مالڪ نوڪر کي چيو، تہ سڙڪن، ۽ ٻنين جي دڳن تي وڃ، ۽ مجبور ڪري وٺي اچين، تہ منهنجو گهر ڀرجي پوي.


تڏهن هنن زور ڪيس تہ اسان وٽ ٽڪي پؤ، ڇالاءِ جو سانجهي ٿيڻ تي آهي، ۽ ڏينهن لڙي ويو هو. تڏهن هو ساڻن ٽڪڻ لاءِ اندر ويو.


۽ جڏهن انهيءَ، توڙي سندس گهر جي سڀني ڀاتين بپتسما ورتي، تڏهن اسان کي منٿ ڪري چوڻ لڳي تہ جيڪڏهن اوهين مون کي خداوند جي ايماندار بندي ڪري ٿا سمجهو، تہ منهنجي گهر هلي رهو. ۽ زور ڪري اسان کي وٺي ويئي.


۽ انهن جي سرحد يزرعيل، ۽ ڪسولوٿ، ۽ شونيم؛


تڏهن هن پير مرد چيس تہ شل تون سلامت رهين، پر ڀلي جيڪي توکي گهرجي سو مون تي هجي؛ رڳو ايترو ڪر جو رستي تي نہ ٽڪ.


۽ فلستي گڏ ٿيا ۽ شونيم ۾ تنبو هنيائون: ۽ سائول سڀ اسرائيلي گڏ ڪيا، ۽ اُنهن جلبوعہ ۾ تنبو هنيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ