Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 3:9 - Sindhi Bible

9 پوءِ اسرائيل جو بادشاهہ، ۽ يهوداہ جو بادشاهہ، ۽ ادوم جو بادشاهہ، گڏجي روانا ٿيا: ۽ هنن ست ڏينهن چوڌاري گشت ڪيو، پر لشڪر ۽ جانور، جي سندن پٺيان هئا، تن لاءِ پاڻي موجود نہ هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 سو اسرائيل جو بادشاهہ يهوداہ جي بادشاهہ ۽ ادوم جي بادشاهہ سان گڏجي روانو ٿيو. بيابان کان ڦرندي ستن ڏينهن جي پنڌ ڪرڻ کان پوءِ وٽانئن پاڻي کپي ويو. سو سندن لاءِ، سندن لشڪر لاءِ ۽ سندن جانورن لاءِ پاڻي ڪونہ بچيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 3:9
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ چئون تہ بادشاهہ هيئن ٿو چوي تہ هن ماڻهوءَ کي قيد ۾ وجهو، ۽ مصيبت جي ماني کارايوس، ۽ مصيبت جو پاڻي پياريوس، جيسين ڪ آءٌ صحيح سلامت اچي پهچان.


۽ ادوم ۾ ڪوبہ بادشاهہ ڪونہ هو: هڪڙو نائب بادشاهي ڪندو هو.


يهوسفط ترسيس جا جهاز سون آڻڻ لاءِ اوفير ڏانهن موڪليا: پر هو نہ ويا؛ ڇالاءِ جو جهاز عصيون جابر ۾ ڀڄي پيا.


هاڻي يهوداہ جي بادشاهہ يهوسفط جي ارڙهين ورهيہ ۾، يهورام بن اخي آب سامريہ ۾ اسرائيل جي مٿان بادشاهي ڪرڻ لڳو، جا ٻارهن ورهيہ هلي.


۽ اسرائيل جي بادشاهہ چيو تہ افسوس آهي، ڇالاءِ جو خداوند هن ٽن بادشاهن کي گڏ سڏيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ هنن کي موآب جي هٿن ۾ ڏيئي.


۽ هن يهوداہ جي بادشاهہ يهوسفط ڏي پيغام موڪليو تہ موآب جو بادشاهہ مون کان باغي ٿي ويو آهي: تون موآب سان جنگ ڪرڻ لاءِ مون سان گڏجي هلندين يا نہ؟ ۽ هن چيو تہ آءٌ هلندس: آءٌ اهڙو آهيان جهڙو تون، منهنجا ماڻهو اهڙا آهن جهڙا تنهنجا ماڻهو، منهنجا گهوڙا اهڙا آهن جهڙا تنهنجا گهوڙا.


۽ هن چيو تہ ڪهڙي پاسي هلون؟ هن ورندي ڏني تہ ادوم جي بيابان واري رستي کان.


هن جي ڏينهن ۾ ادوم يهوداہ جي هيٺان باغي ٿي نڪتو، ۽ پنهنجي مٿان هڪڙو بادشاهہ مقرر ڪيائين.


۽ تنهنجا هي سڀ نوڪر مون وٽ ايندا ۽ منهنجي اڳيان ڪنڌ جهڪائي چوندا تہ تون ۽ تنهنجا ماڻهو، جيڪي تنهنجي پيروي ٿا ڪن، سي سڀ هليا وڃو: انهيءَ کان پوءِ آءٌ ويندس. پوءِ هو ڏاڍيءَ ڪاوڙ ۾ فرعون وٽان هليو ويو.


پوءِ موسيٰ اسرائيل کي ڳاڙهي سمنڊ کان پرتي وٺي هليو، ۽ هو شور جي بيابان ۾ آيا؛ هو ٽن ڏينهن تائين بيابان ۾ پنڌ ڪندا رهيا، پر پاڻي ڪونہ ڏٺائون.


پوءِ بني اسرائيل جي ساري جماعت سين جي بيابان مان رواني ٿي، ۽ خداوند جي حڪم موجب مسافري ڪندي رفيديم ۾ اچي منزل ڪيائون؛ ۽ اتي ماڻهن جي پيئڻ لاءِ پاڻي ڪونہ هو.


اتي جماعت جي لاءِ پاڻي ڪونہ هو: ۽ ماڻهو موسيٰ ۽ هارون جي برخلاف اچي گڏ ٿيا.


ڇو اوهان خداوند جي جماعت کي هن بيابان ۾ آندو آهي، تہ اسين ۽ اسان جو چوپايو مال سڀ هتي مرون؟


۽ ماڻهو خدا جي، ۽ موسيٰ جي برخلاف چوڻ لڳا، تہ ڇو اوهان اسان کي مصر مان ڪڍي هن بيابان ۾ مرڻ جي لاءِ آندو آهي؟ هتي نہ ماني آهي، نہ پاڻي آهي؛ ۽ اسان جي جيءَ کي هن هلڪيءَ مانيءَ کان نفرت ٿي اچي.


۽ آلوس مان ڪوچ ڪري، رفيديم ۾ اچي منزل ڪيائون، جتي هنن کي پيئڻ لاءِ پاڻي ڪونہ مليو.


۽ برق، زبولون ۽ نفتاليءَ کي ڪوٺي قادس ۾ گڏ ڪيو؛ ۽ ڏهہ هزار ماڻهو ساڻس گڏ هئا، ۽ دبورہ بہ ساڻس گڏ هئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ