Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 3:7 - Sindhi Bible

7 ۽ هن يهوداہ جي بادشاهہ يهوسفط ڏي پيغام موڪليو تہ موآب جو بادشاهہ مون کان باغي ٿي ويو آهي: تون موآب سان جنگ ڪرڻ لاءِ مون سان گڏجي هلندين يا نہ؟ ۽ هن چيو تہ آءٌ هلندس: آءٌ اهڙو آهيان جهڙو تون، منهنجا ماڻهو اهڙا آهن جهڙا تنهنجا ماڻهو، منهنجا گهوڙا اهڙا آهن جهڙا تنهنجا گهوڙا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 هن يهوداہ جي بادشاهہ يهوسفط ڏانهن هي پيغام پڻ موڪليو تہ ”موآب جو بادشاهہ مون کان باغي ٿي ويو آهي. ڇا تون موآب سان جنگ ڪرڻ لاءِ مون سان گڏجي هلندين؟“ هن وراڻيو تہ ”هائو، آءٌ هلندس. آءٌ ۽ تون هڪ آهيون ۽ منهنجا ۽ تنهنجا ماڻهو ۽ گھوڙا بہ هڪ آهن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 3:7
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن يهوسفط کي چيو تہ تون مون سان گڏجي رامات جلعاد ڏانهن جنگ ڪرڻ لاءِ هلندين؟ ۽ يهوسفط اسرائيل جي بادشاهہ کي چيو تہ جهڙو تون آهين اهڙو آءٌ آهيان، جهڙا تنهنجا ماڻهو آهن تهڙا منهنجا ماڻهو آهن، جهڙا تنهنجا گهوڙا آهن تهڙا منهنجا آهن.


۽ اليشع وفات ڪئي ۽ انهيءَ کي دفن ڪيائون. هاڻي موآبين جي ٽولين سال جي شروعات ۾ ملڪ تي ڪاهہ ڪئي.


۽ اُنهيءَ وقت بادشاهہ يهورام سامريہ مان نڪري سڀ اسرائيلي گڏ ڪيا.


۽ هن چيو تہ ڪهڙي پاسي هلون؟ هن ورندي ڏني تہ ادوم جي بيابان واري رستي کان.


پوءِ اسرائيل جو بادشاهہ، ۽ يهوداہ جو بادشاهہ، ۽ ادوم جو بادشاهہ، گڏجي روانا ٿيا: ۽ هنن ست ڏينهن چوڌاري گشت ڪيو، پر لشڪر ۽ جانور، جي سندن پٺيان هئا، تن لاءِ پاڻي موجود نہ هو.


۽ اسرائيل جي بادشاهہ اخي اب يهوداہ جي بادشاهہ يهوسفط کي چيو تہ تون مون سان گڏجي رامات جلعاد ڏي هلندين يا نہ؟ هن ورندي ڏني تہ جهڙو تون آهين تهڙو آءٌ آهيان، ۽ منهنجا ماڻهو اهڙا آهن جهڙا تنهنجا؛ ۽ اسين توسان جنگ ۾ شامل ٿينداسين.


۽ ياهو بن حناني غيب دان هن جي استقبال لاءِ ويو ۽ يهوسفط بادشاهہ کي چيائين، تہ اهو مناسب آهي ڇا تہ تون شريرن کي مدد ڏين ۽ جي خداوند کي ڌڪارين ٿا تن کي پيار ڪرين؟ انهيءَ ڳالهہ ڪري خداوند جي طرفان توتي ڪاوڙ آئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ