Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 3:3 - Sindhi Bible

3 انهيءَ هوندي بہ هو يربعام بن نباط جي گناهن تي هليو، جن سان هن اسرائيل جي هٿان گناهہ ڪرايا؛ هن انهن کي ڇڏي نہ ڏنو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 تنهن هوندي بہ هو پاڻ کان اڳ واري بادشاهہ يربعام ولد نباط وانگر هو، جنهن اسرائيل وارن کي گناهن ۾ ڌڪي ڇڏيو هو. يورام بہ انهن گناهن کان باز نہ آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 3:3
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ ڳالهہ کان پوءِ بہ يربعام پنهنجي بڇڙي رستي کان باز نہ آيو، پر عام ماڻهن مان اُنهن مٿانهن هنڌن جا ڪاهن مقرر ڪيائين؛ جنهن جي مرضي ٿي ٿي، تنهن کي اُهو پاڪ عهدو ٿي ڏنائين، انهيءَ لاءِ تہ مٿانهن هنڌن جا ڪاهن ٿين.


۽ جيڪي گناهہ يربعام ڪيا آهن، ۽ جيڪي هن اسرائيل کان ڪرايا آهن، تن جي ڪري خداوند اسرائيل کي ڇڏي ڏيندو.


بلڪ جيڪي توکان اڳي هئا تن کان بہ وڌيڪ تو بڇڙائي ڪئي آهي، ۽ وڃي ٻيا معبود پنهنجي لاءِ جوڙيا اٿيئي، ۽ پلٽيل بت بنايا اٿيئي، جنهنڪري مون کي ڪاوڙايو اٿيئي، ۽ مون کي پنهنجي پٺيان اُڇلائي ڇڏيو اٿيئي:


۽ هن اُهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا، ۽ هو پنهنجي پيءُ جي رستي تي، ۽ جيڪو گناهہ هن اسرائيل کي گنهگار ڪرڻ ۾ ڪيو هو تنهن تي هليو.


۽ هن خداوند جي نظر ۾ برائي ڪئي، ۽ هو يربعام جي رستي تي، ۽ جيڪو گناهہ هن ڪيو جنهنڪري اسرائيل کان گناهہ ڪرايائين، تنهن تي هليو.


۽ هيئن ٿيو تہ ڄڻ يربعام بن نباط جي گناهن تي هلڻ هن کي هلڪي ڳالهہ نظر ٿي آئي، جو هن صيدونين جي بادشاهہ اتبعل جي ڌيءَ ايزبل سان شادي ڪئي، ۽ وڃي بعل جي خدمت ڪيائين، ۽ اُنهيءَ کي سجدو ڪيائين.


۽ هن خداوند جي نظر ۾ بڇڙائي ڪئي؛ هو يربعام بن نباط جي سڀني گناهن کان، جن سان هن اسرائيل کان گناهہ ڪرايو باز نہ آيو: پر انهن تي هلندو آيو.


۽ هن خداوند جي نظر ۾ بڇڙائي ڪئي، ۽ هن يربعام بن نباط جي گناهن جي پيروي ڪئي، جن سان هن اسرائيل کان گناهہ ڪرايا؛ ۽ انهن تي هلندو آيو.


انهيءَ هوندي بہ هو يربعام جي گهراڻي وارن گناهن کان باز نہ آيا، جن سان هن اسرائيل کان گناهہ ڪرايو، پر انهن تي هلندا آيا: ۽ سامريہ ۾ يسيرت بہ رهيو پيو هو.)


۽ هن خداوند جي نظر ۾ بڇڙائي ڪئي: هو يربعام بن نباط جي انهن سڀني گناهن کان باز نہ آيو جن سان هن اسرائيل کان گناهہ ڪرايو.


۽ هن خداوند جي نظر ۾ بڇڙائي ڪئي: هن پنهنجن سڀني ڏينهن ۾ يربعام بن نباط جي گناهن کان پاسو نہ ڪيو، جن سان هن اسرائيل کان گناهہ ڪرايا.


۽ هن خداوند جي نظر ۾ بڇڙائي ڪئي، جهڙي سندس ابن ڏاڏن ڪئي هئي: هن يربعام بن نباط جي گناهن کان پاسو نہ ڪيو، جنهن مان هن اسرائيل کان گناهہ ڪرايا.


ڇالاءِ جو هن اسرائيل کي دائود جي گهراڻي کان وڍي ڪڍي ڇڏيو؛ ۽ هنن يربعام بن نباط کي بادشاهہ بنايو: ۽ يربعام اسرائيل کي خداوند جي پيروي ڪرڻ کان ڪڍي هنن جي هٿان وڏا گناهہ ڪرايا.


۽ بني اسرائيل يربعام جي انهن گناهن تي هليا، جي هن ڪيا؛ هو اُنهن کان نہ مڙيا؛


نيٺ خداوند اسرائيل کي پنهنجي نظر کان برطرف ڪري ڇڏيو، جيئن ڪ هن پنهنجن سڀني ٻانهن نبين جي معرفت فرمايو. انهيءَ طرح اسرائيلي پنهنجي ملڪ مان کڄي اسور ۾ آيا، جتي اڄ ڏينهن تائين آهن.


تنهن کان سواءِ منسيءَ گهڻوئي رت بي گناهہ هاريو، جيسين ڪ هن يروشلم کي هڪڙي ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين ڀري ڇڏيو؛ انهيءَ کان سواءِ اهو گناهہ ڪيائين جو يهوداہ کان گناهہ جا ڪم ڪرايائين، اهڙا ڪم جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا.


تنهن کان سواءِ جيڪا قربانگاهہ بيت ايل ۾ هئي ۽ جيڪا مٿانهين جاءِ يربعام بن نباط جوڙائي هئي، جنهن اسرائيل کان گناهہ ڪرايا، سا قربانگاهہ ۽ مٿانهين جاءِ هن ڊهرائي ڇڏي؛ ۽ اُها مٿانهين جاءِ هن ساڙي لتاڙي خاڪ ڪري ڇڏي، ۽ يسيرت بہ ساڙي ڇڏيائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ