Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 3:2 - Sindhi Bible

2 ۽ هن خداوند جي نظر ۾ بڇڙائي ڪئي؛ پر پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ جهڙي نہ: ڇالاءِ جو جيڪو بعل جو ٿنڀ پڻس جوڙايو هو، سو هن ڊاهي ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 هن خداوند جي نظر ۾ بڇڙائي ڪئي، پر اهڙي نہ جهڙي سندس پيءُ ۽ ماءُ ايزبل ڪئي هئي، ڇاڪاڻ تہ بعل ديوتا کي پوڄڻ لاءِ پڻس جيڪو ٿنڀو جوڙايو هو سو هن ڊهرائي ڇڏيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 3:2
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو هن خداوند جي نظر ۾ خراب ڪم ڪرڻ سان گناهہ ڪيا هئا، ۽ هو يربعام جي رستي تي هليو هو، ۽ اسرائيل کان گناهہ ڪرائڻ سان بہ گناهہ ڪيو هئائين.


۽ اخي آب ايلياہ کي چيو تہ اي منهنجا دشمن، تو مون کي اچي لڌو آهي ڇا؟ ۽ هن ورندي ڏني تہ مون توکي لڌو آهي؛ ڇالاءِ جو تو اُنهيءَ ڪم ڪرڻ لاءِ پاڻ کي وڪيو آهي جو خداوند جي نظر ۾ برو آهي.


(پر اخي آب جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونہ هو جنهن پاڻ کي انهيءَ لاءِ وڪيو تہ جيڪي خداوند جي نظر ۾ خراب آهي سو ڪري، ۽ جنهن کي سندس زال ڀڙڪايو هو.


۽ ياهوءَ سڀ ماڻهو گڏ ڪري اُنهن کي چيو تہ اخي آب بعل جي ٿوري عبادت ڪندو هو؛ پر ياهو انهيءَ جي گهڻي عبادت ڪندو.


۽ هن اُهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا، جيئن ڪ سندس پيءُ منسي ڪيو هو.


۽ هن پنهنجي پٽ کي باهہ مان لنگهايو، ۽ فالون وجهارايائين، ۽ جادو ڪم ۾ آندائين، ۽ جن کي جن اُپندا هئا تن سان، ۽ ڏائڻن سان واهپو رکيائين: هن خداوند کي ڪاوڙائڻ لاءِ سندس نظر ۾ گهڻي خرابي ڪئي.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن يورام ياهوءَ کي ڏٺو تڏهن پڇڻ لڳو تہ اي ياهو، خير سلامتي تہ آهي؟ ۽ هن ورندي ڏني تہ جيسين تنهنجي ماءُ ايزبل جون زناڪاريون ۽ انهيءَ جون جادوگريون ايتريون هونديون تيسين خير سلامتي ڪهڙي آهي؟


۽ جڏهن هو اندر آيو تڏهن کاڌائين ۽ پيتائين؛ ۽ هن چيو تہ هاڻي وڃي اُنهيءَ لعنتي زال کي ڏسو ۽ دفن ڪريو: ڇالاءِ جو اُها بادشاهہ جي ڌيءَ آهي.


تون انهن جي معبودن جي اڳيان سجدو نہ ڪج، نہ انهن جي عبادت ڪج، نڪي انهن جهڙا ڪم ڪج، بلڪ تون انهن کي اصل ڊاهي ڇڏج، ۽ انهن جا ٿنڀ ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏج.


تڏهن ڇو تو خداوند جو حڪم نہ مڃيو، پر لٽ جي مال تي ڪاهي پئين، ۽ اهڙو ڪم ڪيو اٿئي جو خداوند جي نظر ۾ خراب آهي؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ