Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 2:9 - Sindhi Bible

9 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هو پار پهتا تڏهن ايلياہ اليشع کي چيو تہ آءٌ تو وٽان کڄي وڃان، تنهن کان اڳي گهُر تہ آءٌ تنهنجي لاءِ ڇا ڪريان. ۽ اليشع چيو تہ آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ تنهنجي روح جو ٻيڻو حصو مون تي پوي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 جڏهن هو ٽپي هُن ڀر ٿيا تڏهن الياس اليشع کي چيو تہ ”انهيءَ کان اڳ جو آءٌ تو وٽان مٿي کنيو وڃان، ٻڌاءِ تہ آءٌ تنهنجي لاءِ ڇا ڪريان.“ اليشع وراڻيس تہ ”مون کي پنهنجي روحانيت جي ٻن حصن جو وارث ڪريو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 2:9
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ياهو بن نمسيءَ کي مسح ڪر تہ اسرائيل جو بادشاهہ ٿئي: ۽ اليشع بن سافط، ابيل محولہ واري کي مسح ڪر تہ تنهنجي جاءِ تي نبي ٿئي.


تنهنڪري پنهنجي ٻانهي کي اهڙي سمجهہ ڀري دل ڏي تہ تنهنجي قوم جي عدالت ڪري، جنهنڪري آءٌ چڱي ۽ بڇڙي جي وچ ۾ تميز ڪري سگهان؛ ڇالاءِ جو ڪير هن تنهنجي وڏيءَ قوم جي عدالت ڪري سگهندو؟


اي خدا بادشاهہ کي پنهنجي حڪم، ۽ شهزادي کي پنهنجي راستبازي عطا ڪر.


هتي دائود ولد يسيءَ جون دعائون پوريون ٿيون.


انهيءَ ڏينهن خداوند يروشلم جي رهاڪن جو بچاءُ ٿيندو؛ ۽ انهن مان سڀ ڪنهن کان ضعيف دائود وانگر ٿيندو، ۽ دائود جو گهراڻو خدا وانگر يعني خدا جي فرشتي وانگر ٿيندو، جو سندن اڳيان اڳيان هلي ٿو.


آءٌ اوهان کي اڄ ٻڌايان ٿو تہ اوهان کي ٻيڻو اُجورو ڏيندس، تنهنڪري جي اوهين اُميدوار قيدي آهيو تہ موٽي قلعي ۾ اچو.


۽ آءٌ لهي اتي تو سان ڳالهائيندس، ۽ تو تي جيڪو روح آهي تنهن مان، آءٌ ڪجهہ انهن تي وجهندس، ۽ اهي توسان گڏ اُمت جو بار کڻندا، تہ تون اڪيلو نہ کڻين.


پوءِ خداوند ڪڪر ۾ لٿو ۽ ساڻس ڳالهايائين، ۽ انهي تي جيڪو روح هو، تنهن مان ڪجهہ انهن ستر بزرگن تي وڌائين؛ ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن انهن تي روح آيو، تڏهن هو نبوت ڪرڻ لڳا، پر انهيءَ کان پوءِ وري ائين نہ ڪيائون.


تنهن هوندي بہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ اوهان جي لاءِ فائدي واري ڳالهہ هيءَ آهي تہ آئون وڃان، ڇالاءِ تہ جيڪڏهن آئون نہ ويندس تہ اُهو مددگار اوهان وٽ ڪين ايندو؛ پر جي ويندس تہ وڃي اوهان ڏانهن موڪليندوسانس.


پر جڏهن پاڪ روح اوهان تي نازل ٿيندو، تڏهن اوهان کي طاقت ملندي: ۽ اوهين يروشلم ۾ توڙي سڄي يهوديہ ۽ سامريہ، بلڪ زمين جي حدن تائين منهنجا شاهد ٿيندا.


پوءِ هنن مٿن هٿ رکيا ۽ کين پاڪ روح مليو.


پر اوهين وڏين وڏين نعمتن جي آرزو رکو. ۽ آئون اوهان کي اڃا بہ نهايت عمدو رستو ڏيکاريان ٿو.


پر هو حقير زال جي پٽ کي پهريتو ٺهرائي، ۽ انهي کي پنهنجي سموري مال جو ٻيڻو حصو ڏئي: ڇالاءِ جو هو سندس طاقت جو پهريون ڦل آهي؛ ۽ پهريتي جو حق انهي جو آهي.


۽ نون جو پٽ يشوع دانائيءَ جي روح سان ڀرپور هو؛ ڇالاءِ جو موسيٰ پنهنجا هٿ مٿس رکيا هئا: ۽ خداوند جيڪو حڪم موسيٰ کي ڏنو هو تنهن موجب بني اسرائيل هن جي فرمانبرداري ڪرڻ لڳا.


جيڪي بزرگ چڱيءَ طرح حڪم ٿا هلائين، خاص ڪري اُهي جي ڪلام ۽ تعليم جي ڪم ۾ محنت ٿا ڪن، سي ٻيڻيءَ عزت جا لائق سمجهڻ گهرجن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ