Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 2:8 - Sindhi Bible

8 ۽ ايلياہ پنهنجي چادر کڻي ويڙهي سيڙهي پاڻيءَ کي هنئي تہ پاڻي هِن پاسي ۽ هُن پاسي ڌار ٿي بيهي رهيو، جنهنڪري هو ٻئي سڪيءَ زمين تان لنگهي پار ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 الياس پنهنجي چادر لاٿي ۽ ويڙهي سيڙهي پاڻيءَ تي هنيائين تہ پاڻي ٻہ حصا ٿي پيو. پوءِ هو ٻيئي ڄڻا اتان سڪيءَ مان لنگھي درياءَ جي هُن ڀر ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 2:8
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن ايلياہ اُهو ٻڌو تڏهن پنهنجي چوغي ۾ منهن ويڙهي ٻاهر نڪتو، ۽ غار جي منهن وٽ وڃي بيهي رهيو. ۽ ڏس، هن کي هڪڙو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، جنهن چيس تہ اي ايلياہ، تون هتي ڇا ٿو ڪرين؟


پوءِ هو اُتان روانو ٿيو، ۽ وڃي اليشع بن سافط کي لڌائين، جنهن ڏاندن جا ٻارهن جوڙا جوٽي هر پئي ڪاهيا، ۽ پاڻ ٻارهين جوڙيءَ سان هو: ۽ ايلياہ لنگهي وٽس ويو ۽ پنهنجو چوغو هن جي مٿان اُڇلائي وڌائين.


پوءِ هن اُها چادر جا ايلياہ تان ڪِري پيئي هئي سا کڻي پاڻيءَ تي هنئي، ۽ چيائين تہ خداوند، ايلياہ جو خدا ڪٿي آهي؟ ۽ جڏهن هن بہ پاڻيءَ کي ڌڪ هنيو، تڏهن پاڻي چيرجي هِن پاسي ۽ هُن پاسي ٿي پيو: ۽ اليشع پار هليو ويو.


پر بني اسرائيل سمنڊ جي وچ ۾ بہ سڪيءَ زمين تي پنڌ ڪيو، ۽ پاڻي هنن جي ساڄي هٿ پاسي توڙي کٻي پاسي، سندن لاءِ ڀت وانگر بيٺو هو.


۽ خداوند مصر واري سمنڊ جي ڄڀ اصل ناس ڪري ڇڏيندو؛ ۽ پنهنجي ساڙيندڙ واءُ سان پنهنجو هٿ نديءَ جي مٿان اُلاريندو، ۽ انهي کي ستن نهرن ۾ ورهائيندو، ۽ اتان ماڻهو سڪي جُتيءَ سان پار لنگهائيندو.


ايمان ئي جي ڪري هو ڳاڙهي سمنڊ مان ائين لنگهي ويا جيئن سُڪيءَ تان لنگهبو آهي: ۽ جڏهن مصرين بہ ائين ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، تڏهن ٻُڏي مُئا.


هو سنگسار ڪيا ويا، ڪرٽ سان چيريا ويا، آزمائش هيٺ آيا، ترار سان قتل ٿيا: هو رڍن ۽ ٻڪرين جون کلون پائي محتاجيءَ، مصيبت ۽ بدسلوڪيءَ جي حالت ۾ گهُمندا رهيا.


۽ ڇهين ملائڪ پنهنجو پيالو وڏيءَ نديءَ فرات تي اوتيو ۽ ان جو پاڻي سُڪي ويو، تان تہ جيڪي بادشاهہ اُڀرندي کان اچن، تن جي لاءِ رستو تيار ٿي وڃي.


۽ هن چيس تہ اُهو ڪهڙي شڪل جو آهي؟ زال چيو تہ هڪڙو ٻڍو ماڻهو چڙهندو ٿو اچي؛ ۽ ان کي هڪڙو چوغو پيل آهي. ۽ سائول سهي ڪيو تہ اهو سموئيل آهي، تڏهن هن پنهنجو منهن جهڪائي زمين تي رکيو، ۽ تعظيم ڏنائينس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ