Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 2:7 - Sindhi Bible

7 ۽ نبين جي پٽن مان پنجاهہ ڄڻا وڃي پري کان هن جي سامهون بيهي رهيا: ۽ هو ٻئي يردن جي ڀرسان بيهي رهيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 نبين مان پنجاهہ ڄڻا اردن درياءَ ڏانهن انهن جي پٺيان ويا. الياس ۽ اليشع اردن درياءَ جي ڀرسان بيهي رهيا ۽ اهي پنجاهہ نبي پرڀرو سندن سامهون بيهي رهيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 2:7
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن ايزبل خداوند جي نبين کي قتل ڪيو تڏهن منهنجي ڌڻيءَ کي اهو ٻڌايو نہ ويو هو ڇا تہ مون ڇا ڪيو، ۽ ڪيئن مون خداوند جي هڪ سؤ نبين کي پنجاهہ پنجاهہ ڪري غار ۾ لڪايو، ۽ اُنهن کي ماني کارائي ۽ پاڻي پياريو؟


ڇالاءِ جو هيئن ٿيو تہ جڏهن ايزبل خداوند جا نبي وڍي ڇڏيا هئا، تڏهن عبدياہ سؤ نبين کي وٺي، پنجاهہ پنجاهہ ڪري غار ۾ لڪايو هئائين، ۽ اُنهن کي ماني کارايائين ۽ پاڻي پياريائين.)


۽ نبين جي پٽن مان ڪنهن هڪڙي ماڻهوءَ خداوند جي حڪم سان پنهنجي سنگتيءَ کي چيو تہ ڀلائي ڪري مون کي ڌڪ هڻي مار. پر اُنهيءَ ماڻهو هن کي ڌڪ هڻي مارڻ کان انڪار ڪيو.


۽ جڏهن نبين جا پٽ، جي هن جي سامهون يريحو ۾ هئا، تن هن کي ڏٺو، تڏهن هو چوڻ لڳا تہ ايلياہ جو روح اليشع تي اچي پيو آهي، ۽ هو سندس استقبال لاءِ آيا، ۽ سندس اڳيان زمين تائين جهڪيا.


۽ هن کي چيائون تہ هاڻي ڏس، تنهنجن ٻانهن سان پنجاهہ زور وارا ماڻهو آهن؛ اسين عرض ٿا ڪريون تہ اُنهن کي موڪل ڏي تہ وڃي تنهنجي ڌڻيءَ کي ڳولين، متان خداوند جي روح هن کي کڻي وڃي ڪنهن جبل تي يا ڪنهن واريءَ ۾ اُڇلايو هجي. ۽ هن چيو تہ انهن کي نہ موڪليو.


۽ جڏهن هنن گهڻو زور لاتس، تڏهن هو شرمندو ٿيو، ۽ چيائين تہ چڱو ڀلي موڪليو. تنهنڪري هنن پنجاهہ ماڻهو موڪلي ڏنا، ۽ هنن ٽن ڏينهن تائين گهڻوئي ڳوليو پر ڪين لڌائونس.


هاڻي نبين جي پٽن جي زالن مان ڪنهن هڪڙيءَ زال اليشع کي چيو تہ تنهنجو ٻانهو منهنجو مڙس مري ويو آهي: ۽ توکي خبر آهي تہ تنهنجو ٻانهو خدا ترس ماڻهو هو: ۽ قرض خواہ آيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ منهنجا ٻہ پٽ پنهنجا غلام ڪري.


۽ هن چيو تہ ٻيو سڀ خير آهي. منهنجي ڌڻيءَ مون کي موڪليو آهي ۽ چوايو اٿس تہ ڏس، بلڪل هينئر، افرائيم جي ڪوهستان مان مون وٽ نبين جي پٽن مان ٻہ جوان ماڻهو آيا آهن؛ آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ اُنهن کي هڪڙو چانديءَ جو قنطار ۽ ٻہ وڳا ڪپڙن جا ڏي.


۽ نبين جي پٽن اليشع کي چيو تہ هاڻي ڏس جنهن جاءِ تي اسين تنهنجي اڳيان رهون ٿا، سا اسان جي لاءِ تمام سوڙهي آهي.


۽ اليشع نبيءَ، نبين جي پٽن مان هڪڙي کي سڏي چيو تہ پنهنجي ڪمر ٻڌ ۽ هيءَ تيل جي ڪُپي پنهنجن هٿن ۾ کڻي رامات جلعاد ڏانهن وڃ.


تڏهن عاموس ورندي ڏيئي امصياہ کي چيو، تہ آءٌ نبي ڪين هوس، نڪي ڪنهن نبيءَ جو پٽ آهيان، پر آءٌ هڪڙو ڌنار ۽ گولر جي وڻن جو سنڀاليندڙ هوس:


انهي کان پوءِ تون خدا جي ٽڪريءَ تي اچج، جتي فلستين جي پهري وارو شهر آهي: ۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن تون شهر ۾ ايندين، تڏهن توکي بنيمين جي هڪڙي ٽولي گڏبي، جا سنطرو، ۽ دف، ۽ بانسري، ۽ بربط پنهنجي اڳيان کنيو اُنهيءَ مٿانهين جاءِ کان هيٺ لهندي ايندي؛ ۽ اُهي نبوت ڪندا:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ