Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 2:5 - Sindhi Bible

5 ۽ نبين جا پٽ، جي يريحو ۾ هئا، سي اليشع وٽ آيا، ۽ انهيءَ کي چيائون تہ اها ڪا توکي خبر آهي يا نہ تہ اڄ خداوند تنهنجي ڌڻيءَ کي تنهنجي مٿي تان کڻي ويندو؟ ۽ هن ورندي ڏني تہ هائو مون کي اها خبر آهي؛ اوهين ماٺ ڪري ويهو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 تڏهن جيڪي نبي يريحو ۾ رهندا هئا سي اليشع وٽ آيا ۽ کانئس پڇيائون تہ ”ڇا تو کي خبر آهي تہ خداوند اڄ تنهنجي مالڪ کي تو وٽان مٿي کڻي ڇڏڻ وارو آهي؟“ اليشع وراڻيو تہ ”هائو، مون کي خبر آهي، پر اوهين ماٺ رهو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 2:5
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر پڻس نہ مڃيو ۽ چيائين تہ آءٌ ڄاڻان ٿو، منهنجا پٽ آءٌ ڄاڻان ٿو: هي بہ وڌي راڄ ٿيندو، ۽ هي بہ بزرگ ٿيندو، پر سندس ننڍو ڀاءُ کانئس وڌيڪ ٿيندو، ۽ هن جي نسل مان گهڻيئي قومون نڪرنديون.


۽ نبين جي پٽن مان ڪنهن هڪڙي ماڻهوءَ خداوند جي حڪم سان پنهنجي سنگتيءَ کي چيو تہ ڀلائي ڪري مون کي ڌڪ هڻي مار. پر اُنهيءَ ماڻهو هن کي ڌڪ هڻي مارڻ کان انڪار ڪيو.


۽ جيڪي نبين جا پٽ بيت ايل ۾ هئا سي نڪري اليشع وٽ آيا، ۽ چيائونس تہ اها توکي ڪا خبر آهي يا نہ تہ خداوند اڄ تنهنجي ڌڻيءَ کي تنهنجي مٿي تان کڻي ويندو؟ ۽ هن چيو تہ هائو، مون کي خبر آهي؛ اوهين ماٺ ڪري ويهو.


هاڻي نبين جي پٽن جي زالن مان ڪنهن هڪڙيءَ زال اليشع کي چيو تہ تنهنجو ٻانهو منهنجو مڙس مري ويو آهي: ۽ توکي خبر آهي تہ تنهنجو ٻانهو خدا ترس ماڻهو هو: ۽ قرض خواہ آيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ منهنجا ٻہ پٽ پنهنجا غلام ڪري.


۽ هن چيو تہ ٻيو سڀ خير آهي. منهنجي ڌڻيءَ مون کي موڪليو آهي ۽ چوايو اٿس تہ ڏس، بلڪل هينئر، افرائيم جي ڪوهستان مان مون وٽ نبين جي پٽن مان ٻہ جوان ماڻهو آيا آهن؛ آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ اُنهن کي هڪڙو چانديءَ جو قنطار ۽ ٻہ وڳا ڪپڙن جا ڏي.


۽ نبين جي پٽن اليشع کي چيو تہ هاڻي ڏس جنهن جاءِ تي اسين تنهنجي اڳيان رهون ٿا، سا اسان جي لاءِ تمام سوڙهي آهي.


۽ اليشع نبيءَ، نبين جي پٽن مان هڪڙي کي سڏي چيو تہ پنهنجي ڪمر ٻڌ ۽ هيءَ تيل جي ڪُپي پنهنجن هٿن ۾ کڻي رامات جلعاد ڏانهن وڃ.


ڦاڙڻ لاءِ وقت، ۽ سبڻ لاءِ وقت؛ ماٺ ڪرڻ لاءِ وقت، ۽ ڳالهائڻ لاءِ وقت؛


اي ٻيٽ، منهنجي اڳيان ماٺ ڪريو؛ ڀلي تہ اُمتون نئين سر زور حاصل ڪن: ڀلي تہ ويجهو اچي ڳالهائين؛ اچو تہ اسين بہ عدالت جي لاءِ گڏجي ويجها ٿيون.


تڏهن عاموس ورندي ڏيئي امصياہ کي چيو، تہ آءٌ نبي ڪين هوس، نڪي ڪنهن نبيءَ جو پٽ آهيان، پر آءٌ هڪڙو ڌنار ۽ گولر جي وڻن جو سنڀاليندڙ هوس:


پر خداوند پنهنجي پاڪ هيڪل ۾ آهي، ۽ سڄي زمين هن جي اڳيان خاموش رهي.


۽ هيئن ٿيو، جو برڪت ڏيندي هنن کان جدا ٿي آسمان ۾ کڄي ويو.


۽ چيائون تہ اي گليليو، اوهين آسمان ڏانهن ڇو بيٺا نهاريو؟ اِهو يسوع، جو اوهان وٽان آسمان ۾ چاڙهيو ويو آهي، سو جيئن اوهان هن کي آسمان ڏانهن ويندو ڏٺو، تيئن وري بہ اوهان وٽ ايندو.


تنهن ڏينهن تائين، اي ٿيوفلس، جيڪي ڪي هو ڪندو رهيو، توڙي سيکاريندو رهيو، سو سڀ ڪجهہ مون پنهنجي اڳوڻي ڪتاب ۾ قلمبند ڪيو آهي.


پر پولس چيو، تہ جناب فيستس بهادر، آئون ديوانو نہ آهيان، پر سچ ۽ عقل جون ڳالهيون ٿو ڪريان.


انهي کان پوءِ تون خدا جي ٽڪريءَ تي اچج، جتي فلستين جي پهري وارو شهر آهي: ۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن تون شهر ۾ ايندين، تڏهن توکي بنيمين جي هڪڙي ٽولي گڏبي، جا سنطرو، ۽ دف، ۽ بانسري، ۽ بربط پنهنجي اڳيان کنيو اُنهيءَ مٿانهين جاءِ کان هيٺ لهندي ايندي؛ ۽ اُهي نبوت ڪندا:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ