Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 2:4 - Sindhi Bible

4 ۽ ايلياہ هن کي چيو تہ اي اليشع، ڀلائي ڪري هتي ترس؛ ڇالاءِ جو خداوند مون کي يريحو ڏي موڪليو آهي. ۽ هن چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي، ۽ تنهنجيءَ جان جو قسم آهي تہ آءٌ توکي نہ ڇڏيندس. تڏهن هو يريحو ۾ آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 پوءِ الياس اليشع کي چيو تہ ”اي اليشع! تون هتي ترسي پئُہ. مون کي خداوند يريحو شهر ڏانهن وڃڻ جو حڪم ڏنو آهي.“ پر اليشع کيس وراڻيو تہ ”جيئري خداوند ۽ تنهنجي سر جو قسم آهي تہ آءٌ تو کي ڇڏي نہ ويندس.“ سو هو ٻيئي ڄڻا يريحو شهر ڏانهن ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 2:4
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن جي ڏينهن ۾ حي ايل بيت ايليءَ يريحو اڏايو: هن پنهنجي پهريتي پٽ ابرام تي اُنهيءَ جو بنياد وڌو، ۽ پنهنجي سڀ کان ننڍي پٽ سجوب تي اُنهيءَ جا در بيهاريائين؛ جيئن ڪ خداوند يشوع بن نون جي معرفت ڪلام ڪيو هو.


۽ ايلياہ اليشع کي چيو تہ مهرباني ڪري هتي ترس؛ ڇالاءِ جو خداوند مون کي بيت ايل تائين موڪليو آهي. ۽ اليشع چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي ۽ تنهنجيءَ جان جو قسم آهي تہ آءٌ توکي نہ ڇڏيندس. تنهنڪري هو بيت ايل ڏي ويا.


پر ٻار جي ماءُ چوڻ لڳي تہ خداوند جيئري جو قسم آهي، ۽ تنهنجي جان جو قسم آهي تہ آءٌ توکي نہ ڇڏينديس. ۽ هو اُٿي انهيءَ زال جي پٺيان لڳو.


پوءِ هو يريحو ۾ آيو، ۽ اُتان پئي لنگهيو،


۽ جڏهن هو اُتي آيو، تڏهن خداوند جو فضل ڏسي خوش ٿيو؛ ۽ هنن سڀني کي سمجهايائين تہ دليون جانيون خداوند ۾ وفادار رهو:


۽ اهي رسولن جي تعليم ۽ شراڪت ۾، ۽ ماني ڀڃڻ ۽ دعا گهُرڻ ۾ مشغول رهندا هئا.


(هاڻي يريحو بني اسرائيل جي ڪري ڏاڍي پڪيءَ طرح بند ڪيو ويو هو؛ نہ تہ ڪو ٻاهر ويندو هو نہ ڪو اندر ايندو هو).


۽ يشوع انهي وقت قسم ڏيئي چيو، تہ جيڪو ماڻهو اُٿي هي شهر يريحو وري ٻڌندو، سو خداوند جي اڳيان لعنتي ٿيندو؛ ۽ انهيءَ جي بنياد لاءِ پنهنجي پهرين ڄاول ٻار جي قرباني ڏيڻي پونديس، ۽ انهي جا دروازا پنهنجي سڀ کان ننڍي پٽ جي موت تي اڏيندو.


۽ روٿ چيو تہ مون کي منٿ نہ ڪر تہ توکي ڇڏي هلي وڃان ۽ تنهنجي پٺيان نہ هلان ۽ موٽي وڃان: ڇالاءِ جو جيڏانهن تون ويندينءَ اوڏانهن آءٌ بہ هلنديس؛ ۽ جتي تون رهندينءَ اُتي آءٌ بہ رهنديس: تنهنجي قوم منهنجي قوم ٿيندي، ۽ تنهنجو خدا منهنجو خدا ٿيندو:


۽ هن چيو تہ اي منهنجا سائين، آءٌ تنهنجي حياتيءَ جو قسم ٿي کڻان تہ آءٌ اُها ئي زال آهيان، جنهن هتي تنهنجي ڀر ۾ بيٺي خداوند کان دعا گهري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ