Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 2:1 - Sindhi Bible

1 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن خداوند ايلياہ کي هڪڙي واچوڙي ۾ مٿي آسمان ۾ کڻڻ وارو هو، تڏهن ايلياہ اليشع سان گڏجي جلجال ڏي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 انهيءَ وقت جڏهن خداوند الياس کي هڪڙي وڏي واچوڙي ۾ مٿي آسمان ڏانهن کڻي وڃڻ وارو هو، تنهن وقت الياس ۽ اليشع جِلجال شهر کان روانا ٿيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 2:1
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ حنوڪ خدا ساڻ هلندو رهيو ۽ گم ٿي ويو، ڇالاءِ جو خدا هن کي کڻي ورتو.


۽ هيئن ٿيندو تہ جنهن وقت آءٌ تو وٽان هليو ويندس، اُنهيءَ وقت خداوند جو روح توکي اُنهيءَ هنڌ کڻي ويندو جنهن جي مون کي خبر ڪانهي؛ ۽ انهيءَ طرح جڏهن آءٌ اچي اخي آب کي چوندس، ۽ هو توکي لهي نہ سگهندو تڏهن هو مون کي قتل ڪري ڇڏيندو: پر آءٌ تنهنجو نوڪر ننڍي هوندي کان خداوند کان ڊڄندو آهيان.


۽ هن چيو تہ وڃي خداوند جي اڳيان جبل تي بيهي رهہ. ۽ ڏس، خداوند اچي اُتان لنگهيو، ۽ سخت زور واري آنڌيءَ لڳڻ ڪري جبل ڦاٽي پيا، ۽ ٽڪر خداوند جي اڳيان ڀڄي پرزا پرزا ٿي پيا؛ پر خداوند واءُ ۾ ڪونہ هو: ۽ واءُ کان پوءِ زلزلو آيو؛ پر خداوند اُنهيءَ زلزلي ۾ بہ نہ هو:


پر پاڻ هڪڙي ڏينهن جي پنڌ تي بيابان ۾ هڪڙي ڄار جي وڻ هيٺ ويهي رهيو: ۽ پنهنجي مرڻ جو سوال ڪرڻ لڳو: ۽ چوڻ لڳو تہ اي خداوند، هاڻي بس، منهنجو ساهہ ڪڍ؛ ڇالاءِ جو آءٌ پنهنجي ابن ڏاڏن کان بهتر نہ آهيان.


هاڻي اخزياہ ٻيا جيڪي ڪم ڪيا، سي اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهن ڇا؟


۽ هيئن ٿيو تہ جيئن هو ڳالهائيندا هليا ٿي ويا تيئن ڏس، هڪڙو باهہ جو رٿ، ۽ باهہ جا گهوڙا ڏسڻ ۾ آيا، جن هنن ٻنهي کي هڪٻئي کان ڌار ڪري ڇڏيو؛ ۽ ايلياہ هڪڙي واچوڙي ۾ آسمان ڏانهن چڙهي ويو.


اليشع وري جلجال ۾ آيو: ۽ اُنهيءَ ملڪ ۾ ڏڪار هو؛ ۽ نبين جا پٽ سندس اڳيان اچي ويٺا: ۽ هن پنهنجي نوڪر کي چيو تہ وڏو ديڳڙو کڻي چاڙهہ ۽ نبين جي پٽن لاءِ ڀَت رڌي وٺ.


تڏهن خداوند ايوب کي واچوڙي منجهان ورندي ڏئي چيو تہ،


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن سندس مٿي کڄي وڃڻ جا ڏينهن ويجها آيا، تڏهن پڪو ارادو ڪري يروشلم ڏانهن رخ رکيائين تہ اوڏانهن وڃان.


۽ اڃا ايترو چيائين، ۽ هنن بيٺي نهاريو، تہ هو مٿي کڄي ويو؛ ۽ هڪڙي ڪڪر جي ڪري سندن نظر کان غائب ٿي ويو.


ايمان ئي جي ڪري حنوڪ مٿي کنيو ويو تہ موت نہ ڏسي؛ ۽ هن جو پتو ڪونہ پيو، ڇالاءِ جو خدا کڻي ورتس: هن ڪري جو سندس کڄي وڃڻ کان اڳي سندس نسبت ۾ اها شاهدي ڏني ويئي، تہ هو خدا کي پسند آيو آهي.


۽ اهي ماڻهو پهرين مهيني جي ڏهين تاريخ يردن مان نڪري آيا، ۽ يريحو جي اُڀرندي واري سرحد تي جلجال ۾ منزل ڪيائون.


۽ خداوند يشوع کي فرمايو تہ اڄوڪي ڏينهن مون مصر وارو طعنو اوهان تان لاهي ڇڏيو، جنهن ڪري انهيءَ هنڌ جو نالو اڄ ڏينهن تائين جلجال سڏبو آهي.


۽ هنن آسمان مان هڪڙو وڏو آواز ٻُڌو، جنهن کين چيو تہ هيڏانهن اچو! ۽ هو ڪڪر تي چڙهي آسمان ۾ ويا؛ ۽ سندن دشمنن کين ڏٺو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ