Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 18:3 - Sindhi Bible

3 ۽ هن اهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا، جيئن ڪ سندس پيءُ دائود ڪيا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 هن پنهنجي وڏي دائود وانگر اهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 18:3
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪو حڪم آءٌ توکي ڏيان سو جيڪڏهن تون مڃيندين، ۽ منهنجن رستن تي هلندين، ۽ جيڪي منهنجي نظر ۾ برابر آهي سو ڪندين، ۽ منهنجن قاعدن، ۽ منهنجن حڪمن جي سنڀال ڪندين، جيئن منهنجو ٻانهو دائود ڪندو هو، تہ آءٌ توسان هوندس، ۽ تنهنجي لاءِ هڪڙو پڪو گهر جوڙيندس، جيئن دائود جي لاءِ جوڙيو هوم، ۽ اسرائيل تنهنجي حوالي ڪندس.


ڇالاءِ جو هيئن ٿيو تہ جڏهن سليمان ٻڍو ٿيو، تڏهن سندس زالن سندس دل ڦيرائي ٻين معبودن ڏي ڪئي: ۽ هن جي دل خداوند سندس خدا سان اهڙي ڪامل نہ هئي جهڙي سندس پيءُ دائود جي هئي.


۽ آسا اُهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا.


ڇالاءِ جو دائود اُهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا، ۽ جيڪو حڪم هن ڏنو هوس تنهن کان ساري عمر هو ڦري نہ ويو، سواءِ اورياہ حتيءَ جي ڳالهہ ۾.


۽ جيڪڏهن منهنجن قانونن ۽ حڪمن جي تعميل ڪرڻ لاءِ تون منهنجن رستن تي هلندين، جيئن ڪ تنهنجو پيءُ دائود هلندو هو، تہ پوءِ آءٌ تنهنجي عمر وڏي ڪندس.


انهي هوندي بہ مٿانهيون جايون ڊاهيون نہ ويون: ماڻهو اڃا بہ انهن مٿانهين جاين تي قربانيون ڪندا ۽ لوبان ساڙيندا هئا.


۽ هن اُهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا، تڏهن بہ هن جي پيءُ دائود جهڙا نہ هئا: جيڪي هن جي پيءُ يوآس ڪيو هو، ان موجب هن بہ ڪيو.


اي خداوند، آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ هاڻي ياد ڪر تہ ڪيئن آءٌ تنهنجي اڳيان سچ تي ڪامل دل سان هليو آهيان، ۽ اُهي ڪم ڪيا اٿم جي تنهنجي نظر ۾ چڱا آهن. پوءِ حزقياہ ڏاڍو روئڻ لڳو.


۽ هن اُهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا ۽ هو پنهنجي پيءُ دائود جي سڀني رستن تي هليو، ۽ نہ سڄي پاسي لڙيو نہ کٻي پاسي.


۽ هن جيڪي ڪم ڪيا سي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا ۽ سندس پيءُ دائود جي ڪمن جهڙا هئا.


هو ماڻهن جي اڳيان ڳائي ٿو ۽ چوي ٿو، تہ مون گناهہ ڪيو آهي، ۽ جيڪي سنئون هو تنهن کي ڏنگو ڪيو اٿم، ۽ انهيءَ مان مون کي ڪوبہ فائدو حاصل نہ ٿيو:


آءٌ تنهنجن سڀني قاعدن کي سچو ٿو سمجهان؛ ۽ هر ڪنهن ڪوڙيءَ واٽ کان مون کي نفرت آهي.


۽ چيائين تہ جيڪڏهن تون دل ڏيئي خداوند پنهنجي خدا جو آواز ٻڌندين، ۽ جيڪي سندس نظر ۾ صحيح آهي سو ڪندين، ۽ سندس سڀني حڪمن ۽ قانونن تي هلندين، تہ جيڪي بيماريون مون مصرين تي موڪليون آهن تن مان ڪابہ توتي ڪين موڪليندس؛ ڇالاءِ جو آءٌ اهو خداوند آهيان، جو توکي شفا ٿو ڏيان.


۽ چيائين تہ اي خداوند آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ هاڻي ياد ڪر تہ ڪيئن نہ آءٌ تنهنجي حضور ۾ سچائيءَ ۽ سالم دل سان هليو آهيان، ۽ جيڪي تنهنجي نظر ۾ چڱو هو سو ڪيو اٿم. پوءِ حزقياہ زار زار رئڻ لڳو.


تڏهن شريعت پاڪ آهي، ۽ حڪم بہ پاڪ ۽ راستباز ۽ چڱو آهي.


اي ٻارو، خداوند ۾ پنهنجي ماءُ پيءُ جي فرمانبرداري ڪريو: ڇالاءِ جو اهو واجب آهي.


هاڻي اي اسرائيل، خداوند تنهنجو خدا توکان ڇا ٿو گهري، رڳو ايترو تہ تون خداوند پنهنجي خدا کان ڊڄندو رهہ، سندس سڀني واٽن تي هل، ۽ کيس پيار ڪر، ۽ پنهنجي ساريءَ دل سان، ۽ پنهنجي ساريءَ جان سان، خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ڪر،


۽ اوهين اهو ئي ڪجو جيڪي خداوند جي نظر ۾ درست ۽ چڱو هجي، انهي لاءِ تہ اوهان جو ڀلو ٿئي، ۽ جنهن چڱي ملڪ بابت خداوند تنهنجي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، تنهن ۾ وڃي، مٿس پنهنجو قبضو ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ