Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 17:3 - Sindhi Bible

3 انهيءَ تي اسور جو بادشاهہ سلمنسر چڙهي آيو؛ ۽ هوسيع انهيءَ جو ٻانهو ٿيو، ۽ اُنهيءَ جي لاءِ نذرانا آندائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 اشور جو شهنشاهہ سلمنيسر مٿس ڪاهہ ڪري آيو، هوسيع سندس آڻ مڃي ۽ هر سال کيس ڍل پهچائڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 17:3
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن موآب کي ماريو، ۽ اتي جي ماڻهن کي زمين تي سمهاري، رسيءَ سان انهن جي ماپ ورتائين؛ ۽ ٻن رسين جي ماپ جيترا هن مارائي ڇڏيا، ۽ هڪڙي رسيءَ جيترا جيئرا ڇڏي ڏنا. ۽ موآبي دائود جا ٻانها ٿيا، ۽ نذرانا کڻي آيا.


پوءِ دائود دمشق جي ارام ۾ سنڀال لاءِ لشڪر رکيو؛ ۽ ارامي دائود جا ٻانها ٿيا، ۽ نذرانا آندائون. ۽ جيڏي دائود ٿي ويو، اوڏي خداوند دائود کي فتح ٿي بخشي.


اسور جو بادشاهہ پول ملڪ تي ڪاهي آيو؛ ۽ مناحم پول کي هڪ هزار چانديءَ جا قنطار ڏنا تہ سندس هٿن ۾ بادشاهي قائم ڪرڻ ۾ کيس مدد ڏئي.


۽ مناحم اُهي پئسا اسرائيل کان، يعني سڀني دولت ۽ طاقت وارن ماڻهن کان وصول ڪيا، ۽ هرهڪ ماڻهوءَ کان چانديءَ جا پنجاهہ شيڪل وٺي اسور جي بادشاهہ کي ڏنائين. پوءِ اسور جو بادشاهہ پٺتي موٽي ويو ۽ ملڪ ۾ وڌيڪ نہ ترسيو.


اسرائيل جي بادشاهہ فقح جي ڏينهن ۾ تگلت پلاسر، اسور جي بادشاهہ، ڪاهي اچي ايون، ۽ ابيل ۽ بيت معڪہ، ۽ ينوحہ، ۽ قادس، ۽ حصور، ۽ جلعاد، ۽ گليل، ۽ نفتاليءَ جي ساري زمين ورتي؛ ۽ انهن کي گرفتار ڪري اسور ڏانهن وٺي ويو.


۽ هن اُهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا، پر نہ اسرائيل جي ٻين بادشاهن جهڙا، جي هن کان اڳي ٿي گذريا هئا.


۽ اسور جي بادشاهہ هوسيع جو منصوبو معلوم ڪيو: ڇالاءِ جو هن مصر جي بادشاهہ سو ڏانهن ايلچي موڪليا ۽ اسور جي بادشاهہ ڏانهن ڪو نذرانو نہ موڪليائين، جيئن اڳي سال بسال موڪليندو هو: تنهنڪري اسور جي بادشاهہ هن کي قيد ۾ وجهي ٻڌي بند ڪري ڇڏيو.


حزقياہ جي ڳالهہ متان مڃو: ڇالاءِ جو اسور جي بادشاهہ هيئن فرمايو آهي تہ مون سان صلح ڪريو ۽ نڪري مون وٽ اچو؛ ۽ اوهان مان هرڪو پنهنجي پنهنجي ڊاک کائي، ۽ پنهنجي پنهنجي انجير جي وڻ مان کائي، ۽ اوهان مان هرڪو پنهنجي پنهنجي حوض مان پاڻي پئي؛


۽ خداوند هن سان هو؛ جنهن پاسي هو ويندو هو انهيءَ پاسي هو فتحياب ٿيندو هو: ۽ هو اسور جي بادشاهہ کان باغي ٿيو ۽ هن جي تابعداري نہ ڪيائين.


تنهنڪري هاڻي، اي اسان جا خدا، عظمت، ۽ طاقت ۽ هيبت وارا خدا، جو عهد اقرار ۽ رحم قائم رکندو اچين، سو هيءَ جيڪا مصيبت اسان تي، ۽ اسانجن بادشاهن تي، ۽ اسانجن اميرن تي، ۽ اسانجن ڪاهنن تي، ۽ اسانجن نبين تي، ۽ اسانجن ابن ڏاڏن تي، ۽ تنهنجي سڄيءَ قوم تي، اسور جي بادشاهن جي وقت کان وٺي اڄ ڏينهن تائين آئي آهي، سا تنهنجي اڳيان ٿوري نظر نہ اچي.


۽ انهي ڏينهن هيئن ٿيندو تہ يعقوب جي وڏائي گهٽ ڪئي ويندي، ۽ سندس چرٻي ۽ بدن ڏٻرا ٿي ويندا.


۽ اهو وهندو اڳتي يهوداہ ۾ هليو ويندو؛ اهو اُٿلي پوندو ۽ لنگهيو هليو ويندو اهو ڳچيءَ تائين بہ وڃي پهچندو؛ اي عمانوايل. ان جي کنڀن جي پکڙجڻ سان تنهنجي زمين جو شڪم ڀرجي ويندو.


۽ جڏهن اهولہ منهنجي ٿي تڏهن زناڪاري ڪرڻ لڳي؛ ۽ پنهنجن سينڌن تي، يعني اسوري جي سندن پاڙيسري هئا، تن کي حد کان وڌيڪ پيار ڪرڻ لڳي،


تنهن ڪري تنهنجي قوم ۾ گڙٻڙ ٿيندي، ۽ تنهنجا سڀ قلعا لٽجي ويندا، جيئن شلمن، بيت اربيل کي جنگ جي ڏينهن ڦريو لٽيو هو: ماءُ ٻارن سميت هيٺ اُڇلائي ٽڪر ٽڪر ڪئي ويندي.


هو اجايون ڳالهيون ٿا ڪن، انجامن ڪرڻ مهل هو ڪوڙا قسم ٿا کڻن: تنهنڪري ٻنيءَ جي کيڙين ۾ ڪَڙي ٻوٽي وانگي سزا ڦٽي نڪرندي.


هائو جيتوڻيڪ هو قومن مان ڀاڙي پيا ڪن، تہ بہ آءٌ هن کي گڏ ڪندس؛ ۽ هو بادشاهہ جي ۽ اميرن جي بار جي سببان گهٽجڻ لڳندا.


آءٌ اوهان جي مٿان ترار آڻيندس، جا ڪيل عهد جو بدلو وٺندي؛ ۽ جڏهن اوهين پنهنجن شهرن ۾ گڏ ڪيا ويندا، تڏهن آءٌ اوهان ۾ وبا موڪليندس؛ ۽ اوهين پنهنجي دشمنن جي حوالي ڪيا ويندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ