Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 12:3 - Sindhi Bible

3 انهي هوندي بہ مٿانهيون جايون ڊاهيون نہ ويون: ماڻهو اڃا بہ انهن مٿانهين جاين تي قربانيون ڪندا ۽ لوبان ساڙيندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 انهيءَ هوندي بہ غير معبودن جا سمورا پوڄا گھر ڪين ڊاٺا ويا. ماڻهو اڃا بہ اتي ساڙڻ لاءِ قربانيون پيش ڪندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 12:3
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ آسا اُهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا.


پر مٿانهيون جايون ڊاهيون نہ ويون: انهيءَ هوندي بہ آسا جي دل ساري عمر خداوند سان ڪامل هئي.


۽ هو پنهنجي پيءُ آسا جي سڀني رستن تي هليو؛ هو انهيءَ کان ڪنهن بہ پاسي نہ ڦريو، ۽ جيڪي خداوند جي نظر ۾ چڱو هو سو ڪيائين: انهيءَ هوندي بہ مٿانهيون جايون ڪيرايون نہ ويون؛ ۽ ماڻهو اڃا بہ انهن مٿانهين جاين تي قربانيون ذبح ڪندا هئا ۽ لوبان ساڙيندا هئا.


۽ يهوآس پنهنجي حياتيءَ جي ڏينهن ۾ اُهي ڪم ڪيا، جي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا، جن بابت يهويدع ڪاهن هن کي تعليم ڏني هئي.


پر مٿانهيون جايون هن ڊاهي نہ ڇڏيون: ماڻهو اڃا بہ اُنهن مٿانهين جاين تي قربانيون ڪندا ۽ لوبان ساڙيندا هئا.


۽ هن جيڪي ڪم ڪيا، سي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا، جيئن ڪ سندس پيءُ امصياہ جا ڪم هئا.


انهيءَ هوندي بہ هن مٿانهيون جايون نہ ڊاهيون: ماڻهو اڃا بہ اُنهن مٿانهين جاين تي قربانيون ڪندا ۽ لوبان ساڙيندا هئا. هن خداوند جي گهر جو مٿيون دروازو جوڙايو.


انهيءَ هوندي بہ مٿانهيون جايون ڊاهيون نہ ويون: ماڻهو اڃا بہ انهن مٿانهين جاين تي قربانيون ڪندا هئا ۽ لوبان ساڙيندا هئا.


۽ هن اهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا، جيئن ڪ سندس پيءُ دائود ڪيا هئا.


هن مٿانهيون جايون ڪڍي ڇڏيون ۽ ٿنڀ ڀڃائي ۽ يسيرت وڍائي ڇڏيا: ۽ جيڪو پتل جو نانگ موسيٰ جوڙيو هو، سو هن ڀڃائي پرزا پرزا ڪري ڇڏيو؛ ڇالاءِ جو انهن ڏينهن تائين بني اسرائيل انهيءَ لاءِ لوبان ساڙيندا هئا؛ ۽ هن انهيءَ جو نالو نحشتان رکيو.


۽ هن اُهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا ۽ هو پنهنجي پيءُ دائود جي سڀني رستن تي هليو، ۽ نہ سڄي پاسي لڙيو نہ کٻي پاسي.


تنهن کانسواءِ يروشلم جي رهاڪن کي هن حڪم ڏنو تہ ڪاهنن ۽ لاوين جو حصو ڏين، تہ هو خداوند جي شريعت جي ڪم ۾ پاڻ کي مشغول رکن.


ڇالاءِ جو قديم وقت کان مون تنهنجي پاڃاري ڀڃي ڇڏي آهي، ۽ تنهنجا بند خلاص ڪري ڇڏيا اٿم؛ ۽ تو چيو تہ آءٌ خدمت نہ ڪنديس؛ ڇالاءِ جو سڀ ڪنهن مٿانهينءَ ٽڪريءَ تي ۽ سڀ ڪنهن سائي وڻ هيٺ تو ڪنڃريءَ وانگي پاڻ کي جهڪايو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ