Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 11:2 - Sindhi Bible

2 پر يورام بادشاهہ جي ڌيءَ، اخزياہ جي ڀيڻ يهوسبع، جيڪي بادشاهہ جا پٽ قتل ٿيا، تن منجهان اخزياہ جي پٽ يوآس کي سندس دائيءَ سميت چورائي کڻي ويئي، ۽ انهن کي سمهڻ واريءَ ڪوٺيءَ ۾ لڪائي ڇڏيائين؛ ۽ انهيءَ کي عتلياہ کان لڪائي ڇڏيائين، جنهنڪري هو مارجي نہ ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 پر بادشاهہ يهورام جي ڌيءَ يهوسبع، جيڪا اخزياہ جي ڀيڻ هئي تنهن اخزياہ جي پٽ يوآس کي بچائي ورتو، جيڪو بادشاهہ جي ٻئي اولاد سان گڏ قتل ٿيڻ وارو هو. هن يوآس ۽ سندس دائيءَ کي سمهڻ واري ڪمري ۾ وٺي وڃي لڪائي ڇڏيو. اهڙيءَ طرح هو مرڻ کان بچي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 11:2
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن هدد پنهنجي پيءُ جي ڪن نوڪرن ادومين سميت مصر ۾ وڃڻ لاءِ اُٿي ڀڳو؛ ۽ هدد اڃا ننڍو ٻار هو.


۽ هن ساري گهر جي مٿان طبقا جوڙايا، هرهڪ پنج هٿ مٿي هو: ۽ اُهي ديودار جي ڪاٺ تي گهر جي مٿان بيٺل هئا.


وچين پاسي وارين ڪوٺين جو در گهر جي سڄي هٿ واري پاسي هو: ۽ ماڻهو گول ڏاڪڻ جي رستي وچين ڪوٺين ۾ ٿي ويا، ۽ وچين مان وري ٽئين طبقي وارين ڪوٺين ۾.


جڏهن يهوآس بادشاهي ڪرڻ لڳو تڏهن هو ستن ورهين جو هو.


۽ اُهو هن وٽ ڇهہ ورهيہ خداوند جي گهر ۾ لڪل پيو هو: ۽ عتلياہ ملڪ تي بادشاهي پئي ڪئي.


ياهوءَ جي ستين ورهيہ ۾، يهوآس بادشاهي ڪرڻ لڳو؛ ۽ هن يروشلم ۾ چاليهہ ورهيہ بادشاهي ڪئي: ۽ هن جي ماءُ جو نالو ضيبياہ هو، جا بيرسبع جي هئي.


۽ يورام بن اخي آب، اسرائيل جي بادشاهہ جي پنجين ورهيہ ۾، جڏهن يهوسفط يهوداہ جو بادشاهہ هو، يهورام بن يهوسفط، يهوداہ جو بادشاهہ ٿيو.


انهيءَ هوندي بہ خداوند يهوداہ کي چٽ نہ ڪيو، ڇالاءِ جو هن پنهنجي ٻانهي دائود سان انجام ڪيو هو تہ توکي هميشہ تنهنجي اولاد لاءِ هڪڙو ڏيئو پيو ڏيندس.


انهيءَ جو پٽ يورام، انهيءَ جو پٽ اخزياہ، انهيءَ جو پٽ يوآس؛


پر يهوسفط بادشاهہ جي ڌيءَ، اخزياہ جي پٽ يوآس کي، جيڪي بادشاهہ جا پٽ قتل ٿيا هئا، تن منجهان چورائي کڻي ويئي ۽ انهيءَ کي سندس دائيءَ سميت سمهڻ واري ڪوٺيءَ ۾ وڃي لڪايائين. انهيءَ طرح يهورام جي ڌيءَ يهوسبعت، جا يهويدع ڪاهن جي زال هئي، (ڇالاءِ جو هوءَ اخزياہ جي ڀيڻ هئي) تنهن هن کي عتلياہ کان لڪائي ڇڏيو، جنهنڪري هوءَ انهي کي ڪُهي نہ سگهي.


۽ درياهہ ۾ ايترا ڏيڏر ٿي پوندا، جو اهي ٻاهر نڪري تنهنجي گهر ۾، تنهنجي آرام گاهہ ۾، تنهنجي هنڌ تي، تنهنجي نوڪرن جي گهرن ۾، تنهنجيءَ رعيت تي، تنهنجي تنورن ۾ ۽ تنهنجي اٽي ڳوهڻ جي ٿالهن ۾ ڪاهي پوندا؛


ڪابہ ڏاهپ، يا سمجهہ، يا صلاح مصلحت نہ آهي، جا خداوند جي برخلاف بيهي.


ڇالاءِ جو آءٌ خود پنهنجي خاطر ۽ پنهنجي ٻانهي دائود جي خاطر هن شهر جي حفاظت ڪري هن کي بچائيندس.


ڇالاءِ جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اسرائيل جي گهراڻي جي تخت تي ويهڻ لاءِ دائود وٽ ڪنهن بہ ماڻهو جي کوٽ نہ ٿيندي؛


تہ تڏهن جيڪو عهد اقرار مون پنهنجي ٻانهي دائود سان ڪيو آهي سو بہ ڀڃي سگهبو، تہ هن کي سندس تخت تي ويهي بادشاهي ڪرڻ لاءِ پٽ نہ ٿئي؛ ۽ اهو عهد اقرار بہ جو مون پنهنجن خدمتگارن لاوين، يعني ڪاهنن سان ڪيو آهي.


تڏهن آءٌ يعقوب جو، ۽ پنهنجي ٻانهي دائود جو اولاد بہ رد ڪري ڇڏيندس، تہ انهن مان ڪنهن کي بہ نہ وٺان تہ ابرهام، اسحاق ۽ يعقوب جي نسل تي حڪم هلائين: بلڪ آءٌ هنن جا قيدي موٽائيندس، ۽ هنن تي رحم ڪندس.


ريڪابين جي گهر وڃ ۽ انهن سان ڪلام ڪر، ۽ انهن کي خداوند جي گهر جي هڪڙيءَ ڪوٺيءَ ۾ آڻي شراب پيارين.


۽ بادشاهہ، شاهزادي يرحمئيل، ۽ شراياہ بن عزري ايل، ۽ سلمياہ بن عبدي ايل کي حڪم ڏنو تہ باروڪ ڪاتب ۽ يرمياہ نبيءَ کي پڪڙيو: پر خداوند انهن کي لڪائي ڇڏيو.


پوءِ هن مون کي چيو تہ هيءَ ڪوٺي جنهن جو رخ ڏکڻ ڏانهن آهي، سا گهر جي سنڀال ڪندڙن ڪاهنن جي لاءِ آهي.


پوءِ هو عفرہ ۾ پنهنجي پيءُ جي گهر ويو، ۽ پنهنجن ڀائرن يروبعل جي پٽن کي هڪڙي پٿر تي ڪُٺائين، جي ستر ڄڻا هئا: پر يروبعل جو سڀ کان ننڍو پٽ يوتام رهجي ويو؛ ڇالاءِ جو هن وڃي پاڻ کي لڪايو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ