تڏهن هن ٻيو ڀيرو هڪڙو خط هنن ڏانهن لکيو ۽ چيائين تہ جي اوهين منهنجي طرف ٿيڻ گهرو ۽ منهنجي ڳالهہ مڃو، تہ اهي سڀ ماڻهو، جي اوهان جي ڌڻيءَ جا پٽ آهن تن جون سسيون لاهي ڇڏيو، ۽ پوءِ سڀاڻي هن وقت ڌاري مون وٽ يزرعيل ۾ اچو. هاڻي بادشاهہ جا پٽ جي ستر ڄڻا هئا، سي شهر جي وڏن ماڻهن وٽ هئا، جن هنن کي پالي وڏو ڪيو هو.