Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 1:4 - Sindhi Bible

4 تنهنڪري هاڻي خداوند ٿو فرمائي تہ جنهن هنڌ تي تون سمهيو آهين انهيءَ تان وري هيٺ نہ لهندين، پر ضرور مرندين. ۽ ايلياہ اُٿي روانو ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 تنهنڪري هاڻي بادشاهہ کي وڃي خداوند جو هي فرمان ٻڌايو تہ جنهن کٽ تي بادشاهہ پيو آهي تنهن تان وري هيٺ نہ لهندو، هو ضرور مرندو.‘“ سو الياس اُٿي روانو ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 1:4
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر نيڪيءَ ۽ بديءَ جي ٻوجهہ واري وڻ جو ڦل متان کائين، ڇالاءِ تہ جنهن ڏينهن تون اُهو کائيندين، تنهن ڏينهن ضرور مرندين.


تڏهن نانگ زال کي چيو تہ پڪ اوهين ڪين مرندا:


تنهنڪري اُٿي پنهنجي گهر وڃ: ۽ جڏهن تنهنجا پير شهر ۾ پوندا تڏهن اُهو ٻار مري ويندو.


۽ ايلياہ پاڻ ڏيکارڻ لاءِ اخي آب وٽ آيو. انهيءَ وقت سامريہ ۾ ڏاڍو ڏڪار هو.


۽ انهيءَ کي چيائين تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ تو جو عقرون جي معبود بعل زبوب کان پڇا ڪرڻ لاءِ قاصد موڪليا آهن سو انهيءَ ڪري ڇا تہ اسرائيل ۾ اهڙو ڪو خدا ڪونهي جنهن کان پڇا ڪري خبر وٺجي؟ تنهنڪري جنهن هنڌ تي تون چڙهيو آهين انهيءَ تان وري هيٺ نہ لهندين، پر ضرور مرندين.


۽ قاصد هن وٽ موٽي ويا، ۽ هن اُنهن کي چيو تہ ڇو اوهين موٽي آيا آهيو؟


تڏهن هنن چيو تہ هڪڙو ماڻهو اسان کي اچي گڏيو، ۽ اسان کي چيائين تہ جنهن بادشاهہ اوهان کي موڪليو آهي تنهن وٽ موٽي وڃو، ۽ چئوس تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اسرائيل ۾ خدا ڪونهي ڇا جو تو عقرون جي معبود بعل زبوب کان پڇائي موڪليو آهي؟ تنهنڪري جنهن هنڌ تي تون چڙهيو آهين انهيءَ کان وري هيٺ نہ لهندين، پر ضرور تون مرندين.


انهن ڏينهن ۾ حزقياہ سخت بيمار ٿي پيو ۽ مرڻ تي هو. ۽ يسعياہ بن آموص نبي هن وٽ آيو، ۽ چيائينس تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ پنهنجي گهر جو بندوبست ڪر؛ ڇالاءِ جو تون مرندين، ۽ جيئرو نہ رهندين.


۽ اليشع هن کي چيو تہ وڃي چئينس تہ تون ضرور ڇُٽندين؛ انهيءَ هوندي بہ خداوند مون کي ڄاڻايو آهي تہ هو ضرور مرندو.


جيڪو سچائيءَ تي پڪو آهي سو حياتي حاصل ڪندو: ۽ جيڪو برائيءَ جي پٺيان ٿو لڳي سو خود پنهنجي موت لاءِ ائين ڪري ٿو.


شرير برائيءَ ڪرڻ سان هيٺ ڪيرايو وڃي ٿو: پر سچي کي پنهنجي مرڻ کان پوءِ بہ اميد رهي ٿي.


ڏسو سڀ جانيون منهنجيون آهن، جهڙي پيءُ جي جان، تهڙي پٽ جي جان منهنجي آهي: جيڪا جان گناهہ ڪندي سا مرندي.


ڇالاءِ جو خداوند انهن جي بابت فرمايو هو، تہ هي ضرور بيابان ۾ مري ويندا. سو انهن مان يفنہ جي پٽ ڪالب، ۽ نون جي پٽ يشوع کان سواءِ ٻيو هڪڙو ماڻهو بہ ڪونہ بچيو.


تنهن کان سواءِ، خداوند توکي ۽ اسرائيل کي فلستين جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندو: ۽ سڀاڻي تون ۽ تنهنجا پٽ مون سان هوندا: خداوند اسرائيل جو لشڪر بہ فلستين جي هٿن ۾ ڏيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ