Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 1:3 - Sindhi Bible

3 پر خداوند جي ملائڪ ايلياہ تشبيءَ کي چيو تہ اُٿ وڃي سامريہ جي بادشاهہ جي قاصدن کي گڏج، ۽ چئين تہ اسرائيل ۾ خدا ڪونهي ڇا جو اوهين عقرون جي معبود بعل زبوب کان پڇا ڪرڻ ٿا وڃو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 پر هوڏانهن خداوند جي ملائڪ الياس تشبيءَ کي چيو تہ ”اُٿ، وڃي اسرائيل جي بادشاهہ جي قاصدن کي پهچ ۽ کين چئُہ تہ ’اسرائيل ۾ خدا ڪونهي ڇا جو اوهين عقرون شهر جي معبود بعل‌زبوب کان پڇا ڪرڻ ٿا وڃو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 1:3
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو هنن مون کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ صيدونين جي ديوي عستارات، ۽ موآب جي معبود ڪموس، ۽ بني عمون جي معبود ملڪوم کي سجدو ڏنو آهي؛ ۽ هو منهنجن رستن تي نہ هليا آهن، ۽ جيڪي منهنجي نظر ۾ چڱو آهي سو نہ ڪيو اٿن، ۽ نہ منهنجن قاعدن، ۽ منهنجن فيصلن جي سنڀال ڪئي اٿن، جيئن هن جي پيءُ دائود ٿي ڪئي.


۽ ايلياہ تشبي، جو جلعاد جي رهاڪن مان هو، تنهن اخي آب کي چيو تہ خداوند اسرائيل جي جيئري خدا جو قسم آهي، جنهن جي اڳيان آءٌ بيٺو آهيان، تہ منهنجي چئي بنا هنن ورهين ۾ ماڪ يا مينهن نہ پوندو.


۽ گهڻن ڏينهن کان پوءِ هيئن ٿيو تہ خداوند جو ڪلام ٽئين ورهيہ ۾ ايلياہ وٽ آيو، ۽ چيائينس تہ وڃ، وڃي اخي آب کي پاڻ ڏيکار: ۽ آءٌ زمين تي مينهن موڪليندس.


۽ شام جي قرباني چاڙهڻ وقت هيئن ٿيو تہ ايلياہ نبيءَ ويجهو اچي چيو تہ اي خداوند، ابرهام، ۽ اسحاق، ۽ اسرائيل جا خدا، اڄوڪي ڏينهن ڄاڻاءِ تہ تون اسرائيل ۾ خدا آهين، ۽ آءٌ تنهنجو ٻانهو آهيان، ۽ هي جيڪو ڪم ڪيو اٿم سو سڀ تنهنجي حڪم پٺيان آهي.


۽ هو هڪڙي ڄار جي وڻ هيٺ ليٽي پيو، ۽ سمهي رهيو؛ ۽ ڏس، هڪڙي فرشتي اچي ڇهي چيس تہ اُٿي کاءُ.


۽ خداوند جو فرشتو وري ٻيو ڀيرو آيو، ۽ هن کي ڇهي چوڻ لڳو تہ اُٿي کاءُ، ڇاڪاڻ تہ سفر تنهنجي لاءِ وڏو آهي.


۽ خداوند جو ڪلام ايلياہ تشبيءَ تي نازل ٿيو.


۽ اخزياہ سامريہ ۾ پنهنجي ماڙيءَ جي جعفريءَ مان هيٺ ڪري پيو، ۽ بيمار ٿي پيو: ۽ هن قاصد سڏائي انهن کي چيو تہ وڃو، عقرون جي معبود بعل زبوب کان پڇا ڪريو تہ آءٌ هن بيماريءَ کان ڇُٽندس يا نہ.


تڏهن هنن چيو تہ هڪڙو ماڻهو اسان کي اچي گڏيو، ۽ اسان کي چيائين تہ جنهن بادشاهہ اوهان کي موڪليو آهي تنهن وٽ موٽي وڃو، ۽ چئوس تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اسرائيل ۾ خدا ڪونهي ڇا جو تو عقرون جي معبود بعل زبوب کان پڇائي موڪليو آهي؟ تنهنڪري جنهن هنڌ تي تون چڙهيو آهين انهيءَ کان وري هيٺ نہ لهندين، پر ضرور تون مرندين.


۽ هنن ورندي ڏني تہ هو گهڻن وارن وارو ماڻهو هو، ۽ چيلهہ سان هڪڙو چم جو پٽو ٻڌل هوس. ۽ هن چيو تہ اهو ايلياہ تشبي آهي.


پوءِ هو اُنهيءَ خدا جي مرد وٽ موٽي آيو، ۽ سندس ساري ٽولي ساڻس گڏ اچي هن جي اڳيان بيهي رهي: ۽ هن چيو تہ هاڻي ڏس، آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اسرائيل جي خدا کان سواءِ دنيا ۾ ٻيو ڪوبہ خدا ڪونهي، مهرباني ڪري پنهنجي ٻانهي کان هڪڙو تحفو قبول ڪر.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن خدا جي مرد اليشع ٻڌو تہ اسرائيل جي بادشاهہ پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا آهن، تڏهن هن بادشاهہ ڏانهن چوائي موڪليو تہ تو ڇالاءِ پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا آهن؟ هاڻي ڀلي تہ هو مون وٽ اچي، پوءِ هن کي معلوم ٿيندو تہ اسرائيل ۾ ڪو نبي آهي.


خدا يهوداہ ۾ مشهور آهي: ۽ سندس نالو اسرائيل ۾ عظيم آهي.


۽ جڏهن هو اوهان کي چون تہ جنن ۽ ڏائڻن کي ڳوليو، جي چر چر ۽ ڀڻ ڀڻ ٿا ڪن؛ تڏهن اوهين چئجو تہ اُمت کي مناسب ناهي ڇا تہ پنهنجي خدا کي ڳولين؟ جيئرن جي بدران مئن کي ڇو ڳوليون؟


جيڪي ڪوڙين باطل شين تي ڌيان ڏين ٿا، سي پنهنجي رحمت وڃائي ٿا ڇڏين.


۽ فقيهہ جي يروشلم کان آيا هئا، تن چيو، تہ هن ۾ بعلزبول آهي، ۽ هو ڀوتن جي سردار جي مدد سان ڀوت ٿو ڪڍي.


پر خداوند جي ملائڪ فلپس کي چيو تہ اُٿي ڏکڻ جي پاسي اُنهي رستي ڏانهن وڃ جو يروشلم کان غزہ ڏانهن ٿو وڃي: اُهو رڻ پٽ منجهان آهي.


اڄوڪي ڏينهن خداوند توکي منهنجي حوالي ڪندو؛ ۽ آءٌ توکي ماري، تنهنجي سسي ڌڙ کان ڌار ڪندس؛ ۽ اڄوڪي ڏينهن آءٌ فلستين جي لشڪر جا لاشا هوا جي پکين کي، ۽ زمين جي جهنگلي جانورن کي ڏيندس؛ انهي لاءِ تہ جهان کي خبر پوي تہ اسرائيل ۾ هڪڙو خدا آهي:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ