2.بادشاهَہ 1:2 - Sindhi Bible2 ۽ اخزياہ سامريہ ۾ پنهنجي ماڙيءَ جي جعفريءَ مان هيٺ ڪري پيو، ۽ بيمار ٿي پيو: ۽ هن قاصد سڏائي انهن کي چيو تہ وڃو، عقرون جي معبود بعل زبوب کان پڇا ڪريو تہ آءٌ هن بيماريءَ کان ڇُٽندس يا نہ. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible2 اخزياہ جيڪو پنهنجي پيءُ اخياب جي وفات کان پوءِ بادشاهہ ٿيو، سو سامريہ شهر ۾ پنهنجي ماڙيءَ جي ڄاريدار پلويڙي تان هيٺ ڪري پيو ۽ سخت زخمي ٿي پيو. سو هن ڪن قاصدن کي موڪليو تہ وڃي فلستين جي شهر عقرون ۾ معبود بعلزبوب کان پڇي اچن تہ ”آءٌ وري چڱو ڀلو ٿيندس يا نہ؟“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تڏهن هنن چيو تہ هڪڙو ماڻهو اسان کي اچي گڏيو، ۽ اسان کي چيائين تہ جنهن بادشاهہ اوهان کي موڪليو آهي تنهن وٽ موٽي وڃو، ۽ چئوس تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اسرائيل ۾ خدا ڪونهي ڇا جو تو عقرون جي معبود بعل زبوب کان پڇائي موڪليو آهي؟ تنهنڪري جنهن هنڌ تي تون چڙهيو آهين انهيءَ کان وري هيٺ نہ لهندين، پر ضرور تون مرندين.