1 ۽ اخي آب جي مرڻ کان پوءِ موآب اسرائيل کان باغي ٿيو.
1 اسرائيل جي بادشاهہ اخياب جي وفات کان پوءِ موآب وارن اسرائيل جي خلاف بغاوت ڪئي.
۽ هن موآب کي ماريو، ۽ اتي جي ماڻهن کي زمين تي سمهاري، رسيءَ سان انهن جي ماپ ورتائين؛ ۽ ٻن رسين جي ماپ جيترا هن مارائي ڇڏيا، ۽ هڪڙي رسيءَ جيترا جيئرا ڇڏي ڏنا. ۽ موآبي دائود جا ٻانها ٿيا، ۽ نذرانا کڻي آيا.
موآب منهنجي ڌوئڻ جو ٿانو آهي؛ ۽ ادوم تي آءٌ پنهنجي جتي اُڇلائيندس: اي فلستين، تون منهنجي ڪري خوشيءَ سان للڪار.
۽ هن موآب کي ماريو؛ ۽ موآبي دائود جا ٻانها ٿيا ۽ نذرانا کڻي آيا.
انهيءَ طرح ادوم اڄ ڏينهن تائين يهوداہ جي هٿ هيٺان باغي ٿي نڪتل رهيو آهي. تنهن کان پوءِ لبناہ بہ انهيءَ وقت باغي ٿيو.
هن جي ڏينهن ۾ ادوم يهوداہ جي هيٺان باغي ٿي نڪتو، ۽ پنهنجي مٿان هڪڙو بادشاهہ مقرر ڪيائين.
پاڻي هن جي ڏولن مان وهندو، ۽ هن جو ٻج گهڻن پاڻين ۾ هوندو، هن جو بادشاهہ اجاج کان وڏو ٿيندو، ۽ هن جي بادشاهت وڌندي ويندي.
پوءِ دائود دمشق جي ارام ۾ سنڀال لاءِ لشڪر رکيو؛ ۽ ارامي دائود جا ٻانها ٿيا، ۽ نذرانا آندائون. ۽ جيڏي دائود ٿي ويو، اوڏي خداوند دائود کي فتح ٿي بخشي.