Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.يوحنا 1:2 - Sindhi Bible

2 اُنهي سچ جي ڪري جو اسان ۾ رهي ٿو، ۽ جو هميشہ اسان سان رهندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 اهو انهيءَ سچ جي ڪري آهي جيڪو اسان ۾ رهي ٿو ۽ هميشہ اسان سان گڏ رهندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 اهو انهيءَ سچ جي ڪري آهي جيڪو اسان ۾ رهي ٿو ۽ هميشہ اسان سان گڏ رهندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 ڇاڪاڻ⁠تہ سچ اسان ۾ رھي ٿو ۽ ھميشہ اسان سان گڏ رھندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.يوحنا 1:2
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ آئون پيءُ کي سوال ڪندس، ۽ هو اوهان کي ٻيو مددگار ڏيندو تہ اُهو اوهان سان هميشہ تائين رهي،


جيڪڏهن اوهين مون ۾ رهو ۽ منهنجون ڳالهيون اوهان ۾ رهن، تہ پوءِ جيڪي وڻيوَ سو گهُرو، ۽ ائين ئي ٿيندو.


۽ آئون انجيل جي واسطي سڀ ڪجهہ ٿو ڪريان، تہ انهيءَ جي بخشش ۾ حصيدار ٿيان.


ڇالاءِ جو اسين پنهنجي منادي نٿا ڪريون، پر مسيح يسوع جي منادي ٿا ڪريون تہ هو خداوند آهي، ۽ پنهنجي لاءِ هيئن ٿا چئون تہ يسوع جي خاطر اوهان جا خادم آهيون.


ڀلي تہ مسيح جو ڪلام هر قسم جي دانائي سميت اوهان ۾ ججهو ئي رهي. هڪٻئي کي تعليم ڏيو ۽ نصيحت ڪريو، ۽ فضل سان ڀرپور ٿي پنهنجين دلين ۾ خدا جي لاءِ زبور ۽ گيت ۽ ديني راڳ ڳايو.


جيڪو بي ريا ايمان تو ۾ آهي، سو مون کي ياد آهي، ۽ اُهو پهريائين تنهنجي ناني لوئس ۽ تنهنجي ماءُ يونيڪيءَ ۾ هو؛ ۽ مون کي يقين آهي تہ تو ۾ بہ آهي.


تنهنڪري آئون اوهان کي اهي ڳالهيون ياد ڏيارڻ لاءِ هميشہ تيار رهندس، جيتوڻيڪ انهن جي اوهان کي خبر آهي، ۽ جيڪا سچائي اوهان کي مليل آهي، تنهن تي اوهين قائم آهيو.


جيڪڏهن اسين چئون تہ اسين بي گناهہ آهيون، تہ اسين پاڻ کي ٺڳيون ٿا ۽ اسان ۾ سچائي ڪانهي.


اي بزرگو، مون اوهان ڏانهن هن ڪري لکيو آهي، تہ جيڪو شروعات کان وٺي آهي تنهن کي اوهين سڃاڻو ٿا. اي جوانو، مون اوهان ڏانهن هن ڪري لکيو آهي جو اوهين مضبوط آهيو، ۽ خدا جو ڪلام اوهان ۾ رهي ٿو، ۽ اوهين انهي شرير تي غالب پيا آهيو.


۽ دنيا توڙي سندس خواهش ٻئي گذرنديون ٿيون وڃن، پر جيڪو خدا جي مرضيءَ تي ٿو هلي، سو هميشہ تائين قائم ٿو رهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ