Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.يوحنا 1:12 - Sindhi Bible

12 مون کي اوهان ڏانهن گهڻيون ئي ڳالهيون لکڻيون آهن، پر اُهي ڪاغذ ۽ مَس سان لکڻ ڪونہ ٿو گهُران: مگر اُميد اٿم تہ اوهان وٽ ايندس ۽ روبرو ڳالهيون ڪندس، تہ اوهان جي خوشي پوري ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

12 مون کي ڪيتريون ئي ڳالهيون اوهان کي ٻڌائڻيون آهن، جيڪي مس ۽ ڪاغذ جي وسيلي نہ ٿو ڪرڻ چاهيان. پر اميد اٿم تہ روبرو اوهان سان ملي ڳالهيون ڪريان تہ جيئن اسان جي خوشي پوري ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 مون کي ڪيتريون ئي ڳالهيون اوهان کي ٻڌائڻيون آهن، جيڪي مس ۽ ڪاغذ جي وسيلي نہ ٿو ڪرڻ چاهيان. پر اميد اٿم تہ روبرو اوهان سان ملي ڳالهيون ڪريان تہ جيئن اسان جي خوشي پوري ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

12 مون کي ڪيتريون ئي ڳالھيون اوھان کي ٻڌائڻيون آھن، جيڪي مس سان ۽ ڪاغذ تي لکڻ نہ ٿو چاھيان. پر اميد اٿم تہ روبرو اوھان سان ملي ڳالھيون ڪريان تہ جيئن اسان جي خوشي پوري ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.يوحنا 1:12
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ انهي سان روبرو ظاهر ظهور ڳالهائيندس، ۽ نہ ڳجهارتن ۾، ۽ هو خداوند جي شڪل بہ ڏسندو: تڏهن ڇو اوهين منهنجي ٻانهي جي برخلاف، يعني موسيٰ جي برخلاف، ڳالهائڻ کان نٿي ڊنا؟


اهي ڳالهيون مون اوهان سان انهي لاءِ ڪيون آهن، تہ منهنجي خوشي اوهان ۾ هجي، ۽ اوهان جي خوشي پوري ٿئي.


مون کي اڃا بہ اوهان کي ڪيتريون ڳالهيون چوڻيون آهن، پر اهي اوهين هينئر سهي ڪين سگهندا.


هيستائين اوهان منهنجي نالي ڪي بہ ڪين گهُريو آهي، گهُرو تہ مليوَ، تہ اوهان جي خوشي پوري ٿئي.


پر هاڻي آئون تو وٽ ٿو اچان؛ ۽ اهي ڳالهيون جي دنيا ۾ چوان ٿو، سي انهي لاءِ تہ انهن کي منهنجي پوري خوشي حاصل ٿئي.


جنهن جي ڪنوار آهي، سو ئي گهوٽ آهي: پر گهوٽ جو دوست، جو بيٺو سندس ٻُڌي، سو گهوٽ جي آواز تي ڏاڍو سرهو ٿو ٿئي: سو اُها منهنجي سرهائي پوري ٿي.


تنهنڪري جڏهن آئون اسپين ڏانهن ويندس، تڏهن اُميد اٿم تہ انهي سفر ۾ اوهان وٽان ٿيندو ويندس. ڇالاءِ تہ جڏهن اوهان جي صحبت مان ڪجهہ قدر منهنجي دل ڀربي، تڏهن اوهين مون کي انهي پاسي روانو ڪجو.


۽ تنهنجا ڳوڙها ياد ڪري تنهنجي ڏسڻ لاءِ سِڪايل ٿو رهان، انهي لاءِ تہ خوشيءَ ۾ ڀرجي وڃان.


انهي کانسواءِ منهنجي رهڻ لاءِ جاءِ بہ تيار ڪري ڇڏج: جو آئون اُميد ٿو ڪريان تہ اوهانجين دعائن جي وسيلي آئون اوهان کي بخشيو ويندس.


۽ آئون ائين ڪرڻ لاءِ هن ڪري گهڻي قدر منٿ ٿو ڪريان تہ آئون اوهان وٽ جلد موٽي اچي سگهان.


اوهان کي خبر هجي تہ اسان جو ڀاءُ تيمٿيس آزاد ٿيو آهي؛ جي اُهو جلد آيو تہ ساڻس گڏ آئون بہ اوهان کي اچي گڏبس.


۽ اهي ڳالهيون اسين هن لاءِ ٿا لکون تہ اسان جي خوشي پوري ٿئي.


تنهنڪري جي آئون آيس تہ جيڪي ڪم هو ڪري ٿو، سي اچي ظاهر ڪندس، تہ ڪيئن هو اسان جي برخلاف خراب ڳالهيون ٿو بڪي. ۽ ايتري تي بہ راضي نہ آهي پر پاڻ ڀائرن کي قبول نٿو ڪري، ۽ جيڪي قبول ڪرڻ گهُرن ٿا تن کي بہ منع ٿو ڪري، ۽ ڪليسيا مان ڪڍيو ڇڏي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ