Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.يوحنا 1:1 - Sindhi Bible

1 هن بزرگ جي طرفان اُنهيءَ چونڊيل بيگم ۽ سندس ٻارن ڏانهن، جن کي آئون سچو پيار ٿو ڪريان؛ نہ رڳو آئون پر اُهي سڀ بہ جي سچ کي سڃاڻن ٿا؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 آءٌ جيڪو مهاتما سڏيو وڃان ٿو، سو هي خط مسيح ۾ چونڊيل تو مانواري ناريءَ ۽ تنهنجي ٻارن ڏانهن لکي رهيو آهيان. اوهان کي آءٌ سچائيءَ سبب پيار ٿو ڪريان، نہ رڳو آءٌ پر اهي سڀيئي پڻ جيڪي سچ کي ڄاڻين ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 آءٌ جيڪو بزرگ سڏيو وڃان ٿو، سو هي خط مسيح ۾ چونڊيل تو مانواري عورت ۽ تنهنجي ٻارن ڏانهن لکي رهيو آهيان. اوهان کي آءٌ سچائيءَ سبب پيار ٿو ڪريان، نہ رڳو آءٌ پر اهي سڀيئي پڻ جيڪي سچ کي ڄاڻين ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 ھن بزرگ جي طرفان تو خدا جي چونڊيل شريف عورت ۽ تنھنجي ٻارن ڏانھن سلام، جن کي آءٌ سچائيءَ سبب پيار ٿو ڪريان. نہ رڳو آءٌ پر اُھي سڀيئي جيڪي سچ کي سڃاڻن ٿا، سي بہ اوھان سان پيار ڪن ٿا،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.يوحنا 1:1
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري مون کي پڻ ائين سهڻو نظر آيو، تہ جن ڳالهين جي مون شروع کان پوري پوري جاچ ڪئي آهي، سي سموريون سلسلي وار تو ڏانهن لکي موڪليان؛


۽ اوهان کي سچ جي خبر پوندي، ۽ سچ اوهان کي آزاد ڪندو.


سو ائين ئي ڪيائون، ۽ برناباس ۽ شائول جي هٿان بزرگن ڏانهن ڏياري موڪليائون.


روفس، جو خداوند ۾ چونڊيل آهي، ۽ سندس ماءُ، جا منهنجي بہ ماءُ آهي، تن کي سلام ڏجو.


پر جڏهن مون ڏٺو تہ هو انجيل جي سچائيءَ موجب سنوان سڌا نٿا هلن، تڏهن مون انهن سڀني جي اڳيان ڪيفاس کي چيو تہ جي تون يهودي ٿي غير قومن وانگر ٿو گذارين ۽ نہ يهودين وانگر، تڏهن ڪيئن غير قومن کي زور ٿو ڪرين تہ هو يهودين وانگر گذارين؟


اُنهن جا اسين تابعدار نہ ٿياسين؛ نہ، هڪڙي گهڙي بہ نہ ٿياسين؛ انهي لاءِ تہ انجيل جي سچائي اوهان ۾ قائم رهندي اچي.


اي نادان گلتيو، هاڻي ڪنهن اوهان تي ڪامڻ وڌو؟ اوهان جي اکين اڳيان يسوع مسيح ظاهر ظهور صليب تي چاڙهيل ڏيکاريو ويو.


اوهين چڱيءَ طرح پئي ڊوڙيا؛ اوهان کي ڪنهن روڪيو تہ سچ کي نہ مڃو؟


انهيءَ اُميد جي ڪري جا اوهان جي لاءِ آسمان ۾ رکيل آهي. ۽ جنهن جو ذڪر اوهان اڳيئي انهيءَ خوشخبريءَ جي سچي ڪلام ۾ ٻُڌو آهي،


جنهن جي مرضي آهي تہ سڀني ماڻهن کي نجات ملي، ۽ سچ جي خبر پوينِ.


ڇالاءِ جو سچ جي سياڻپ حاصل ڪرڻ کانپوءِ جيڪڏهن اسين ڄاڻي ٻجهي گناهہ ڪنداسين تہ گناهن جي ڪابہ قرباني اڳتي باقي نہ رهندي،


۽ جيڪي خدا پيءُ جي سابق علم موجب چونڊيا ويا آهن، تہ روح جي پاڪ ڪرڻ سان فرمانبردار ٿين، ۽ يسوع مسيح جي رت ڇٽڪارڻ ڪري مخصوص ٿين. شل اوهان تي فضل ۽ اطمينان وڌندو رهي.


تنهنڪري اوهان ۾ جيڪي بزرگ آهن، تن کي آئون نصيحت ٿو ڪريان، جو آئون بہ اُنهن منجهان هڪڙو ۽ مسيح جي ڏکن جو شاهد آهيان، ۽ جيڪو جلال ظاهر ٿيڻ وارو آهي، تنهن ۾ بہ شريڪ آهيان؛


بابل واري ڪليسيا جا اوهان سان گڏ چونڊيل آهي، سا اوهان کي سلام ٿي موڪلي؛ ۽ اهڙيءَ طرح منهنجو فرزند مرقس بہ.


مون جو اوهان کي لکيو آهي سو هن ڪري نہ، تہ اوهان کي سچ جي خبر ڪانهي، پر هن ڪري تہ اوهان کي انهي جي خبر آهي، ۽ هن ڪري تہ سچ مان ڪو ڪوڙ نٿو نڪري.


اي منهنجا ننڍڙا ٻارو، اسان کي رڳو ڳالهين ۽ زبان جو نہ، پر عملي ۽ سچائيءَ جو پيار ڪرڻ کپي.


تنهنجي برگزيدہ ڀيڻ جا ٻار توکي سلام ٿا ڏين.


۽ هاڻي آئون توکي هڪڙو عرض ٿو ڪريان. آئون ڪو نئون حڪم ڪونہ ٿو لکان، پر اُهو پراڻو ئي حڪم جيڪو اسان کي شروعات ۾ مليو هو، تہ اسين هڪٻئي کي پيار ڪريون.


هن بزرگ جي طرفان پياري گايس ڏانهن، جنهن کي آئون دل و جان سان پيار ٿو ڪريان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ