Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 9:2 - Sindhi Bible

2 ڇالاءِ جو اوهان جي شوق جي خبر اٿم، جنهن جي ڪري آئون مڪدونيہ جي ماڻهن جي اڳيان اوهان تي فخر ٿو ڪريان، تہ اخيہ جا ماڻهو بہ سال کان تيار آهن؛ ۽ اوهان جي سرگرميءَ انهن مان گهڻن کي جوش ڏياريو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 ڇاڪاڻ تہ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهين مدد ڪرڻ لاءِ ڪيڏو نہ شوق رکو ٿا. انهيءَ ڪري آءٌ مڪدُنيا صوبي جي ماڻهن اڳيان اوهان تي فخر ٿو ڪريان تہ اوهين اخيا صوبي جا ماڻهو گذريل سال کان مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهيو. اوهان جي انهيءَ سرگرميءَ جو ٻڌي انهن مان گھڻن ۾ مدد ڪرڻ جو جوش پيدا ٿيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 ڇاڪاڻ تہ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهين مدد ڪرڻ لاءِ ڪيڏو نہ شوق رکو ٿا. انهيءَ ڪري آءٌ مڪدُنيا صوبي جي ماڻهن اڳيان اوهان تي فخر ٿو ڪريان تہ اوهين اخيا صوبي جا ماڻهو گذريل سال کان مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهيو. اوهان جي انهيءَ سرگرميءَ جو ٻڌي انهن مان گھڻن ۾ مدد ڪرڻ جو جوش پيدا ٿيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 ڇالاءِ⁠جو مون کي خبر آھي تہ اوھين مدد ڪرڻ لاءِ شوق رکو ٿا. جنھن جي ڪري آءٌ مڪدونيا پرڳڻي جي ماڻھن اڳيان اوھان تي فخر ٿو ڪريان تہ اوھين اخيا پرڳڻي جا ماڻھو گذريل سال کان مدد ڪرڻ لاءِ تيار آھيو. اوھان جي سرگرميءَ انھن مان گھڻن کي جوش ڏياريو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 9:2
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جن ڏينهن ۾ گليو، اخيہ جو حاڪم هو، تن ڏينهن ۾ يهودي پاڻ ۾ ٻَڌي ڪري پولس تي ڪاهي آيا، ۽ عدالت ۾ وٺي آيس؛


هاڻي آئون گهڻن ورهين کان پوءِ آيس تہ پنهنجي قوم کي خيرات ڏيان ۽ نذر چاڙهيان.


ڇالاءِ جو مڪدونيہ ۽ اخيہ وارن جي مرضي آهي تہ يروشلم جي پاڪ ٿيلن ۾ جي غريب آهن، تن لاءِ ڪجهہ نذرانو موڪلين.


هاڻي اي ڀائرو، آئون اوهان کي عرض ٿو ڪريان، (اوهان کي استفناس جي گهراڻي وارن جي خبر آهي تہ اُهي اخيہ جو پهريون ڦل آهن، ۽ اُهي پاڪ ٿيلن جي خدمت ڪرڻ لاءِ تيار ٿا رهن،)


پولس، جو خدا جي مرضيءَ موجب مسيح يسوع جو رسول آهي، انهي ۽ اسان جي ڀاءُ تيمٿيس جي طرفان، خدا جي اُنهيءَ ڪليسيا ڏانهن، جا ڪرنٿيس ۾ آهي، ۽ انهن سڀني پاڪ ٿيلن ڏانهن، جي ساري اخيہ ۾ آهن:


ڇالاءِ جو جيڪڏهن مون هن جي اڳيان اوهان جي بابت ڪو فخر ظاهر ڪيو، تہ آئون شرمندو نہ ٿيس، پر جيئن اسان اوهان سان سڀ ڳالهيون سچيون ڪيون، تيئن جيڪو فخر مون طيطس جي اڳيان ڪيو، سو بہ سچو ثابت ٿيو.


آئون اوهان سان وڏي جرئت ڪري ٿو ڳالهايان، آئون اوهان تي وڏو فخر ٿو ڪريان: مون کي پوري تسلي آهي؛ ۽ آئون پنهنجين سڀني مصيبتن ۾ نهايت خوش ٿو رهان.


۽ انهيءَ ڳالهہ بابت آئون پنهنجي راءِ ٿو ڏيان، ڇالاءِ جو اها اوهان جي لاءِ فائدي واري آهي، جو اوهين گذريل سال نہ فقط انهي ڪم جي شروع ڪرڻ ۾ پر ارادي ڪرڻ ۾ بہ پهريان هئا.


هاڻي اهو ڪم پورو بہ ڪريو، تہ جيئن اوهين ارادي ڪرڻ ۾ تيار هئا، تيئن پنهنجي طاقت آهر انهي کي پورو بہ ڪريو.


نہ رڳو ايترو پر هن کي ڪليسيائن مقرر ڪيو هو تہ خيرات جي نسبت اسان سان گڏ سفر ڪري، جنهن خيرات جي خدمت اسين خداوند جو جلال ظاهر ڪرڻ لاءِ شوق سان ٿا ڪريون:


تنهنڪري اوهين پنهنجي محبت، ۽ اوهان جي طرفان اسين جو فخر ٿا ڪريون، سو ڪليسيائن جي روبرو انهن کي ثابت ڪري ڏيکاريو.


آئون حڪم وانگر ائين نٿو چوان، پر انهي لاءِ ٿو چوان تہ ٻين جي سرگرميءَ سان اوهان جي محبت جي سچائي آزمايان.


ايتري قدر جو مڪدونيہ ۽ اخيہ جي سڀني ايماندارن لاءِ اوهين نمونو ٿيا.


۽ اچو تہ محبت ۽ چڱن ڪمن ۾ همتائڻ لاءِ هڪٻئي جو خيال رکون؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ