Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 9:14 - Sindhi Bible

14 ۽ هو پاڻ بہ اوهان جي لاءِ دعا ٿا گهُرن، ۽ خدا جو جيڪو گهڻو فضل اوهان تي آهي تنهن جي ڪري اوهان جا مشتاق ٿا رهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 ان کان علاوہ اوهان تي ايشور جي انهيءَ مهان ڪرپا کي ڏسي هو اوهان لاءِ ڏاڍي چاهت سان پرارٿنا ڪندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 ان کان علاوہ اوهان تي خدا جي انهيءَ عظيم فضل کي ڏسي هو اوهان لاءِ ڏاڍي چاهت سان دعا گھرندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 ھو اوھان لاءِ ڏاڍي محبت سان دعا ٿا گھرن، ڇاڪاڻ⁠تہ خدا جو اوھان تي تمام گھڻو فضل آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 9:14
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ابي سلوم جي نوڪرن امنون سان ائين ئي ڪيو، جيئن ابي سلوم حڪم ڏنو هون. تڏهن سڀيئي شهزادا اُٿيا، ۽ سڀڪو ماڻهو پنهنجي خچر تي چڙهي اُٿي ڀڳو،


جيڪو اَنُ گڏ ڪري روڪي رکي ٿو تنهن کي خلق پِٽيندي: پر جيڪو اُهو وڪڻي ٿو تنهنجي سر تي دعا نازل ٿيندي.


۽ آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ ناراستيءَ جي دولت سان پنهنجي لاءِ دوست پيدا ڪري ڇڏيو، تہ جڏهن اُها کٽي وڃي، تڏهن اُهي اوهان کي مدامي مڪانن ۾ قبول ڪن.


ڇالاءِ جو مون کي اوهان جي ڏسڻ جي ڏاڍي سڪ آهي، انهي لاءِ تہ اوهان کي ڪا روحاني بخشش پهچايان، جنهن جي ڪري اوهين قائم ٿيو:


اوهين بہ پنهنجي دعا سان اسان جي مدد ڪجو، تہ جيڪا نعمت اسان کي گهڻن جي وسيلي ملي آهي، تنهن جي لاءِ اسان جي طرفان گهڻا ماڻهو شڪرانا ڪن.


هاڻي، اي ڀائرو، اسين اوهان کي خدا جي انهي فضل جي خبر ٿا ڏيون جو مڪدونيہ جي ڪليسيائن تي ٿيو آهي؛


انهيءَ خدمت سان اوهان جي آزمائش ٿي ٿئي، تہ ڪيئن اوهين مسيح جي خوشخبري قبول ڪري تابعداري ٿا ڏيکاريو، ۽ هنن کي ۽ سڀني کي مدد ڏيئي سخاوت ٿا ڪريو، تنهنڪري هو خدا جي وڏائي ظاهر ٿا ڪن.


شڪر خدا جو انهيءَ بخشش لاءِ، جا بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي.


ڇالاءِ جو خدا منهنجو شاهد آهي تہ آئون مسيح يسوع جي اُلفت ڪري اوهان سڀني جي لاءِ ڪيترو نہ پيو سِڪان.


هن کي اوهان سڀني جي ڏاڍي سڪ هئي، ۽ اوهان سندس بيماريءَ جي خبر ٻُڌي هئي، تنهنڪري هو ڏاڍو بي آرام ٿي رهيو.


تنهنڪري، اي منهنجا پيارا ڀائرو، جن جو آئون مشتاق آهيان ۽ جي منهنجي خوشي ۽ تاج آهيو، خداوند ۾ انهي طرح قائم رهو.


۽ ايمان ۽ محبت جا مسيح يسوع ۾ آهي، تنهن سان اسان جي خداوند جو فضل مون تي نهايت گهڻو ٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ