Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 9:10 - Sindhi Bible

10 ۽ جيڪو هاريءَ کي ٻج ۽ کائڻ لاءِ ماني ٿو ڏئي، سو اوهان کي بہ پوکڻ لاءِ ٻج موجود ڪري ڏيندو، ۽ منجهس واڌ وجهندو، ۽ اوهان جي راستبازيءَ جو ڦل بہ وڌائيندو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

10 ايشور جيڪو پوکيندڙ کي ٻج ۽ کائڻ واري کي روٽي ٿو ڏئي، سو اوهان کي بہ پوکڻ لاءِ ٻج ڏيئي انهيءَ کي وڌائيندو ۽ اوهان جي سخاوت جي ڦل ۾ واڌارو آڻيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 خدا جيڪو پوکيندڙ کي ٻج ۽ کائڻ واري کي ماني ٿو ڏئي، سو اوهان کي بہ پوکڻ لاءِ ٻج ڏيئي انهيءَ کي وڌائيندو ۽ اوهان جي سخاوت جي ڦل ۾ واڌارو آڻيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

10 خدا، جيڪو پوکيندڙ کي ٻج ۽ کائڻ لاءِ ماني ٿو ڏئي، سو اوھان کي بہ پوکڻ لاءِ ٻج ڏيندو ۽ انھيءَ کي وڌائيندو. اھو ئي اوھان جي سخاوت جو ڦل بہ وڌائيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 9:10
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اسين توڙي اسان جي زمين تنهنجي هوندي ڇو برباد ٿيون؟ اسان کي ۽ اسان جيءَ زمين کي کاڌي جي عيوض خريد ڪر: اسين پنهنجيءَ زمين سوڌو فرعون جا ٻانها ٿينداسين: اسان کي ٻج ڏي تہ اسين جيئرا رهون ۽ مري نہ وڃون، ۽ اسان جي زمين بہ ويران نہ ٿئي.


شرير ماڻهو ٺڳيءَ جي ڪمائي ڪمائي ٿو: پر جيڪو سچائي پوکي ٿو تنهن کي سچو انعام ملي ٿو.


صبح جو پنهنجو ٻج پوک ۽ شام جو پنهنجو هٿ نہ جهل: ڇالاءِ جو توکي خبر ڪانهي تہ ڪهڙو ڪمائتو ٿيندو، هي يا هو، يا اُهي ٻئي هڪ جهڙا چڱا ٿيندا.


ڇالاءِ تہ جيئن آسمان مان مينهن وسي ٿو ۽ برف پوي ٿي، ۽ اُهي اوڏانهن موٽي نٿا وڃن، پر زمين کي ريج ٿا ڏين، تہ انهيءَ مان ڪجهہ اُڀري، ۽ ڪليون ڄمن، ۽ پوکڻ واري کي ٻج، ۽ کائڻ واري کي ماني ملي؛


اوهين پنهنجي لاءِ سچائي پوکيو، تہ رحم موافق لڻو؛ پنهنجي غير آباد زمين کيڙيو: ڇالاءِ جو خداوند کي ڳولڻ جو هي وقت آهي، جيستائين هو اچي، ۽ اوهان تي سچائيءَ جو مينهن وسائي.


خبردار ٿيو، متان ماڻهن کي ڏيکارڻ جي لاءِ انهن جي اڳيان چڱا ڪم ڪريو، نہ تہ اوهان جو پيءُ جو آسمان ۾ آهي تنهن کان اجر ڪونہ ملندوَ:


ڇالاءِ جو انهيءَ خدمتگاريءَ جي ڪري نہ فقط پاڪ ٿيلن جون گهُرجون پوريون ٿيون ٿين، پر انهي ڪري گهڻيئي ماڻهو خدا جي وڌيڪ شڪرگذاري بہ ٿا ڪن.


پر آئون هيترو چوان ٿو تہ جيڪو ٿورو ٿو پوکي سو ٿورو لُڻندو، ۽ جيڪو سخاوت سان پوکي ٿو، سو سخاوت سان لُڻندو.


جيڪو اوهان کي روح ٿو بخشي، ۽ اوهان ۾ معجزا ٿو ڪري، سو اوهان جي شريعت جي ڪمن سببان ائين ٿو ڪري، يا ايمان جي پيغام ٻُڌڻ جي سببان؟


(ڇالاءِ جو روشنيءَ جو ڦل هر طرح جي چڱائيءَ ۽ راستبازيءَ ۽ سچائيءَ ۾ آهي،)


۽ سچائي جي انهن ڦلن سان ڀريل رهو، جي يسوع مسيح جي ڪري آهن، تہ خدا جو جلال ۽ سندس تعريف ظاهر ٿئي.


ائين نہ آهي تہ آئون بخشش ٿو گهُران؛ پر آئون اُهو ڦل ٿو گهُران جو اوهان جي بِلي وڌندو وڃي.


۽ خداوند اوهان جي محبت هڪٻئي لاءِ، ۽ سڀني ماڻهن لاءِ وڌائي زيادہ ڪري، جيئن ڪ اسان جي اوهان سان آهي؛


جيئن ڪ سچ پچ مڪدونيہ جي سڀني ڀائرن سان اوهين ڪريو بہ ٿا. پر اي ڀائرو، اسين اوهان کي منٿ ٿا ڪريون تہ اڃا بہ وڌندا وڃو؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ