Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 8:7 - Sindhi Bible

7 پر جيئن اوهين سڀ ڪنهن ڳالهہ ۾، يعني ايمان ۽ ڪلام ۽ علم ۾، هر طرح جي سرگرميءَ ۾، ۽ اسان ڏانهن پنهنجي محبت ۾ وڌندا ٿا وڃو، تيئن هن فضل ۾ بہ وڌندا وڃو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 جيئن تہ اوهين هر ڳالهہ يعني وشواس ۾، اُپديش ڏيڻ ۾، ڄاڻ توڙي هر طرح جي سرگرميءَ ۾ ۽ انهيءَ پريم ۾ جيڪو اسان سان رکو ٿا وڌندا ٿا وڃو، سو هن ڀلائيءَ واري ڪم ۾ بہ وڌندا وڃو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 جيئن تہ اوهين هر ڳالهہ يعني ايمان ۾، پيغام ڏيڻ ۾، ڄاڻ توڙي هر طرح جي سرگرميءَ ۾ ۽ انهيءَ محبت ۾ جيڪا اسان سان رکو ٿا وڌندا ٿا وڃو، سو هن ڀلائيءَ واري ڪم ۾ بہ وڌندا وڃو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

7 پر جيئن اوھان ھر ڳالھہ ۾ يعني ايمان آڻڻ ۽ ڪلام ڪرڻ ۾، علم ۽ ھر طرح جي سرگرميءَ ۾ ۽ انھيءَ محبت ۾ جيڪا اسان سان رکو ٿا وڌندا ٿا وڃو، تيئن ھن سخاوت جي ڪم ۾ بہ وڌندا وڃو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 8:7
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جنهن کي ٻہ قنطار مليا هئا، تنهن بہ اچي چيو تہ سائين، تو مون کي ٻہ قنطار ڏنا هئا: اِجهي ٻہ ٻيا قنطار جي مون ڪمايا آهن.


اي منهنجا ڀائرو، مون کي بہ پاڻ اوهان جي نسبت ۾ اهو يقين آهي تہ اوهين نيڪيءَ سان ڀريل، ۽ سڀ علم سان ڀرپور آهيو، ۽ هڪ ٻئي کي نصيحت بہ ڪري سگهو ٿا.


جو اوهين انهي ۾ ٿي ڪري سڀني ڳالهين ۾، يعني ڪلام ۽ علم ۾ دولتمند ٿي ويا آهيو،


ڇو جو اسان سڀني کي هڪڙي ئي روح جي ڪري هڪڙي ئي بدن ۾ بپتسما ملي، پوءِ ڇا يهودي، ڇا يوناني، ڇا غلام، ڇا آزاد، ۽ سڀني کي هڪڙي ئي روح مان پياريو ويو.


ڇالاءِ جو هڪڙي کي روح جي وسيلي سياڻپ جو ڪلام ٿو ملي، ٻئي کي ساڳئي روح موجب علميت جو ڪلام،


۽ جي مون کي نبوت مليل هجي، ۽ سڀيئي راز ۽ سڀ علم ڄاڻندو هجان، ۽ جي منهنجو ايمان اهڙو ڪامل هجي جو جبلن کي هٽائي پاسي ڪري ڇڏيان، پر محبت نہ هجيم، تہ آئون ڪي ڪين آهيان.


محبت کي زوال ڪونهي؛ پر جي نبوتون هونديون تہ اهي بند ٿي وينديون؛ جي زبانون هونديون تہ اُهي بس ٿي وينديون؛ جي علم هوندو تہ اُهو ميٽجي ويندو.


تنهنڪري اوهين بہ، جن کي روحاني نعمتن جي آرزو آهي، سي اها ڪوشش ڪريو تہ اوهان جي نعمتن جي وڌڻ ڪري ڪليسيا جو سڌارو ٿئي.


ڇالاءِ جو تو ۾ ۽ ٻئي ۾ تفاوت ڪير ٿو پيدا ڪري؟ ۽ تو وٽ اُها ڪهڙي شيءِ آهي جا توکي نہ ملي آهي؟ پر جي اُها توکي مفت ملي آهي، تہ پوءِ فخر ڇو ٿو ڪرين، جو ڄڻ تہ ڪانہ ملي اٿيئي؟


۽ نہ فقط سندس اچڻ ڪري پر اوهان هن کي تسلي ڏني تنهنڪري بہ، ۽ هن اسان کي اوهان جي دل جي خواهش، اوهان جو غم، ۽ اوهان کي مون لاءِ جو شوق آهي سو بيان ڪري ٻُڌايو، جنهنڪري آئون پاڻ زيادہ خوش ٿيس.


ايتري قدر جو اسان طيطس کي هدايت ڪئي، تہ جيئن هن پهرين اوهان ۾ اها نعمت شروع ڪئي هئي، تيئن انهي کي پورو بہ ڪري.


۽ هو پاڻ بہ اوهان جي لاءِ دعا ٿا گهُرن، ۽ خدا جو جيڪو گهڻو فضل اوهان تي آهي تنهن جي ڪري اوهان جا مشتاق ٿا رهن.


۽ خدا اوهان تي بيحد فضل ڪرڻ لاءِ قادر آهي؛ انهي لاءِ تہ اوهان کي سڀڪا شئي هميشہ پوريءَ طرح سان ملندي رهي، ۽ سڀ ڪنهن چڱي ڪم جي لاءِ اوهان وٽ سڀ ڪجهہ هجي.


اوهان جي وات مان ڪابہ گندي ڳالهہ نہ نڪري، پر اهڙي جا ضرورت موافق سڌاري جي لاءِ چڱي هجي، تہ ٻُڌڻ واري کي انهيءَ مان فضل حاصل ٿئي.


۽ سچائي جي انهن ڦلن سان ڀريل رهو، جي يسوع مسيح جي ڪري آهن، تہ خدا جو جلال ۽ سندس تعريف ظاهر ٿئي.


۽ آئون هيءَ دعا ٿو گهُران تہ اوهان جي محبت، علم ۽ هر طرح جي سمجهہ، شل ڏينهون ڏينهن وڌندي وڃي؛


اي ڀائرو، اسان تي فرض آهي تہ اوهان جي لاءِ هميشہ خدا جو شڪر ڪريون، ۽ گهرجي بہ ائين، ڇالاءِ جو اوهان جو ايمان گهڻو وڌندو ٿو وڃي، ۽ اوهان سڀني ۾ هرهڪ جو پيار پاڻ ۾ زيادہ ٿيندو ٿو وڃي،


تنهنڪري اي منهنجا فرزند، جيڪو فضل مسيح يسوع ۾ آهي، تنهن ۾ تون زور وارو ٿيءُ.


تنهنڪري اچو تہ جيڪا بادشاهت لڏڻ جي نہ آهي، سا حاصل ڪري اهو فضل هٿ ڪريون، جنهن ڪري اهڙي ادب ۽ خوف سان عبادت ڪريون، جو اُها خدا کي پسند اچي؛


جڏهن اوهان حق جي تابعداري ڪري پنهنجن روحن کي پاڪ ڪيو تہ ڀائرن سان حقيقي محبت ڪريو، تڏهن دل و جان سان هڪٻئي کي پيار ڪريو.


بلڪ اسان جي خداوند ۽ نجات ڏيندڙ يسوع مسيح جي فضل ۽ سڃاڻپ ۾ وڌندا وڃو. شل انهي جو جلال هاڻي بہ ۽ هميشہ جي لاءِ هجي. آمين.


ڇالاءِ جو تون چوين ٿو تہ آئون دولتمند آهيان، ۽ گهڻي دولت گڏ ڪئي اٿم، ۽ ڪنهن بہ شيءِ جي گهُرج ڪانہ اٿم؛ پر توکي اها خبر ڪانهي تہ تون ڪمبخت، ڏکيو، ۽ ڪنگال، انڌو ۽ اُگهاڙو آهين؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ