Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 8:6 - Sindhi Bible

6 ايتري قدر جو اسان طيطس کي هدايت ڪئي، تہ جيئن هن پهرين اوهان ۾ اها نعمت شروع ڪئي هئي، تيئن انهي کي پورو بہ ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

6 تنهنڪري اسان طيطس کي هدايت ڪئي آهي تہ امداد ڏيارڻ وارو جيڪو ڪم هن اوهان کان شروع ڪيو هو سو پورو بہ ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 تنهنڪري اسان طيطس کي هدايت ڪئي آهي تہ امداد ڏيارڻ وارو جيڪو ڪم هن اوهان کان شروع ڪيو هو سو پورو بہ ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

6 تنھنڪري اسان طيطس کي ھدايت ڪئي تہ جيئن ھن پھريائين اھو سخا جو ڪم شروع ڪيو ھو، تيئن اوھان ۾ پورو بہ ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 8:6
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي آئون گهڻن ورهين کان پوءِ آيس تہ پنهنجي قوم کي خيرات ڏيان ۽ نذر چاڙهيان.


پر في الحال آئون پاڪ ٿيلن جي خدمت ڪرڻ لاءِ يروشلم ڏانهن ٿو وڃان.


مون طيطس کي سمجهائي ساڻس گڏ هن ڀاءُ کي بہ موڪليو. پوءِ طيطس اوهان کان ڪو فائدو ورتو ڇا؟ اسان ٻنهي جي هلت هڪڙي ئي روح جي هدايت موجب نہ هئي ڇا؟ ۽ هڪڙي ئي طريقي تي نہ هلياسين ڇا؟


تڏهن منهنجي روح کي آرام نہ آيو، ڇالاءِ جو مون پنهنجي ڀاءُ طيطس کي اُتي نہ ڏٺو؛ پوءِ هنن کان موڪلائي مڪدونيہ ڏانهن هليو ويس.


۽ انهيءَ ڳالهہ بابت آئون پنهنجي راءِ ٿو ڏيان، ڇالاءِ جو اها اوهان جي لاءِ فائدي واري آهي، جو اوهين گذريل سال نہ فقط انهي ڪم جي شروع ڪرڻ ۾ پر ارادي ڪرڻ ۾ بہ پهريان هئا.


نہ رڳو ايترو پر هن کي ڪليسيائن مقرر ڪيو هو تہ خيرات جي نسبت اسان سان گڏ سفر ڪري، جنهن خيرات جي خدمت اسين خداوند جو جلال ظاهر ڪرڻ لاءِ شوق سان ٿا ڪريون:


جيڪڏهن ڪو طيطس بابت پڇي تہ انهي کي خبر هجي تہ هو منهنجو شريڪ آهي، ۽ اوهان جي خدمت ڪرڻ ۾ منهنجو رفيق آهي، يا جي ڪو اسانجن ڀائرن بابت پڇي تہ انهي کي خبر هجي تہ اُهي ڪليسيائن جا قاصد ۽ مسيح جو جلال آهن.


۽ پاڪ ٿيلن جي خدمت ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ڏاڍي منٿ زاريءَ سان عرض ڪيائون؛


تنهنڪري مون ڀائرن کي اهو عرض ڪرڻ ضروري سمجهيو، تہ هو اڳڀرو اوهان وٽ اچن، ۽ جنهن خيرات جو اوهان انجام ڪيو آهي، سا جمع ڪن، تہ اُها بخشش وانگر تيار ٿئي نہ زور زبردستيءَ وانگر.


پر مون وٽ سڀ ڪجهہ موجود آهي ۽ ججهو ئي اٿم؛ اوهان جون موڪليل شيون اپفروديتس جي هٿان مون کي مليون، جنهنڪري آئون بلڪل آسودو ٿيو آهيان، اها خوشبوءِ ۽ وڻندڙ قرباني خدا وٽ قبول پوندي.


جيئن هر ڪنهن کي نعمت ملي، تيئن خدا جي فضل جا چڱا مختيار ٿي هڪٻئي جي خدمت ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ