Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 8:4 - Sindhi Bible

4 ۽ پاڪ ٿيلن جي خدمت ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ڏاڍي منٿ زاريءَ سان عرض ڪيائون؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

4 هنن اسان کي ڏاڍي منٿ ڪندي وينتي ڪئي تہ ”مهرباني ڪري اسان کي اهو موقعو ڏنو وڃي تہ جيئن اسين يروشلم وارن مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن لاءِ سيوا واري ڪم ۾ شريڪ ٿيون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 هنن اسان کي ڏاڍي منٿ ڪندي عرض ڪيو تہ ”مهرباني ڪري اسان کي اهو موقعو ڏنو وڃي تہ جيئن اسين يروشلم وارن مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن لاءِ خدمت واري ڪم ۾ شريڪ ٿيون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

4 ھنن اسان کي ڏاڍي منٿ ۽ زاريءَ سان عرض ڪيو تہ کين ھي موقعو ڏنو وڃي تہ جيئن ھو يھوديہ جي ايمان وارن لاءِ خدمت ۾ شريڪ ٿي سگھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 8:4
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو هنن ننڍڙن منجهان هڪڙي کي منهنجو شاگرد ڄاڻي رڳو ٿڌي پاڻيءَ جو پيالو پياريندو، سو ڪنهن بہ طرح پنهنجو اجر نہ وڃائيندو.


ڇالاءِ جو منهنجو پيءُ، جو آسمان ۾ آهي، تنهن جي مرضيءَ موجب جيڪو هلندو، سو ئي منهنجو ڀاءُ ۽ ڀيڻ ۽ ماءُ آهي.


۽ بادشاهہ ورندي ڏيئي چوندن تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ جڏهن اوهان منهنجن هنن ڀائرن مان سڀ کان ننڍي سان ائين ڪيو، تہ مون سان ائين ڪيو.


ڇالاءِ جو غريب تہ هميشہ ئي اوهان وٽ هوندا، ۽ جڏهن بہ اوهان جي مرضي ٿيندي، تڏهن هنن سان ڀلائي ڪري سگهندا، پر آئون هميشہ اوهان وٽ نہ هوندس.


سو شاگردن مان هرهڪ ارادو ڪيو تہ جيڪي ڀائر يهوديہ ۾ رهندا آهن، تن ڏانهن پنهنجي وسعت آهر ڪجهہ مدد طور موڪليون.


۽ جڏهن انهيءَ، توڙي سندس گهر جي سڀني ڀاتين بپتسما ورتي، تڏهن اسان کي منٿ ڪري چوڻ لڳي تہ جيڪڏهن اوهين مون کي خداوند جي ايماندار بندي ڪري ٿا سمجهو، تہ منهنجي گهر هلي رهو. ۽ زور ڪري اسان کي وٺي ويئي.


هاڻي آئون گهڻن ورهين کان پوءِ آيس تہ پنهنجي قوم کي خيرات ڏيان ۽ نذر چاڙهيان.


تہ يهوديہ ۾ جيڪي نافرمان آهن، تن کان آئون ڇُٽي پوان، ۽ يروشلم ۾ جيڪا خدمت ڪرڻي اٿم، سا شل پاڪ ٿيلن وٽ قبول پوي؛


هاڻي انهي چندي بابت، جو پاڪ ٿيلن جي لاءِ آهي: جيئن مون گلتيہ جي ڪليسيائن کي حڪم ڏنو، تيئن اوهين بہ ڪجو.


هاڻي اي ڀائرو، آئون اوهان کي عرض ٿو ڪريان، (اوهان کي استفناس جي گهراڻي وارن جي خبر آهي تہ اُهي اخيہ جو پهريون ڦل آهن، ۽ اُهي پاڪ ٿيلن جي خدمت ڪرڻ لاءِ تيار ٿا رهن،)


پاڪ ٿيلن جي خدمت جي بابت منهنجو اوهان کي لکڻ اجايو آهي:


رڳو هنن اها خواهش ڏيکاري تہ اسان کي غريبن جي يادگيري رکڻ گهرجي. پر انهي ساڳئي ڪم ڪرڻ ۾ آئون اڳيئي سرگرم هوس.


تنهنڪري جڏهن اسان کي وجهہ آهي، تڏهن اچو تہ سڀني ماڻهن سان نيڪيءَ جا ڪم ڪريون، خاص ڪري اُنهن سان، جي ايمان وارن جي جماعت جا آهن.


جا چڱن ڪمن جي ڪري مشهور هجي؛ ٻارن کي پاليو هجيس، مسافرن جي مهمان نوازي ڪئي هجيس، پاڪ ٿيلن جا پير ڌوتا هجنس، ڏکويلن جي مدد ڪئي هجيس، سڀ ڪنهن چڱي ڪم ۾ سعيي سان لڳي هجي.


ڇالاءِ جو خدا اهڙو بي انصاف ناهي جو اوهان جو اُهو پورهيو، ۽ اوهان جي اُها محبت وساري ڇڏي، جا اوهان سندس نالي تي اهڙيءَ طرح ڏيکاري، جو پاڪ ٿيلن جي خدمت ڪئي اٿوَ ۽ اڃا تائين پيا ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ