Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 8:2 - Sindhi Bible

2 تہ ڪهڙيءَ طرح مصيبت جي وڏيءَ آزمائش ۾ انهن جي خوشي وڌي ويئي، ۽ ڏاڍيءَ غريبيءَ جي ڪري سندين سخاوت جي دولت تمام گهڻي ٿي ويئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 اها هن ڳالهہ مان ظاهر ٿي جو مصيبت جي وڏي آزمائش ۾ انهن جي وڏي خوشيءَ ۽ بيحد غريبيءَ انهن ۾ امداد ڏيڻ جي سخاوت کي حد کان گھڻو وڌائي ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 اهو هن ڳالهہ مان ظاهر ٿيو جو مصيبت جي وڏي آزمائش ۾ انهن جي وڏي خوشيءَ ۽ بيحد غريبيءَ انهن ۾ امداد ڏيڻ جي سخاوت کي حد کان گھڻو وڌائي ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 مصيبت جي وڏي آزمائش ۾ انھن جي خوشي وڌي ويئي ۽ بيحد غريب ھوندي بہ سندن سخاوت جي دولت گھڻي وڌي ويئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 8:2
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سخي دل وارو ٿلهو متارو ڪيو ويندو: ۽ جيڪو ٻئي کي پاڻي ڏئي ٿو تنهن کي پنهنجي لاءِ بہ پاڻي ڏنو ويندو.


مون کي اهو حق ڪونهي ڇا تہ پنهنجي پئسي سان جيئن وڻيم تيئن ڪريان؟ ڇالاءِ جو آئون ڀلو آهيان، تنهنڪري تون برو ٿو سمجهين ڇا؟


يا جيڪو نصيحت ڪندڙ هجي سو نصيحت ڪرڻ ۾ رڌل رهي: جيڪو خيرات ڏئي سو سخاوت سان ڏئي؛ جيڪو حاڪم هجي، سو لياقت سان حڪم هلائي؛ جيڪو رحم ڏيکاري سو خوشيءَ سان ڏيکاري.


يا تون سندس ڀلائي ۽ تحمل، ۽ صبر جي نعمتن کي حقير ٿو ليکين ڇا، ۽ ايترو نٿو سمجهين تہ خدا جي ڀلائي توکي توبهہ ڏانهن مائل ٿي ڪري؟


ڇالاءِ جو اسان جو فخر هيءُ آهي، ۽ اسان جي دل بہ شاهدي ٿي ڏئي، تہ اسان دنيا ۾ ۽ خاص ڪري اوهان ۾ جيڪا هلت چلت ڪئي، سا جسماني ڏاهپ سان نہ، پر پاڪيزگيءَ، ۽ راستبازيءَ، ۽ خدا جي فضل سان.


ڇالاءِ جو مون انهي لاءِ بہ لکيو تہ آئون اوهان کي آزمايان تہ سڀني ڳالهين ۾ فرمانبردار آهيو يا نہ.


غمگينن وانگر، مگر هميشہ خوش؛ غريبن وانگر، مگر گهڻن کي شاهوڪار ٿا ڪريون؛ سُڃن سکڻن وانگر، مگر سڀ ڪجهہ رکڻ وارا.


۽ اوهين سڀ ڪنهن ڳالهہ ۾ هر طرح جي سخاوت لاءِ دولتمند ٿيندا، جنهنڪري اسان جي معرفت خدا جي شڪرگذاري ڪرڻ ۾ ٿي اچي.


انهيءَ خدمت سان اوهان جي آزمائش ٿي ٿئي، تہ ڪيئن اوهين مسيح جي خوشخبري قبول ڪري تابعداري ٿا ڏيکاريو، ۽ هنن کي ۽ سڀني کي مدد ڏيئي سخاوت ٿا ڪريو، تنهنڪري هو خدا جي وڏائي ظاهر ٿا ڪن.


اوهان منجهہ ڪوبہ ڪنگال نہ رهندو؛ (ڇالاءِ تہ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ورثي طور قبضي ۾ ٿو ڏئي، تنهن ۾ هو ضرور برڪت وجهندو؛)


۽ اوهان پاڪ روح جي خوشيءَ سان گهڻيءَ مصيبت ۾ ڪلام قبول ڪري، اسان وانگر هلي، خداوند جي پيروي ڪئي؛


ڇالاءِ جو اي ڀائرو، يسوع مسيح ۾ جيڪي خدا جون ڪليسيائون يهوديہ ۾ آهن، تن جا اوهين پوئلڳ ٿيا: هن ڪري جو اوهان بہ پنهنجن هم وطن ماڻهن کان ساڳيون اُهي تڪليفون سَٺيون، جي هنن يهودين کان سَٺيون؛


منهنجا پيارا ڀائرو ٻُڌو، خدا هن جهان جي غريبن کي ايمان ۾ ڀرپور ۽ انهي بادشاهت جو وارث ٿيڻ لاءِ پسند نہ ڪيو آهي ڇا، جنهن جو واعدو هن پنهنجي محبت ڪندڙن سان ڪيو آهي؟


مون کي تنهنجي مصيبت ۽ تنهنجي مفلسيءَ جي خبر آهي، (پر تون تونگر آهين) ۽ جيڪي پاڻ کي يهودي ٿا سڏائين، ۽ آهن ڪين، پر شيطان جي جماعت آهن، تن جي خبر اٿم تہ ڪيئن نہ تنهنجي گلا پيا ڪن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ